پاڪستاننيو‍‍ز

سکر ۽ روهڙي ۾ خراب پاڻي جي سپلاءِ تي واٽر ڪميشن ناراض

هڪ جسٽس تي مشتمل سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل ڪميشن جي جسٽس عامر هاني سکر ۽ روهڙي ۾ خراب پاڻي جي سپلاءِ جي معاملي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. جسٽس عامر هاني سکر جي ميئر ارسلان ۽ ڊپٽي ڪمشنر رحيم بخش ميتلو کان پڇيو ته ڇا توهان اهو پاڻي پيتو آهي جنهن جي جواب ۾ هنن جا ڪنڌ جهڪي ويا، جنهن تي جج صاحب هنن کي چيو ته اهڙي پاڻي جي سپلاءِ کان ته بهتر آهي ته ان کي بند ڪري ڇڏيو ۽ عوام کي هن قسم جي زهر کان بچايو. جنهن کانپوءِ جج صاحب انٽرنيشنل پروٽيڪشن ايجنسي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي سائيٽ جي دوري دوران انڊسٽريل پلانٽ جي پاڻي جي ٽريٽمينٽ جي سهولت نه هجڻ سبب سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن بعد جج صاحب هن کي هڪ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو چيو جنهن ۾ هو ٻڌائيندو ته انڊسٽريل يونٽس ۾ ڪل ڪيترا ٽريٽمينٽ پلانٽ موجود آهن، جنهن جي جواب ۾ ڊائريڪٽر چيو ته ڪل 59 انڊسٽريل يونٽس آهن جن مان اڪثر ٽريٽمينٽ پلانٽ موجود نه آهن. جسٽس هاني روهڙي جي چيف ميونسپل آفيسر کي هدايت ڪئي ته هو ٽن ڏينهن اندر حوضن ۽ پاڻي جي ذخيرن جي صفائي ڪرائي ۽ سول جج کي ان ڪم تي نگراني جو حڪم ڏنو.