ڪهاڻيوننئون

بنگالي ڪهاڻي: پدما جي ڪناري

ڪهاڻيڪار: رابندرناٿ ٽيگور

رائي چَرن پنهنجي مالڪ جي نوڪري ڪرڻ آيو هو ته هُن جي عمر ٻارنهن سال هئي. ذات جي لحاظ کان هُو پنهنجي مالڪ جي برابر جو هو. اصل ۾ هُن کي مالڪ جي پُٽ کي سنڀالڻ جو ڪم حوالي ڪيو ويو هو. وقت گُذرندو ويو، ننڍڙو شهزادو، رائي چَرن جي جهوليءَ مان نِڪري اسڪول وڃڻ لڳو. اسڪول مان ڪاليج ويو ۽ تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪورٽ جي نوڪري ورتائين. شاديءَ تائين فقط رائي چرن ئي هُن جي خدمت ڪندو هو. نئين ڪنوار گهر ۾ آئي ته چرن جي مالڪن جو تعداد ٻَه ٿي ويو. هُن جا تمام پُراڻا اختيار نئين ڪنوار جي حوالي ٿي ويا. رائي چرن احساس محرومي جو شڪار ٿيڻ لڳو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ دل وندرائڻ جي لاءِ هڪ ننڍڙو ٻار اچي ويو.

رائي چرن پنهنجو پورو ڌيان هُن تي لائي ڇڏيو. جلد ئي هُو ٻار تي ڇائجڻ لڳو، هُو کيس مٿي هوا ۾ اُڇلي ۽ هيٺ ايندي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيندو هو. هُو ٻارن جي بي معنيٰ ٻوليءَ ۾ هُن سان ڳالهيون ڪندو هو. پنهنجو چهرو ٻار جي مُنهن جي ويجهو ڪري ۽ جڏهن پوئتي ڪندو هو ته هُن جي چپڙن تي دنيا جي خوبصورت مُرڪ ڦهلجي ويندي هئي. پوءِ ننڍڙو ٻار ريڙهيون پائڻ لڳو. در جي چائنٺ ٽِپي جڏهن رائي چرن کي پَڪڙڻ جي لاءِ پُڄندو هو ته هُو حرڪت مان ٽهڪ ڏيندو، گوڙ ڪندو ۽ لِڪڻ لاءِ وٺي ڀَڄندو هو. رائي چرن، لِڪڻ جي معاملي ۾ ٻار جي مَهارت ۽ صحيح فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت تي حيران ٿي ويندو هو. هُو پنهنجي گھر ڌياڻي کي چوندو هو ته ڏسجانءِ تون تنهنجو پُٽ هڪ نه هڪ ڏينهن جج ٿيندو. اُن وقت هُن جي چهري تي خوشي ۽ اکين ۾ حيرت جي چمڪ هوندي هئي.

اهڙا ئي ٻيا به ننڍا ننڍا مُعجزا ٿيندا رهيا. جن سان انساني ارتقا ٿيندي آهي، جيڪي نئين ڄاول ٻار جي وڏي ٿيڻ تائين جاري رهندا آهن.

شهزادي پنهنجي ڏَڪندڙ ڄنگهن جي زور تي هلڻ شروع ڪيو.

رائي چرن کي ائين لڳو ڄڻ هُو هڪ ڀيرو ٻيهر وقت جي رستي تي تمام گھڻو پوئتي هليو ويو هجي. هُن شهزادي جي پيءُ جو به وقت ڏٺو هو. هوريان هوريان ننڍڙو شهزادو ٻاتن ٻولن سان پيءُ ۽ ماءُ کي سڏيندو هو ۽ رائي چرن کي “چاننا” چوندو هو ته رائي چرن تي هڪ اهڙي خوشيءَ جي ڪيفيت حاوي ٿي ويندي هئي، جو هُن جي دل چوندي هئي ته وڃي سڄي دنيا ۾ اِها ڳالهه ڦهلائي ڇڏي ۽ هر شخص کي اِها خوشيءَ جي خبر ٻُڌائي.

رائي چرن شهزادي سان گڏ ننڍڙو ٻار ٿي پيو هو. هُن جي لاءِ ڏاڍي شوق سان گهوڙو ٿيندو هو. هُن کي پنهنجي پُٺي تي ويهاري، پنهنجي وات ۾ رَسي وجهي، اُن جو مُنڍ شهزادي جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندو هو. هُو شهزادي سان گڏ ٺونشن واري راند کيڏندو هو ۽ ڏاڍي مار کائيندو هو. جڏهن ڏسندو هو ته ننڍڙو هُن کي ماري ماري پاڻهي ٿڪجي پيو آهي ته هُو ئي ڪِري هار مڃيندو هو ۽ پنهنجي هار تي ٻاراڻي انداز ۾ ڏاڍو روئيندو هو. اُن تي شهزادي جي ڇاتي فخر مان تڻجي ويندي هئي.

