سنڌ جي وڏي وزير جو مزدور ٻارن جي بحالي لاءِ پلان

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو آهي ته مزدور طبقو ملڪ جي انڊسٽري جو انجڻ آهي. انهن جي بهتري  ۾ ئي ملڪ جي ترقي آهي. هن  چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي شروع کان ئي مزدورن جي بهتر لاءِ ڪم ڪندي رهي   آهي. مراد علي شاه چيو ته هن وٽ هڪ اهڙو پلان آهي جيڪو مزدور ٻارن جي بحالي  لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو. هن چيو ته هن پلان موجب اهڙن  ٻارن کي مزدوري جيتري رقم ڏني ويندي. ان کان علاوه انهن کي ٽيڪنيڪل ڪورس به ڪرايا ويندا.جنهن جي مدد سان اهي اڳتي هلي فيڪٽرين ۾ بهتر ڪم به ڪري سگهندا. سنڌ ليبر ڊپارٽمينٽ پاران  سنڌ جي وڏي وزير جي هائوس تي ملهايل مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مراد علي شاه پاران مزدورن ۾ ويلفيئر گرانٽس به ورهايون ويون. هن موقعي تي  ڳالهائيندي  وڏي وزير چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو 1972 ۾ ملڪ جي پهرئين ويلفيئر پاليسي ڏني هئي. جنهن بعد ورڪرز ويلفيئر آرڊيننس، اي او بي آءِ، ۽ انڊسٽريل رليشن آرڊيننس به ٺاهيا ويا هئا.هن چيو ته انڊسٽريل رليشن آرڊيننس ، مزدورن جي نوڪري جي سيڪيورٽي  يقيني بڻائي . ان کان علاوه محترما بينظير ڀٽو پاران چائيلد ليبر جي قانونن کي پڻ  متعارف ڪرايو ويو۽ ڊڪٽيٽر هٿان هٽايل هزارين مزدورن کي پڻ واپس نوڪرين تي بحال ڪيو ويو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments