ٿر جي سونهن واري واريءَ ۾ زندگي ۽ موت گڏ گڏ هلن ٿا. هتي حسن ۽ ڏکن ۾ جدائي ممڪن ناهي، هڪ اهڙي هستي جوڙجي ٿي جنهن جو تصور ٻاهريان ماڻهو به نٿا ڪري سگهن. ٿرپارڪر جي ماڻهن لاءِ هي ريگستان هڪ ئي وقت پناهه گاهه به آهي ۽ ڦاهو به، جتي هر ننگي پير قدم کڻندي زهريلي نانگ سان وڙهڻو پوي ٿو.
سنڌ جو خاموش قاتل: نانگ جو چڪ نه رڳو نظرانداز ٿيل گرم علائقن جي بيماري(NTD) آهي، پر پاڪستان ۾ هر سال هزارين زندگيون کسي ٿو. لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، ڄامشوري جي وائيس چانسلر موجب هر سال 8,000 کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ ٿين ٿا. مختلف رپورٽن موجب صرف ضلعي ٿرپارڪر ۾ هر سال 700-800 ڪيس اسپتالن ۾ داخل ٿين ٿا، پر اڪثر متاثر اسپتالن تائين نٿا پهچن. ڇاڪاڻ ته سفري سهولتن جي کوٽ ۽ نيم حڪيمن تي ڀاڙڻ سبب زندگيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. اصل ۾ موت حتمي ناهي، ڇو ته نانگ جو زهر Anti-Snake Venom (ASV) سان علاج ٿي سگهي ٿو، پر ڏکڻ سنڌ جي ديهي اسپتالن ۾ ASVجي سخت کوٽ آهي. علاج نه ملڻ ڪري ماڻهو توهم پرستي ۽ دڙي درگاهن ڏانهن رخ ڪن ٿا، جنهن جا نتيجا گهڻو ڪري موت ٿين ٿا.
ٿر ۾ صحت لاءِ خطرو: پاڪستان جي ڪيترن علائقن ۾ نانگ چڪ وڏي عوامي صحت جو خطرو آهي، خاص ڪري سنڌ جي ٿر ريگستان ۾. تازيون برساتون زرعي برڪت آڻڻ سان گڏ زهريلي نانگن جو خطرو به وڌائي ڇڏين ٿيون. ٿرپارڪر ۾ جتي برسات کانپوءِ پوک ٻيهر شروع ٿئي ٿي، اتي ڪيترائي ماڻهو نانگ چڪن سبب اسپتالن ۾ داخل ٿين ٿا.
اڻپورا واعدا ۽ اڻپورا منصوبا: گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ حڪومتون بار بار نانگ زهر ليبارٽري ٺاهڻ جا اعلان ڪيا، پر ٿرين کي ڪجهه به نه مليو.
2004: وزيراعظم شوڪت عزيز ٿر ڊولپمينٽ پيڪيج تحت نانگ زهر ليبارٽري جو اعلان ڪيو، 100 ملين رپيا جاري ٿيا. ڪجهه به نه ٺهيو. 09-2008: سنڌ حڪومت 200 ملين رپيا رکي نانگ زهر ۽ ريبيز ويڪسين ليبارٽري جو اعلان ڪيو، پر منصوبو اڌ ۾ رڪجي ويو. 2022: نئين ليبارٽري منظور ٿي، پر متنازع طور تي سڪرنڊ (ضلعي بينظيرآباد) ۾ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، ٿر بدران اڄ به پاڪستان صرف هڪ اداري، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ(NIH) اسلام آباد تي ڀاڙيل آهي. نتيجي ۾ ٿر جي ماڻهن کي ASV دير سان ۽ محدود مقدار ۾ حاصل ٿئي ٿي.
