بدين ريلوي سيڪشن انگريزن جي دور حڪومت ۾ 1908ع ۾ قائم ٿيو، جنھن تي گھٽ ۾ گھٽ 80 سالن تائين تيز رفتار، وقت جون پابند، ريل گاڏيون، ريل ڪارون ۽ مال بردار گاڏيون ھلنديون رھيون، مگر 1990ع کان پوءِ ان ريلوي سيڪشن جي بربادي جي تاريخ شروع ٿئي ٿي، آھستي آھستي، ھن سيڪشن جي گاڏين جا ٽائيم خراب ٿيا ۽ اھي رستن ۾ خراب ٿي بيھڻ لڳيون. بڪنگ ڪلارڪن ۽ ٻي عملي جي ڪرپشن سبب ھي سيڪشن وڏي نقصان جو شڪار ٿي ويو. جيئن ايس آر ٽي سي جون بسون انھن جي ملازمن جي ڪرپشن جي ڪري تباھه ٿيون. ڊگھي عرصي تائين ھن سيڪشن تي بعد ۾ ھڪ ھفتي ۾ ھڪ گاڏي ھلندي رھي. 2008ع ۾ جڏھن پ پ حڪومت آئي ته ھن سيڪشن تي روزانو ھڪ گاڏي ھلڻ شروع ٿي، مگر ان جي ٽائيمنگ بھتر نه ھجڻ ۽ ريلوي ٽريڪ جي مرمت نه ٿيڻ سان اھا ريل گاڏي به ڪاميابي سان ھلي نه سگھي ۽ بند ٿي وئي. گذريل 10 سالن ۾ ھڪ دفعو به ھن سيڪشن تي ھڪ به ريل گاڏي نه ھلي آھي. ريل گاڏيون بھترين سفري سھولتون ھيون. انھن ذريعي بدين، تلھار، ماتلي، ٽنڊو محمد خان جي واپارين جو مال پڻ ايندو ھو ۽ ان سان شھرن جون رونقون بحال ھيون. ھن وقت بدين کان حيدرآباد تائين ڪي به مناسب سفري سھولتون نه آھن. لوڪل ڪوسٽرن ۾ سٿجي ماڻھو سفر ڪرڻ تي مجبور آھن، انھي صورتحال کي ڏسي اسان جي پياري ساٿي دوست وڪيل ولي الف خان ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ بدين جي ريل گاڏين جي بحالي لاءِ پٽيشن داخل ڪئي آھي، جنھن کي عدالت ٻڌڻ کان پوءِ ريلوي جي مجاز اختيارين کي طلب ڪري ورتو آھي.