هڪ ڏينهن اَنوڪل جي بدلي جو حڪم اچي ويو. هُن جي بدلي “پدما جي ڪناري” سان موجود هڪ ڳوٺ ۾ ٿي هئي. ڪلڪتي کان گُذرندي انوڪل پنهنجي پُٽ لاءِ هڪڙي ننڍڙي گاڏي ورتي. اُن کان سواءِ ٻيون به کوڙ شيون خريد ڪيون. جنهن ۾ ڦِڪي ساٽن جي هڪ ڪوٽي ۽ سُنهري جهالر واري هڪ ٽوپي به هئي. سون جي هڪ ڪنگڻي ۽ ڳچيءَ ۾ پائڻ لاءِ هڪ ننڍڙو لاڪيٽ به هو. رائي چرن به اُنهن شين کي شهزادي کان الڳ ٿيڻ نه ڏنو. هُو جڏهن به شهزادي کي سير ڪرائڻ وٺي ويندو هو ته اُنهن شين جي ڪري هُن کي عجيب فخر محسوس ٿيندو هو.

مِينهن جي مُند اچي وئي هئي. مِينهن روز سان پئي وڌندا ويا ۽ درياھ جي اُڃ گهٽجي رهي هئي. هُو ڪنهن وڏي بَلا وانگر وَر وَڪڙ کائيندو اڳتي کان اڳتي وڌندو ٿي آيو، ڪناري جي اوسي پاسي جي وڻن کي هُو ڳيهي  ويو هو.

ويجها ڳوٺ ۽ پوکون سڀئي پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويا هئا. وقفي وقفي سان کنوڻ تجلا ٿي ڏنا ۽ ڪڪرن جي گجگوڙ، دل ڏاريندڙ ٿي لڳي. پاڻي جي چُرپُر سان پيدا ٿيڻ واري جڳهه، درياھ جي اُونهائيءَ جو اندازو ٿي ٻُڌايو.

هڪڙي ڏينهن آسمان تان جُهڙ لهي ويو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪو ڪڪر آسمان تي نظر ٿي آيو. ننڍڙو شهزادو هِن موسم ۾ گهر ۾ ويهڻ لاءِ تيار ڪونه هو. هُو پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺي رائي چرن جو مُنتظر هو ته هُو اچي ته کيس سير ڪرائڻ لاءِ وٺي وڃي.

رائي چرن جي لاءِ شهزادي جي ڳالهه ٽارڻ سولي ڪونه هئي.

هُو هلندي هلندي ڪڻڪ جي پوک تائين پهچي ويا. جيڪا پدما جي ڪناري جُهومي رهي هئي. روز جيان درياهه جي سيني تي ڪابه ٻيڙي نظر نٿي آئي. پر، پري پري تائين ڪنهن انسان ذات جو نالو نشان به ڪونه هو. درياهه جي هُن ڀَر اولهندي آسمان تي بادلن جا جَٿا گڏ ٿيندي نظر اچي رهيا هئا. فضا تي پُرسڪون خاموشي ڇانيل هئي. طوفان گُذري وڃڻ کان پوءِ جي هڪڙي خاص ماٺ هئي. اهڙي ماٺار ۾ ٻار خوشيءَ واري مُرڪ مُرڪي رهيو هو. ۽ سامهون گُلن جي پاسي ڏانهن اشارو ڪري سَڏي رهيو هو. چاننا…….گُل گُل…………چاننا…گُل گُل گُل!

گُلن جون ٻاريون درياهه جي ڪناري سان تمام پري تائين ڦهليل هُيون. اُنهن تائين پهچڻ لاءِ گَپ مان گُذرڻ ضروري هو.

شهزادو گُلن کي آس وَند اکين سان ڏسي رهيو هو. رائي چرن اُنهن نگاهن جو مطلب سمجهي رهيو هو. هڪ ڀيرو اڳي به هُن انهن گلن مان شهزادي کي هڪ ننڍڙي گاڏي ٺاهي ڏني هئي. شهزادو کوڙ ڏينهَن تائين اُها گاڏي ڏوريءَ سان ڇِڪرائيندو رهيو هو.