روزمره جون مشڪلاتون: ٿرپارڪر، جنهن ۾ 1.78 ملين ماڻهو 2,305 ڳوٺن ۾ رهن ٿا، پاڪستان جا سڀ کان نظرانداز ٿيل علائقا آهن. 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو پڪي سڙڪ، بجلي، صاف پاڻي ۽ صحت جي سهولتن کان محروم آهن. ٻار ۽ مالوند ماڻهو گرمي ۾ ننگي پير محنت ڪن ٿا، جتي هر وقت نانگ چڪ جو خطرو آهي. ڪيترن ماڻهن کي زندگيءَ ۾ ٻه ٽي ڀيرا نانگ ڏنگي چڪا آهن. ٻئي طرف، ٿر جا معدني وسيلا ٻين لاءِ دولت بڻيا آهن. 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا قومي گرڊ کي توانائي ڏئي رهيا آهن. گرينائيٽ، جپسم ۽ لوڻ ٻاهرين مارڪيٽن ۾ وڃي رهيا آهن، پر مقامي ماڻهو اڃان به اونداهين ۾، پاڻي ۽ کاڌي لاءِ روز جدوجهد ڪن ٿا.
ASV پيداوار ۾ وڃايل موقعا: ٿر وٽ مقامي سطح تيASV پيدا ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھ موجود آهي. زهريلا نانگ قدرتي طور وڏي تعداد ۾ موجود آهن.
جانور جهڙوڪ گهوڙا، جيڪي سيرم لاءِ ضروري آهن. پوءِ به پاڪستان پري ليبارٽري ۽ مهانگي درآمدن تي ڀاڙيندو آهي، مقامي صلاحيت کي استعمال نٿو ڪري، ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ماهرن ۽ ماڻهن جا واضح مطالبا آهن: ٿر ۾ حقيقي قومي منصوبي طور نانگ زهر ليبارٽري قائم ڪئي وڃي. ٿر ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪيمپس کوليو وڃي، ته جيئن ريسرچ ۽ علاج ۾ بهتري اچي. بنيادي صحت مرڪزن ۽ ديهي اسپتالن ۾ASV جي باقاعده فراهمي ڪئي وڃي، سج جي توانائيءَ سان هلندڙ ٿڌي زنجيرن سان گڏ خالي عهدا ڀريا وڃن ۽ (4×4) فراهم ڪيون وڃن. مقامي سطح تيASV شفاف طريقي سان ورهايو وڃي، تعلقا سطح تي اسٽاڪ جي آن لائين نگراني سان. عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي ته ماڻهو نيم حڪيمَن تي ڀاڙڻ ڇڏي ڏين. مريضن جا ڊيٽا ڊجيٽل ڪيا وڃن ته جيئن علاج ۽ ASV جي استعمال جو صحيح رڪارڊ رهي.
دولت ۽ محروميءَ جي ڌرتي- ٿرپارڪر هڪ تضاد آهي: ڪوئلو، گرينائيٽ ۽ لوڻ ۾ امير، پر صحت، کاڌي ۽ پاڻيءَ ۾ غريب. ڪوئلي مان بجلي نڪري پوري ملڪ کي روشن ڪري ٿي، پر گهڻا ٿري اڃا به اونداهين ۾ آهن. اسلام ڪوٽ ۾ مائي بختاور ايئرپورٽ ڪارپوريٽ آفيسرن لاءِ ٺهي ويو، جڏهن ته مقامي ماڻهو رڳو جهازن کي ڏسي سگهن ٿا، جن ۾ اهي ڪڏهن سوار نه ٿيندا. ٿر جا ماڻهو رڳو نانگن جا نه پر ڀڳل واعدن جا به شڪار آهن. جيڪڏهن حڪومتون سنجيدگي ۽ تڪڙو عمل نه ڪنديون، ته ٿري ماڻهو هر ڏينهن ”زندگيءَ جو زهر چکڻ“ تي مجبور رهندا.
ASV ويڪسين جي دير يا کوٽ اڳ ۾ ئي ڪيترين زندگين جو قيمت وٺي چڪي آهي، خاص ڪري پري ڳوٺن ۾. مقامي ماڻهو ۽ سماجي ڪارڪن مسلسل وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان گهر ڪن ٿا ته ٿرپارڪر ۾ASV ويڪسين جي فوري ۽ لڳاتار فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.