تعليم، طبقات ۽ معيار
ڪير ڪيترو به چئي، پر اسان وٽ تعليم طبقات ۾ ئي رهندي، ۽ معيار به ائين ڪلاسيفائيڊ هوندو، ان ڪري جو شروع ۾ جتي رڳو سرڪاري تعليمي بورڊ هوندا هئا اتي هاڻي 15 مختلف تعليمي بورڊ ڪم ڪن ٿا، جن ۾ سرڪاري ۽ نجي تعليمي بورڊ به آهن يا ٻاهرين ملڪن جا بورڊ جن جي ايفليئيشن هلي ٿي يا جن تعليمي بورڊن جا طئي ڪيل سيليبس، نصابي ڪتابن جي اندر ڏنل مواد، يا انهن بورڊن سان سلهاڙيل (افليئيٽيڊ) اسڪول، ڪاليج به مختلف ميڊيم آف لينگئيجز جا هجن ٿا يا گھڻي ڀاڱي اهڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ جتي او ليول ۽ اي ليول جهڙا نظام ۽ طبقا هجن ٿا يا اها به حقيقت مڃڻ گهرجي ته انهن اسڪولي ۽ ڪاليجي ٻارن کي پنهنجي مادري زبانن ۾ ته ٺهيو، پر انهن ٻارن کي پنهنجي مذهبي تعليم به نه ٿي ڏني وڃي يا انهن اسڪولن جا ميڊيم به انگريزي يا يهودي ۽ عيسائي ڪلچر وارا هجن ٿا ۽ وڏي مصيبت يا مسئلو اهو به آهي ته اهڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ استاد به اعليٰ درجي جا تربيت يافته هجن ٿا يا اهڙا استاد جيڪي يونيورسٽين مان اعليٰ ڊگريون وٺي ٿا اچن، اهي وڏين پگهارن تي انهن اسڪولن ۾ پڙهائن به ٿا يا اتي هڪ مثال به وٺون ته في الحال عرب ملڪن ۾ جيئن اتان جون يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول يا ٻيا ادارا به اسان جهڙن ايشيائي ملڪن مان تربيت يافته استاد گهرائن ٿا يا اعليٰ تعيلم يافته استاد جيڪي اتي رڳو ان ڪري يا ايستائين پڙهائيندا جيستائين انهن وٽ پنهنجا استاد تيار نه ٿا ٿين معنيٰ عرب ملڪن جي اها ڳالھ هڪ جاءِ تي ڀلي به آهي ته اهي پنهنجا ٻار ٻاهرين ملڪن ڏي اعليٰ تعليم لاءِ نه ٿا موڪلين (گهڻي ڀاڱي)، پر اهي اعليٰ تعليم يافته استاد ٻين ملڪن مان گهرائي پنهنجن هزارين شاگردن کي پڙهائي ٿا وٺن، جيڪا ڳالھ جاپانين ۾ گهڻي هئي جو ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ انهن پنهنجي تعليم تي توجھ ته ڏنو، پر انهن پنهنجن شاگردن کي اتي ئي ٻاهرين ملڪن جي استادن کان پڙهائي ڀڙ ڪيو ۽ اهي ئي اتي پوءِ انجنيئر، ڊاڪٽر، استاد ۽ وڏا فلسفي ٿي ويا ۽ ائين اهي هر فيلڊ ۾ ترقي ڪري به ويا، ان ڪري جو هزارين ٻارن کي ٻاهرين ملڪ موڪلجي، پر ان جي جاءِ تي رڳو چند استاد گهرائي اهي هزارين لکين ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ فلسفي پيدا ڪري سگهجن ٿا، جيڪي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن ۽ اهي هر جاءِ تي ترقي يا هر ڳالھ ۾ ترقي ڪري سگهن.
اسان وٽ جيئن اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون مختلف آهن، تيئن انهن جا نصابي ۽ تدريسي عمل به مخلتف آهن، جيئن شاگردن جي صلاحيتن ۾ فرق هوندو آهي يا تيئن ئي استادن جي تربيت ۽ اعتماد ۾ به فرق هوندو آهي، پر ان ڳالھ جو سڄو بار رياست تي آهي ته اها جيئن چاهي ڪري سگهي ٿي يا خاص ڪري ڪيپيٽلسٽ رياستن ۾ اها ڳالھ گهڻي ڀاڱي ڏٺي وئي آهي ته اهي جتي زندگي جي رهڻ ڪهڻ جا اصول ڪلاسفائيڊ هجن ٿا يا اهي پاڻ ترتيب ڏين ٿا ته اتي تعليم به ڪلاسيفائيڊ هجي ٿي يا اهي ملڪ پاڻ ڪن ٿا يا ائين چئون ته هڪڙا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون رهنما، وڏا سي اي اوز، صدر ۽ اپرڪلاس جا مئنيجر پيدا ٿيون ڪن ته ٻيون درسگاهون رڳو ورڪنگ ڪلاس پيدا ٿيون ڪن يا ڪجھ درسگاهون ديني عمل ۽ اعتقاد جي پوئواري ۽ آبياريءَ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان هونديون آهن، ان ڪري جو جيترا علم، عقل جا ذريعا ۽ وسيلا هجن ٿا، اوترا وري مختلف قسمن جا شاگرد، استاد ۽ عملا به پيدا ٿين ٿا ۽ ان ڪري هر تعليمي درسگاھ جو نظام به مختلف هجي ٿو يا ڪري ڇڏيو اٿن، ان ڪري جو جيترا اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيون وڏن شهرن ۾ هجن ٿيون اوتريون اهي تعليمي نظام ۾ به فرق ڪن ٿيون يا اهي اوترا ئي دنيا سان يا ته ڳنڍيل هوندا آهن يا ڇنل هوندا آهن يا انهن جون به پنهنجون پنهنجون دنيائون به هونديون آهن، جيڪي انهن مرڪزي درسگاهن سان ڳنڍيل به هونديون آهن، ان ڪري اهي سڀ تعليمي نظام ۽ نصاب هڪ نه ٿيندا يا نه ٿي سگهندا، ڇو ته اپرڪلاس، مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جون گهرجون ۽ طبقاتي مائينڊ سيٽ به جدا جدا نوعيت جا ۽ الڳ الڳ طبقي جا نمائندا به هجن ٿا يا اهي ڪيپيٽلسٽ رياستن ۾ طبقاتي ليول جا محتاج به هجن ٿا. مثال جتي جنهن اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ اوليول ۽ اي ليول نصاب جا ڪلچر يا انگريزي تعليمي نظام هجن ٿا يا اتي رڳو انگريزي ٻوليءَ ۾ نصاب پڙهايا وڃن ٿا ۽ اتي سماجي رابطي جا ڪلچر به انهن جا پنهنجا ٿين ٿا، يا انهن تدريسي نظامن وٽ ٻارن جي والدين جو ان انگريزي نظام سان يا ان ڪلچر سان وابسطا هجڻ يا مطلق هجڻ به لازم ۽ ملزوم هوندو آهي نه ته ٻي صورت ۾ ٻار اتي پڙهي نه سگهندو يا پڙهائي نه سگهبو يا ٻي حقيقت اها به آهي ته اسان جهڙن معاشرتي ڪلچرن ۾ اها ڳالھ وڏي مان ۽ مرتبي واري به هوندي آهي ته جي مرد يا عورت جي کڻي پروفيشل استاد آهي ته اها ڪهڙي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي يا ڪهڙي مسلڪ جي مدرسي ۾ پڙهائيندي آهي يا جي ٻار آهي ته اهو ڪهڙي مهانگي ترين اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿو، جو انهن اسڪولن جي وابستگي ان ڳالھ کي بخوبي ظاهر ڪندي ته ٻار جو يا ان استاد جو مائينڊ سيٽ ڇا آهي يا انهن سان ڪيئن ڊيل ڪجي يا معاشرتي سطح تي به اهي واسطا ۽ اُٿَ وَيھَ به انهن طبقن ۽ نظامن جي ماتحت هجن ٿا يا اهي رشتا ناتا به محتاج هجن ٿا جو ماڻهو انهن ماڻهن سان واسطا وڌائين ٿا، جيڪي انهن جي طبقي جا هجن ٿا يا انهن سان پنهنجا سماجي رشتا وڌائين ٿا، جيڪي انهن ماڻهن