ايئن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو رائي چرن جي ترقي ٿي هئي. هُو گهوڙي مان وڌي گهوڙي وارو ٿي پيو هو. نه ته ڏوري شهزادي جي هٿ ۾ هوندي هئي ۽ هُن جي وات ۾ واڳون هونديون هيون. پر اُن ڏينهن رائي چرن ڪَڇ ۾ گهوڙو ڪري,پنهنجا هٿ ۽ پير زخمي ڪري، شهزادي جي لاءِ گل آڻڻ جي حق ۾ ڪونه هو. هُن شهزادي جو ڌيان مٽائڻ لاءِ ٻئي پاسي اشارو ڪندي چيو: هُو ڏِسُ! پريان سوني جهرڪي. اهڙي طرح هُن جي دل وندرائڻ ۽ بي معنيٰ آوازن سان گڏ، هُن گاڏيءَ کي ڌڪڻ شروع ڪيو. هُن ٻار کي ايترو پري وٺي وڃڻ ٿي چاهيو جو گلن تي سندس نظر ئي نه پوي.پر جيڪو ٻار مُستقبل جو جج هجي.سو سولائيءَ سان نٿي راضي ٿي سگهيو.پوءِ ڇو نه هُن آڏو ڌيان مَٽائڻ واري ڪابه شيءِ هجي.شهزادي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته,هُو گل ضرور حاصل ڪندو. رائي چرن وٽ دل کي راضي ڪرڻ ۽ بهانن جو ذخيرو به ختم ٿي چڪو هو. نيٺ هُن چيو. ڏاڍو سُٺو شهزادا.“توهان هتي گاڏي ۾ ويهو. مان وڃي اوهان لاءِ هينئر ئي کوڙ سارا گل ٿو پَٽي اچان. بس توهان پاڻي جي ويجهو نه وڃجو.

رائي چرن پنهنجو پاجامو گوڏن تائين مٿي ڪيو ۽ گپ ۾ لهي پيو.گلن جي ٻارين تائين پهچندي پهچندي هُو گپ ۾ تمام گهڻو ڀرجي ويو. هُن جي ويندي ئي روڪڻ واري جاءِ، شهزادي جي فطرت کي چورڻ لڳي. هُن کي پاڻ ڏانهن ڇِڪڻ لڳي. هُو ڏاڍي ڏُکيائيءَ سان گاڏيءَ مان لَٿو ۽ گوڏن جي مدد سان ريڙهيون ڏيندو، پاڻي ڏانهن وڌڻ لڳو.

هُن ويجهي کان وڃي ڏٺو. درياهه جو ڇُلندڙ ۽ وهندڙ پاڻي تمام گهڻو خوبصورت هو. هُن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ بَخمل جي سيج وِڇايل هجي. ٻار جي دل بي اَنت خوشيءَ مان ڄڻ تي جهٽڪو ڏئي نِڙيءَ ۾ اچي اَٽڪي هئي. هُو عجيب خوشي جي لهر پنهنجي جسم ۾ محسوس ڪري رهيو هو. درياهه جو منڊي ڇڏيندڙ حُسن ڄڻ هُن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. ڪناري تي پهچي هُن ڪاٺيءَ جو هڪ ننڍڙو ٽُڪرو پاڻيءَ ۾ اُڇلايو ۽ اُن کي ترندي ڏسڻ لڳو. طوفان جي ڪري کوڙ ساريون مَڇيون مري ويون هُيون ۽ ڪناري تي اچي پيون هيون. حرڪتي پاڻيءَ جا ديوتا ڄڻ پنهنجي سُريلي آواز ۾ هُن کي پاڻ ڏانهن سَڏي رهيا هئا. متاثر ڪري رهيا هئا. موهي رهيا هئا.. پاڻي ۾ اندر….هيٺ….تمام هيٺ پاڻيءَ جي ديوتائن جو ديس هو. هُو اُنهن ڏانهن ڇڪجي رهيو هو. اُن ڏيهه جي سير تي وڃڻ جي لاءِ هُن جي معصوم دل بي چين ٿي رهي هئي. اُها معصوم دل جيڪا چنڊ کي ڏسندي آ ته کيس پنهنجي جهوليءَ ۾ سمائڻ جي لاءِ بي چين ٿي ويندي آ.

رائي چرن گلن سان جهولي ڀري واپس موٽيو. هُن جي ڪُڙتي جي جهوليءَ ۾ گلن جو ڍير هو. چهري تي سوڀاري مُرڪ ۽ اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ هئي. پر جنهن جي لاءِ هُو گل کڻي آيو هو. اُهو ته گُم هو. گاڏي خالي پئي هئي. هُن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو پر اُتي ته پري پري تائين ڪابه انسان ذات موجود ڪونه هئي. اهڙي ڊيڄاريندڙ لمحي ۾ هُن کي رڳن ۾ رت ڄَمندو محسوس ٿيو. پورو منظر ڌُنڌلائجي ويو هو. هُن کي هر طرف ماٺ ئي ماٺ نظر اچي رهي هئي. هُن مُڙي وري گاڏيءَ کي ڏٺو. ڄڻ پنهنجين اکين تي شَڪ ڪري رهيو هجي. وري اکيون مَهٽي ڏٺائين پر گاڏي خالي پئي هئي. هُن جي دل ٻُڏي پَئي، پوءِ هُن جي نِڙيءَ مان هڪ رَڙ نِڪتي شهزادا..شهزادا! ڪٿي آهين؟ خاموشي هُن جي آواز کي پري پري تائين ڦهلائي ڇڏيو. پر ڪنهن آواز جواب ۾ کيس “چاننا” نه چيو. ڪنهن ٻار جواب ۾ حرڪتي ٽهڪ ڪونه ڏنو. ڪنهن ٻار جي خوشيءَ ڀري رڙ ڪونه اُڀري. جواب ۾ صرف گوڙ ڪندڙ، وهندڙ درياهه جي لهرن جو آواز ئي ٻُڌڻ ۾ پئي آيو ۽ اُهو درياهه اڳي وانگر ئي وهي رهيو هو. لا تعلق. ڄڻ هُن کي خبر ئي نه هجي ته ڇا ٿيو آهي؟ ڄڻ هُو ڄاڻيندو ئي نه هو ته هڪ انسان تي ڇا گُذري رهي آهي. هُو ته پهريون ئي ڪيتريون انساني زندگيون ڳهي چڪو هو! هڪڙي ننڍڙي ٻار جي موت سندس آڏو ڪهڙي حيثيت ٿي رکي؟ شام جو اُوندھ وڌندي ئي رائي چرن جي مالڪن کي پريشاني شروع ٿي وئي.

