ايڊيٽوريلنئون

سنڌ ۾ هر 50 ڪلو ميٽرن تي اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنن جو قيام

            سنڌ ۾ هر 50 ڪلوميٽرن تي بجلي جي توانائي تي هلندڙ گاڏين جي لاءِ چارجنگ اسٽيشن جي قيام جي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. صوبي جي سڀني ضلعن ۾ هر 50 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي اليڪٽرڪ گاڏين کي گهربل توانائي لاءِ چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. سڌ سماءَ جي ذريعن اهو ٻڌايو آهي ته سنڌ جو سينئر وزير محترم شرجيل ميمڻ اهو اعلان چين جي شهر “وهو” ۾ چيني آٽوموبائل ڪمپني چيري هولڊنگز گروپ (سي ايڇ جي) جي هيڊڪوارٽر جي دوري دوران ڪيو. ساڻس انهيءَ موقعي تي سنڌ جو توانائي وارو وزير به گڏ هو. انهيءَ موقعي تي هن چيو ته توانائي تي هلندڙ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشن جي قائم ٿيڻ سان اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن، ڪارن ۽ ٽرڪن جي مالڪن کي فائدو پوندو.

            هتي اها ڳالهه به ڪجي ته چارجنگ اسٽيشنن جي قيام جي ڪري گاڏين کي سستي توانائي ملندي ته انهيءَ جو فائدو عام عوام کي به ٿيندو، انهيءَ منصوبي جي تڪميل سان سفري سهولتون بهتر ٿينديون ۽ سستيون ٿينديون، مسافري ۽ مال برداري تي خرچ گهٽ ايندو ته انهيءَ جو فائدو صوبي کي ۽ ملڪ کي ٿيندو. سنڌ صوبي جي وزيرن جي چين جي انهيءَ دوري ۾ اها ڳالهه به صاف ٿي آهي ته چيني سيڙپڪارن سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ شمسي توانائي جي منصوبن ۾ تعاون جو به يقين ڏياريو آهي.

            سنڌ حڪومت جي توانائي جي وزير اهو به چيو آهي ته گهرن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان توانائي ۽ بجلي جي بحران ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ ترقي جو عمل تيز ٿيندو. اها ڳالهه چِٽي آهي ته پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ماڻهن جو رجحان اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال ڏانهن وڌيو آهي. اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل، ڪار ۽ بس جو استعمال اسانجي ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ عام ٿي رهيو آهي. ڇوڪريون اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون هلائي رهيون آهن. جڏهن ملڪ جا ماڻهو اهڙو منظر ڏسن ٿا ته انهن کي پنهنجي سماج جي ترقي ۽ روشن خيالي تي يقين اچي ٿو. آٽو موبائل جي شعبي ۾ چين ۽ ڏکڻ ڪوريا جون اليڪٽرڪ گاڏيون عام ٿي رهيون آهن. پر پاڪستان ۾ به اهي ٺهي رهيون آهن. پاڪستان جي اليڪٽرڪ وهيڪل (EV) جي صنعت ترقي ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مقامي مينوفيڪچررز ڪمپنيون ۽ غير ملڪي ڪمپنيون گاڏين جي ٺاهڻ ۽ پيداوار ۾ سرمائيڪاري ڪري رهيون آهن ۽ خاص طرح حڪومتي پاليسين ۾ اليڪٽرڪ گاڏين ٺاهڻ وارين ڪمپنين کي سهولتون ڏنيون ويون آهن.

            اسان کي متبادل توانائي جي ضرورت آهي. اهو عمل ڳوٺن ۽ شهرن جي ترقي لاءِ هاڻي ضروري ٿي پيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي شروع ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ اليڪٽرڪ بسون شروع ڪيون. موجوده وقت ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ اهو انقلابي قدم آهي. انهن بسن جڏهن سستن ڀاڙن ۾ مسافرن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر جي مختلف منزلن تي پهچايو پئي ته اهي گهڻو خوش هئا ۽ هاڻ سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ پيپلز بس سروس (PBS) جي نالي سان مسافري جو اهم نظام شروع ڪيو آهي. سموري دنيا ۾ عوام لاءِ سواري جو انتظام سرڪار ڪندي آهي. جن ۾ ريلون، بسون، زير زمين ريلوي جا نظام شامل آهن. پيپلز پارٽي جي سرڪار عوام جي اچ وڃ جي سواري جو بهتر انتظام ڪيو آهي.

            هتي اسين اهو ذڪر ڪندا هلون ته سنڌ جي سڀني ضلعن جي وچ ۾ رستن جو ڄار بهتر نموني ٺهيل آهي، پر هر ضلعي ۾ چارجنگ اسٽيشنن جي قيام جي ڪري انهن ضلعن جي ڳوٺن جي لنڪ روڊن کي به بهتر ڪيو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو انهيءَ جو فائدو حاصل ڪري سگهن. سنڌ جي اطلاعات کاتي جي جاري ڪيل بيان مطابق ته چيني آٽوموبائل ڪمپني چيري هولڊنگز گروپ (سي ايڇ جي) سنڌ صوبي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنن جي منصوبي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي مواصلاتي نظام ۾ نواڻ اچي رهي آهي. ضلعن جي وچ ۾ رستن جي تعمير بهتر ٿي آهي. تڏهن ضروري آهي ته ماحول دوست ٽرانسپورٽ جو انتظام ڪيو وڃي ۽ پراڻي نظام کي الوداع ڪيو وڃي. سنڌ ۾ هر 50 ڪلوميٽرن تي اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنن جي قيام جو منصوبو ماحول دوستي ڏانهن کنيل هڪ وڏو قدم آهي.