سان طبقاتي تعلق رکندا هجن يا جيڪي به سماجي سوسائٽيون جڙن ٿيون، انهن ۾ به هڪ شيءِ عام يا رائج هجي ٿي ته اهي ماڻهو يا پاڙيسري يا ٻار ۽ استاد جن به ٻارن سان يا هم منصب استادن سان گهمي يا اٿي ويهي ٿو، اهي انهن جي طبقن سان واسطو رکن ٿا يا نه. ٻارن ۽ استادن ۾ به هڪ ڳالھ عام هجي ٿي ته اهي جيڪڏهن ڪنهن اهڙي اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهن ٿا، جنهن يونيورسٽي يا اسڪول ۽ ڪاليج جون فيون وڏيون ڳريون ۽ مهانگيون هجن ته انهن ٻارن يا استادن جي ڪاميابيءَ جي شرح گهڻي هجي ٿي يا سمجهن ٿا ته اهي جيڪڏهن مهانگن اسڪولن ۾ پڙهائن يا پنهنجن ٻارن کي پڙهائن ٿا ته انهن جي ”سوشل ويٽيج“ گهڻي ٿي ويندي يا اهي پوءِ معاشري ۾ معتبر ليکيا ويندا يا گهٽ گهرجا نه هوندا يا سڀاڻي ٻار جو جيڪو تعليمي پروفائل ٺهندو، اهو ٺاهوڪو هوندو يا اڪثر والدين هاڻي ان ڳالھ ۾ محتاط به هوندا آهن ته اهي ڪنهن اهڙي اسڪول ۾ پنهنجن ٻارن کي پڙهائن جنهن اسڪول جي وابستگي گھٽ ۾ گھٽ وفاقي بورڊ سان هجي جي نه ته پوءِ ڪنهن آغا خان بورڊ سان هجي يا جي نه ته پوءِ آڪسفورڊ يا مانچيسٽر يا هارورڊ جهڙي ڪنهن بورڊ سان افليئيشن هجي جو ٻار جو پروفائل ڀلو ٺهي يا ٻار جڏهن پنهنجي سي.وي يا تعليمي سَنَدُون ڏيکاري ته اهي سَنَدُون ٻار جي پاڻ سفارش ڪن ۽ ٻار پاڙي پتيءَ ۾ ڪنڌ کڻي هلي يا ٻار کي اها پريشاني نه هجي ته ان جي ”ايڪسينٽ“ تي ڪو سوال ڪندا ته ٻار کي ڪجھ نه ٿو اچي يا ملازم ٻار ۾ قابليت ناهي جهڙا بهانا ڳولهيندو يا ٻار ۾ اعتماد ناهي يا ٻار کي انٽرويو وٺندڙ هڻي ڇتو ڪندو يا سڄي تفسير ٻڌندس، پوءِ نوڪري ڏيندس. يا گهڻي ڀاڱي ائين به ٿيندو آهي يا اهڙين هاءِ فاءِ يونيورسٽين مان يا اهڙيون يونيورسٽيون جن ۾ اميرن جا ٻار ٿا پڙهن ته اهي ادارا پوءِ اتان ”ٽيلنٽ هنٽ“ جي نالي تي اتان ٻارن کي سڌو سنئون کڻي ڪنهن ليڊرشپ پوزيشن تي رکي انهن کي اتي واري جاب جي شروعات ڪندا آهن، ان ڪري ته رهائشي علائقا ته اهميت رکن ئي رکن ٿا، پر اهي تعليمي ادارا هڪ واضح ليڪ رکن ٿا، يا اهي هڪ ڪلاسيفائيڊ ڪلچر کي اڃان اڀار ٿا ڏين جو ماڻهو اهو سمجهي ته ٻار جي فلاڻي اسڪول ۾ پڙهي ٿو يا ٽيري ڪاليج ۾ جي پڙهي ٿو يا مٽيري يونيورسٽي ۾ جي پڙهي ٿو ته معنيٰ اهو وڏو ماڻهو ٿيندو يا اتان کان اهو ليڊر ئي ٿي نڪرندو جو اهو ٻار پوءِ ان فرسٽريشن مان نڪري ٿو هلي، يا ٻار وٽ جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن جي ڊگري هوندي ته اهي ادارا وري کيس هٿن تي کڻي ويندا، باقي جيڪي ٻار ان کان علاوه ٻين اسڪولن ۾ پڙهن ٿا يا ڪاليجن مان ڊگريون کڻي اچن ته انهن جي سطح اها ناهي هوندي يا وڏن شهرن ۾ ٻارن جي سندس تعيلمي بورڊن ۾ جيڪا چيڪنگ ٿيندي آهي، اها به انهن اسڪولن ۽ سينٽرن جي چونڊ تي ٿيندي آهي يا جيڪي اسڪول ۽ ڪاليج ڪچين آبادين ۾ هوندا آهن يا جن ٻارن جا سينٽر ڪچين آبادين ۾ لڳندا آهن ته انهن ٻارن جي ڊاڪٽري يا انجنيئرنگ ۾ سليڪشن ڏکي ٿيندي آهي، ان ڪري طبقاتي فرق هر جاءِ تي آهي، پر اربنائيزيشن وانگي ٻار پنهنجي مدد پاڻ تحت جي چٽاڀيٽيءَ وارا امتحان پاس ڪري پنهنجو ڪلاس تبديل ڪري وٺي ته ڪلاسيفائيڊ ڪلچر مان نڪرڻ ڪا مشڪل ڳالهه نه آهي.
***