هُنن رائي چرن جي لاءِ ڳولا ۾ ماڻهو موڪليا. هُو سڀ بَتيون کڻي پدما ڏانهن ويا. اُتي اُنهن رائي چرن کي بي قرار طوفاني هوائن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀَڄندي ڏٺو.

هُن پنهنجي ڪُڙتي جي جهوليءَ کي ڏٺو جنهن ۾ کوڙ سارا گل ها. تنهن کي هُو هڪڙي هٿ سان پڪڙي، نڙيءَ مان درد ڀريون دانهون ڪري رهيو هو. شهزادا…..ڪٿي آهين؟ ڏِسُ….مان تنهنجي لاءِ ڪيڏا گل کڻي آيو آهيان. شهزادا..! هلي اچ هاڻي وڌيڪ نه تڙپاءِ شهزادا….! جڏهن هُو بي قرار چرن سنگ کي وٺي گهر پهتا ته پنهنجي مالڪياڻي جي پيرن ۾ وڃي ڪريو. هُنن، کيس اُٿاريو،کائونس سوال ڪيا.هُن کان شهزادي جي باري ۾ پُڇيو. هر اُن جڳهه جو ڏَسُ پُڇيو، جتي هُو ٻار کي وٺي ويو هو پر رائي چرن وٽ صرف هڪ ئي جواب هو، مان ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان. مون کي ڪابه خبر ناهي. هر ماڻهو جو ذهن هڪ ئي ڳالهه سوچي رهيو هو ته پدما ٻار کي ڳهي ڇڏيو. قرباني وٺي ڇڏي. هاڻ صرف هڪ ئي اُميد رهي هئي ته پدما کان ٿورو پري لاڏائو، نوان نوان اچي ويٺا هئا. اُنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ ايندي ويندي به ڏٺو ويو هو. اڄ به ڪجهه ماڻهن اُنهن کي ڳوٺ ۾ ايندي ۽ پوءِ پدما جي ڪناري پنهنجن گهرن ڏانهن ويندي ڏٺو هو. اُنهن کي لاڏائن تي شڪ هو. اَڀاڳي ماءُ صدمي ۾ بي حال هئي. هُن جي اهڙي ڪيفيت ڪري سندس دل ۾ آيو ته، ٿي سگهي ٿو ته رائي چرن پاڻ ئي لاڏائن کي ٻار وڪڻي ڇڏيو هجي. جئين ئي اِهو خيال هُن کي آيو ته کيس يقين ٿي ويو ته اِها ئي ڳالهه آهي. ٻُڏندڙ ماڻهو ته ڪک جي سهاري کي به تمام وڏو سمجهندو آهي. هُو رائي چرن کي الڳ وٺي وئي ۽ کيس روئي روئي التجا ڪرڻ لڳي. “رائي چرن مون کي منهنجو ننڍڙو آڻي ڏي” جواب ۾ رائي چرن پنهنجو مَٿو پِٽڻ لڳو. اڃا تائين ته صدمي هُن کي ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي قابل به نه ڇڏيو هو. هي ته هُن سوچيو به نه هو ته خود هُن تي به شڪ ڪيو ويندو، کيس اِن ظلم تي روئڻ اچي ويو ته شهزادو ته هُن جو چين هيو ۽ شڪ به هُن تي ڪيو پيو وڃي. هُو جواب ۾ ڪجهه به نه چئي سگهيو. نيٺ مالڪن هُن کي يڪدم گهر مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

انوڪل پنهنجي زال کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هُن جي بي انصاف سوچ کي بدلائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي.

“تون پاڻ ئي سوچ ته هُو ٻار تان پاڻ پيو قربان ٿيندو هو. هُو ائين ڇو ڪندو؟” هُن چيو. پر هُن جي زال آخري فيصلو ڪندي چيو ته ٻار جي جسم تي سون جون کوڙ شيون هيون، سون جي لالچ ته هر شخص جي دل ۾ تمام گھڻي گھرائي سان موجود هوندي آهي، ڇو ته ڪير ڪيترو به ايماندار ڇو نه هجي.

اُن کان پوءِ طئي ٿي چڪو هو ته اَڀاڳي ماءُ کي اُن کان وڌيڪ سمجهائڻ اَجايو آهي.

