ايڊيٽوريلنئون

سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو

پاڪستان ۾ تباهي پکيڙيندڙ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جو وهڪرو سنڌ ڏانهن اچي رهيو آهي. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ جي خطري کان خبردار ڪيو آهي. اين ڊي ايم اي اهو به چيو آهي ته گڊو بئراج تي 5 کان 6 سيپٽمبر جي دوران پاڻي جو 8 کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪرو متوقع آهي.

سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. ماڻهن جي بچاءَ لاءِ 30 هزار کان وڌيڪ عملي کي مقرر ڪيو آهي ۽ سنڌو دريا جي ڪناري تي 500 کان وڌيڪ ڪئمپون قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گڊو بئراج کان وٺي سکر بئراج تائين ۽ ڪوٽڙي بئراج کان وٺي سمنڊ تائين سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏن جي تاريخ پراڻي آهي.

پاڻي جي ماهرن مطابق تاريخي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اچڻ واريون ٻوڏون هميشه خطرناڪ رهيون آهن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌو درياءَ ۾ اچڻ وارن سيلابن ۾ 2010 جو سيلاب وڌيڪ تباهه ڪندڙ هو. جڏهن پاڻيءَ جو وهڪرو 10 لک ڪيوسڪ کان مٿي ٿي ويو هو. 2010 جي سيلاب جي دوران سکر کان وٺي ضلعي ٺٽي تائين سنڌو درياءَ سان لاڳاپيل علائقن ۾ وڏو نقصان ٿيو. جنهن ۾ انساني جانين کان وٺي ڳوٺ ۽ شهر ۽ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. انهيءَ ٻوڏ ۾ سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪپن سان ملندڙ علائقن ۾ تباهي ٿي.

موجوده سيلابي صورتحال 2010 کان ڪجهه حد تائين مختلف آهي. ڇاڪاڻ جو موجوده سانوڻي جي برساتن، ڪلائوڊ برسٽ ۽ سنڌو درياءَ جي مختلف معاون ندين ۾ سيلاب جي ڪري، جيڪي آخر ۾ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. اهي سڀ وهڪرا ملي جيڪڏهن 11 لک ڪيوسڪ ۾ تبديل ٿين ٿا ته سنڌ جي سماجي زندگي ۽ زراعت وڏي نقصان ۾ اچي ويندي. ڇاڪاڻ جو مٿانهان اتريان علائقا، آزاد ڪشمير، صوبو خيبر پختونخواه، گلگت بلتستان ۽ پنجاب جيڪي تازي بارش ۽ ٻوڏ کان متاثر آهن ۽ هينئر به برسات ۽ ٻوڏ جي وڏن وهڪرن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

خيبر پختونخواه صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ وڏي تباهي پکيڙي آهي. ائين ئي ٻوڏ ۽ برساتن پنجاب صوبي کي به ٻوڙي ڇڏيو آهي. اهي پاڻي جا سڀ وهڪرا ۽ ٿيندڙ برساتن جو پاڻي گڏ ٿي، سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي. سنڌ جي وزير اعليٰ وقتائتو قدم کنيو آهي ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪيا آهن، ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي سڀني دريائن ۾ پاڻي جا وهڪرا وڌيڪ تيز ٿيا آهن. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ سان دريائن جو پاڻي هيٺانهن علائقن ۽ آبادين ۾ داخل ٿي رهيو آهي.

راوي ۽ ستلج درياءَ ۾ پاڻي جا وڏا وهڪرا وهي رهيا آهن، جيڪي ڀرپاسي جي علائقن کي ٻوڏ ۾ ٻوڙي رهيا آهن. هاڻي به پنجاب ۾ برسات پئجي رهي آهي. چنيوٽ کان وٺي جهلم تائين لاڳيتي برسات جي ڪري پاڻي آبادين ۾ داخل ٿي رهيو آهي. موسميات جي کاتي پيشنگوئي ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ تيز مينهن جو سلسلو جاري آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ به جاري رهندو. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ ايندڙ هفتو سنڌ لاءِ وڏا چئلينجز کڻي پيو اچي. ڇاڪاڻ جو تازين برساتن ۽ سنڌ ۾ آبڪلاڻي موسم جي ڪري لاڳاپيل علائقا اڳ ۾ ئي ڏکي صورتحال ۾ آهن.

جيڪڏهن سڄي ملڪ جي برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي جا وهڪرا گڏجي ايندڙ هفتي جڏهن گڊو بئراج وٽان گذرندا، تڏهن سنڌو درياءَ سان لاڳاپيل علائقن جا ماڻهو زراعت، چوپايو مال تڪڙو خطري جي هيٺ اچي ويندو. سنڌ جي وزير اعليٰ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته انهيءَ وڏي ٻوڏ جي ڪري 52 هزار خاندان بي گهر ٿيڻ جو خطرو آهي. لکين ماڻهن جو بي گهر ٿيڻ ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي. قدرتي آفتون ماڻهن جي وس ۾ نه هونديون آهن. پر بهتر رٿابندي ڪري برسات ۽ ٻوڏ جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ حڪومت اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي رٿابندي ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ جتان جتان درياهه جو گذر آهي، انهن علائقن ۾ ٻيڙين جو انتظام ڪيو ويو آهي، ڪيمپون هنيون ويون آهن ۽ کاڌي پيتي جي سامان جو بندوبست اڳواٽ ڪيو ويو آهي. پهرئين مرحلي ۾ سکر کان وٺي گهوٽڪي، شڪارپور، نوشهروفيروز، دادو ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ انساني جانين، شهرن، ڳوٺن ۽ مال متاع جي بچاءَ جا اڳواٽ انتظام ڪيا ويا آهن. وزير اعليٰ اهو چيو آهي ته سيلاب جي هڪ وڏي لهر جي موجودگي جي باوجود ڪنهن به انساني جان جو نقصان نه ٿئي. انهيءَ يقين ۽ ٻوڏ کان بچڻ جي انهيءَ رٿابندي کي اڃان به وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن ۽ جانورن جون حياتيون بچائي سگهجن.