رائي چرن پنهنجي ڳوٺ واپس اچي ويو.

هُو بي اولاد هو ۽ هُن کي اولاد ٿيڻ جي ڪابه اميد ڪونه هئي. اُن کان پوءِ رائي چرن کي پُٽ ڄائو، پر هُن جي زال مري وئي. رائي چرن نئين ڄاول ٻار تي پهرين نظر وڌي ته الائي ڇو هُن کي ڪاوڙ اچي وئي. هي ننڍڙو ٻار، سندس شهزادي جي خالي جاءِ ڀرڻ آيو هو. پر شعوري طور تي هُن ٻار کي الڳ ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي لاپرواهي ۽ غير ذميواريءَ جي ڪري ڪنهن جي جهولي اُجاڙي چڪو هو، هاڻ هُن کي ڪوبه حق نٿي پهتو ته هُو ڪنهن ٻار جو پيءُ ٿئي، هُن سان محبت ڪري، هُن جي دل وندرائي. جيڪڏهن هُن جي بيواهه ڀيڻ ٻار جي پالنا نه ڪري ها ته شايد ٻار بچي به نه سگهي ها. پوءِ يڪدم رائي چرن جا خيال بدلجي ويا. هڪ تعجب ڏياريندڙ ڳالهه ٿي. ننڍڙو ٻار ريڙهيون پائي هلڻ لڳو. هُو دروازي تائين پهچي چائنٺ پار ڪري پاڻ کي لڪائي ڇڏيندو هو. ڪجهه گھڙين کان پوءِ خوشيءَ مان رڙ سان گڏ سامهون اچي ويندو هو. رائي چرن ڪنهن پاڻ مرادو جُڙيل دستور وانگر هُن جي پويان..! هُن کي پڪرڻ لاءِ ڀَڄڻ لڳو. رائي چرن لِڪڻ جي معاملي ۾ هُن جي مهارت ۽ صحيح فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت تي حيران ٿي ويندو هو. پوءِ رائي چرن جي حيرت وڌندي وئي. ننڍڙي ٻار جو آواز، هُن جو روئڻ، هُن جو ٽهڪ ڏئي کلڻ سڀ ڪجهه شهزادي وانگر ٿيندو پئي ويو. هڪ ڏينهن جڏهن رائي چرن کيس روئندو ٻُڌو ته سندس دل ڌڙڪي پئي. عجيب ۽ غريب ڪيفيت ٿي ويس. کيس ائين لڳو ڄڻ ننڍڙو شهزادو موت جي اَڻڄاڻ واديءَ مان روئي رهيو هجي.پنهنجي “چاننا” کي سڏي رهيو هجي، رائي چرن پنهنجي پُٽ جو نانءُ بدلائي ڇڏيو. هُن کي شهزادي جو نالو ڏئي ڇڏيائين، خود شهزادي جو نالو نٿي وٺي سگهيو اصل ۾ هُن کي شهزادو چئي سڏ ڪندو هو. ننڍڙي “فيلنا” جلد ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو. هُو ٻاتي ٻوليءَ ۾ ننڍڙا ننڍڙا لفظ ادا ڪرڻ لڳو هو. هُن جو صرف آواز ئي نه پر لهجو به شهزادي جهڙو هو. هڪ ڏينهن رائي چرن جي سمجهه ۾ اچي ويو ته شهزادو رُتبي جي فرق جي ڪري پنهنجي چاننا سان پوري طرح رَلي ملي نٿو سگهي، تنهن ڪري ننڍڙي شهزادي سندس گهر ۾ رحمت ٿي، پنهنجي چاننا جي گھر ۾ جنم ورتو هو. اُن خيال جي حمايت ۾ ٻيو به تمام گھڻو ڪجهه هو، جنهن رائي چرن جو ٿورو گهڻو شڪ به ختم ڪري ڇڏيو هو. هُن جو پُٽ شهزادي جي موت کان ٺيڪ هڪ سال پوءِ ڄائو هو. هُن جي زال جي ايتري عمر ٿي چڪي هئي جو کيس اولاد جو ڪوبه امڪان ڪونه هو، پر پوءِ به کيس پُٽ ڄائو هو. ٻار جي ذهانت ۽ ننڍڙن ننڍڙن معاملن ۾ مهارت بلڪل شهزادي جهڙي هئي. رائي چرن هي سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو هو ته ٻار مُستقبل جو سُٺو جج آهي. رائي چرن کي اڪثر مالڪن جو لڳايل الزام ياد اچي ويندو هو. هُو مايوسيءَ واري لهجي ۾ خود ڪلامي ڪندو هو. ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته ماءُ جي دل ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهي، مالڪياڻي ٺيڪ ئي ته چيو هو. هُن کي خبر هوندي ته مان هُن جو ننڍڙو چورائي آيو آهيان، جڏهن هُو اُن نتيجي تي پهچندو هو ته ماضي جي اُها ڪوتاهي کيس غمگين ڪري ڇڏيندي هئي. هُن جون اکيون ڇُلڪڻ لڳنديون هيون. شهزادو تمام گهڻو ياد ايندو هئس، تڙپائيندو هئس، ۽ هُن جي محبت جي انتهائي شدت گڏ ڪري پنهنجي پُٽ ڏانهن وڌندو هو. جنهن کي هُو شهزادو چوندو هو. هاڻ هُن پاڻ کي پُٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. هُن جي پنهنجي زندگي بي معنيٰ ٿي پئي هئي. هُو ٻار جو پاڇو بڻجي پيو هو. هُو ٻار سان ائين رهڻ لڳو هو ڄڻ هُن جو نه پر ڪنهن امير شخص جو اولاد هجي ۽ هُو فقط هڪ خدمت گُذار آهي. هُن ننڍڙي جي لاءِ هڪڙي گاڏي خريد ڪئي. زرد ساٽن جي هڪ ڪوٽي هُن کي وٺي ڏني ۽ سُنهري جهالر واري ٽوپي پڻ، هُن پنهنجي زال جي سونن زيورن مان سندس لاءِ ننڍڙا ننڍڙا ڪڙا ۽ ڳچيءَ لاءِ هڪ لاڪيٽ ٺهرايو.

هُو کيس پاڙي جي ٻارن سان گڏ ڪڏهن کيڏڻ ڪونه ڏيندو هو. پاڻ ڏينهن رات هُن سان گڏ هوندو هو. ٻار ننڍپڻ جي حدن ۾ قدم رکيو ته هُن ويچاري کي تمام گهڻين ڏُکائيندڙ ڳالهين کي مُنهن به ڏيڻو پيو. ننڍڙي هئڻ جي باوجود هُن ۾ جيڪڏهن گھڻي خود اعتمادي نه هجي ها ته هُو بيڪار ٿي وڃي ها. هُن جا دوست,کيس شهزادو چئي چيڙائيندا هئا. هُن ڏانهن عجيب عجيب اشارا ڪندا هئا. ڪنهن حد تائين ڳوٺ جي وڏن پوڙهن جو رَويو مختلف هو. هُو ٻار سان رائي چرن جي ديوانگي جي حد تائين پهتل لاڳاپي کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا.

نيٺ ڇوڪري کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو وقت اچي ويو. رائي چرن پنهنجي اَباڻي زمين جو ننڍڙو حصو به وڪڻي ڇڏيو. جيڪا هُن جي سموري ملڪيت هئي. ڇوڪري کي وٺي ڪلڪتي اچي ويو. ڏاڍي ڳولا کان پوءِ هُن کي هڪ گهر ۾ نوڪري ملي وئي. ڇوڪري کي هُن هڪ سُٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو هو. پاڻ هر طرح جي تڪليف سهندو هو پر ڇوڪري جون تعليمي گُهرجون هر حال ۾ پوريون ڪندو هو. سندس ڪپڙن جو ۽ کائڻ پيئڻ جو هُو پاڻ کان وڌيڪ خيال ڪندو هو. پنهنجي ذات تي نه هئڻ جي برابر خرچ ڪندو هو.کيس کائڻ پيئڻ جي ڪابه پرواهه ڪونه هئي، پاڻ لاءِ ٻين جا لٿل ڪپڙا استعمال ڪندو هو. اڪثر ڪري تنهائي ۾ هُو خود ڪلامي ڪندو هو. شهزادا! او منهنجا! ننڍڙا شهزادا! تون مون سان پيار ڪندو هئين نه! تمام گهڻو پيار ڪندو هئين، تڏهن ته منهنجي گهر ۾ ٻيو جنم ورتو اٿئي! مان توکي ڪڏهن به تڪليف ڪونه ڏيندس. شهزادا! خدا جي مهربانيءَ سان ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. اهڙي طرح ٻارنهن سال گُذري ويا. ڇوڪري پڙهائي پوري ڪئي.

هُو بي حد خوبصورت هو. هُن جي اکين ۾ ذهانت جي چمڪ هئي، هُو پنهنجو تمام گھڻو خيال ڪندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ آرسيءَ جي اڳيان بيهي پنهنجا وار ٺاهيندو رهندو هو. پئسا خرچ ڪرڻ ۾ هُو ڪڏهن به ڪنجوسي نه ڪندو هو ۽ خرچ ڪندي ڪڏهن به نه سوچيندو هو ته هي پيسا ڪٿان ۽ ڪيئن آيا آهن؟

هُن رائي چرن کي ڪڏهن به پيءُ جو درجو نه ڏنو. توڙي جو هُو رائي چرن سان پنهنجي انداز ۾ محبت به ڪندو هو، پر ائين جيئن نوڪر سان محبت ڪبي آهي. اُن ۾ سمورو ڏوهه رائي چرن جو ئي هو. هُو ڪڏهن به اِهو ظاهر ئي نه ڪندو هو ته ڪو هُو، هُن ڇوڪري جو پيءُ آهي. ڇوڪرو هاسٽل ۾ رهندو هو. رائي چرن هُن سان ملڻ لاءِ، پئسا ڏيڻ باقاعدي هاسٽل ويندو هو. ڇوڪري جا دوست رائي چرن جي ڳوٺاڻي هجڻ تي مذاق ڪندا هئا. فيلنا به رائي چرن جي ويندي پُٺيان مذاق ڪندو هو. پر اُن سڀ ڪجهه هوندي به ڇوڪرن جي دلين ۾ معصوم ۽ مهربان رائي چرن جي لاءِ محبت هئي ۽ احساس هو. فلينا به هُن کي زندگيءَ جو لازمي حصو سمجهندو هو. اِها ٻي ڳالهه هئي ته هُو رائي چرن سان محبت وڏائي جي احساس ڪري ڪندو هو. رائي چرن پوڙهو ٿي چڪو هو. سندس مالڪن جي شڪايت به هر روز وڌندي ٿي وئي. هُو ڇوڪري جي ڪري پاڻ کي اڪثر بُکيو رکندو هو. جنهن جو لازمي نتيجو سندس ساڻائي ۽ ڪمزوريءَ جي صورت ۾ نڪرندو هو. ڪمزوريءَ جي ڪري ڪم ۾ فرق پوندو هو. سندس دماغ به متاثر ٿيندو هو.

هُو شيون هيڏانهن هوڏانهن رکي وساري ويهندو هو. مالڪن کي هُن جي مجبوري سان ڪا به غرض ڪونه هئي. هُو ته اوترو ئي ڪم چاهيندا هئا جيترو هڪ نوڪر ڪندو آهي. هُو سندس ڪو به عرض قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئا.

زمين وڪڻڻ مهل کيس جيڪي پئسا مليا هئا اُهي هُن نهايت سمجهداريءَ سان خرچ ڪيا هئا. پر اُهي ڪيستائين ساٿ ڏين ها؟ نيٺ اهي ختم ٿي ويا. ڪي قدر ڇوڪري جون ضرورتون اڃا به وڌي ويون هيون، هُو پنهنجن ڪپڙن تي تنقيد ڪندي رائي چرن کان پئسن جي گُهر ڪندو هو. نيٺ رائي چرن فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي مالڪ جي اڳيان پنهنجي سموري صورتحال وضاحت سان بيان ڪئي. پنهنجا رهيل پئسا ورتا ۽ پنهنجي گهر موٽي آيو. نوڪري هُن ڇڏي ڏني هئي. هُن سڀئي پيسا فيلنا جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيا ۽ چيو! مون کي ڳوٺ وڃي هڪ ڪم پورو ڪرڻو آهي، تون پريشان نه ٿجان! مان جلد ئي واپس اچي ويندس.

هُو سِڌو اُن عدالت ۾ پهتو جتي انوڪل شاهي منصب تي هو. ڪورٽ ۾ انوڪل اڪيلو هو. هُن کيس ٻُڌايو ته هُن کي پوءِ اولاد نه ٿيو آهي ۽ سندس زال ٻار جي غم ۾ ڍانچو بڻجي وئي آهي. پنهنجي پُراڻي نوڪر کي ڏسي انوڪل جي دل نرم ٿي وئي. هُن رائي چرن سان تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون. هُن کيس ٻيهر نوڪري ڏيڻ جي آڇ ڪئي. رائي چرن مڌ هوشيءَ جي حالت ۾ مُرڪيو. مان پنهنجي مالڪياڻيءَ جا پير چُمڻ ٿو چاهيان! هُن چيو. انوڪل کيس پنهنجي گهر وٺي ويو. مالڪياڻي هڪ جوڳيءَ کان مهانگي مُلھ واريون جَڙي ٻُوٽيون خريد ڪري رهي هئي. جن جي باري ۾ جوڳيءَ جو چوڻ هو ته اُهي ٻار جي پئدائش کي يقيني بڻائينديون. هُو پنهنجي مُڙس وانگر رائي چرن سان گرم جوشيءَ سان ڪونه ملي. رائي چرن به هُن جي سرد مهري کي ڪابه خاص اهميت ڪونه ڏني، هُو هٿ ٻَڌي چوڻ لڳو مالڪياڻي! تنهنجي پُٽ کي پدما نه پر مون چورايو هو..! انوڪل رڙ ڪئي. هُن جي لهجي ۾ حيرت ۽ ڪاوڙ هئي! او خدا..! ڪٿي….ڪٿي آهي هُو؟

رائي چرن چيو، هُو مون وٽ ئي آهي. سُڀاڻ نه ٻئي ڏينهن گڏ وٺي ايندومانس!

اُهو آچر جو ڏينهن هو. عدالتن جي موڪل هئي. زال مُڙس دروازي تي موجود پري کان ايندڙ راهه تي نظرون ڄمائي بيٺا هئا. صبح کان اُنهن جي اُها ئي ڪيفيت هئي. نظرون اُن نُقطي تي کُتل هيون جتي آسمان جُهڪندي جُهڪندي رستي سان ملي ٿي ويو. اُنهن جي اندر ۾ اُميد ۽ نااميدي جي وٺ پڪڙ هلندڙ هئي. اُميد چيو پئي ته سندن پُٽ، کين ملي ويندو.! نااُميدي چيو پئي ته جيڪو ٻارنهن سال اڳ وڃائجي ويو هو، اُهو ايڏي سولائيءَ سان ڪيئن ٿو ملي سگهي؟ ڪهڙي خبر رائي چرن ڪوڙ ڳالهائيندو هجي! ۽ ٻار ٻارنهن سال اڳ ئي مري ويو هجي.

لڳ ڀڳ ڏهين وڳي رائي چرن فلينا جو هٿ وٺي ايندي نظر آيو. انوڪل جي زال يڪدم اڳتي وڌي ڇوڪري کي پنهنجي ڇاتيءَ سان کڻي لاتو. هُن جوش جي شدت ڪري ڪڏهن ڇوڪري جو مُنهن ٿي چُميو ته ڪڏهن کيس پيرن کان مٿي تائين ٿي ڏٺائين. ڄڻ اکين جي رستي هُن کي دل ۾ سمائڻ چاهيندي هجي.

هُن هڪ ڀيرو به رائي چرن کي اک کڻي ڪونه ڏٺو. هُن جون سالن کان اُڃايل، بي قرار اکيون ڇوڪري تان هٽيون ئي نٿي..! هُو هر هر فلينا کي بي يقينيءَ سان ڇُهي رهي هئي ۽ سندس ڇُهاءُ کي محسوس ڪري، خوشيءَ مان پنهنجي وس مان نڪري ٿي وئي.ڇوڪرو دلڪش نظر ٿي آيو.هُن کي لباس به اهڙو پاتل هو ڄڻ هُو ڪنهن وڏ گهراڻي جو ٻار هجي..!

انوڪل جي دل به هُن کي ڏسي اَڻ جهل ٿي ٿيندي وئي.نيٺ هُو شاهي منصب وارو هو.

هُن رائي چرن کان پُڇيو ته تو وٽ هِن جو ڪهڙو ثبوت آهي ته هي ٻار اسان جو اولاد آهي؟رائي چرن چيو۔مان پنهنجي ويساھ گهاتيءَ جو ڪهڙو ثبوت ٿو ڏئي سگهان مالڪ!بس خدا ڄاڻي ٿو ته توهان جو پُٽ مون ئي چورايو هو. خدا کان سواءِ اِن ڳالهه جي ڪنهن کي به خبر ناهي. انوڪل ٻار جي لاءِ پنهنجي زال جي بي قراري ڏٺي ته کيس پنهنجا شڪ ۽ سوال پاڻ کي به فضول لڳس. ڇو ته هاڻ رائي چرن جي ڳالهه تي يقين ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي هئي. پوءِ هي به سوچڻ جي ڳالهه هئي ته رائي چرن جهڙي پوڙهي وٽ ڪنهن ٻار جي پيدا ٿيڻ جو ته ڪو به ذريعو ڪونه هو ۽ انوڪل رائي چرن کي ننڍپڻ کان ئي ڏٺو هو ته هُو ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندو هو.

پر رائي چرن هاڻ تون هتي رهي نٿو سگهين!

مان هِن پوڙهائپ ۾ ڪاڏي ويندس مالڪ!؟ رائي چرن ڏُکاري لهجي ۾ چيو. مان هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهيان..! مالڪ! هاڻ مون کي نوڪري ڪير ڏيندو؟

مالڪياڻي! انوڪل کي چيو ته هِن کي هتي ئي رهڻ ڏي، ڪهڙي خرابي آهي؟ منهنجو پُٽ خوش ٿيندو! مون کيس معاف ڪري ڇڏيو آهي. پر انوڪل وٽ هڪ جج جو ضمير هو. ڏوھ کي قبول ڪرڻ کان پوءِ ڏوهاريءَ کي ڪيئن ٿي رعايت ڏئي سگهيو..!

رائي چرن منهنجي پُٽ سان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي. اُن تي منهنجو پُٽ گهٽ ۾ گهٽ هِن کي دعا نٿو ڪري سگهي. رائي چرن ننڍڙي شهزادي جي پيرن ۾ ڪري پيو. ننڍڙا شهزادا! مون کي نه ڪڍو! هُو منٿون ڪرڻ لڳو..! مون ڪجهه به ناهي ڪيو..! هي ته خدا مون سان ڏاڍائي ڪئي آهي، مون ته ڪجهه به نه ڪيو هو..! مالڪ! هُو تمام گهڻو روئڻ لڳو. انوڪل جو مزاج مَنفي ٿي ويو.

ڏوهاريءَ، خدا کي سڄو ڏوهه ڏئي ڄڻ هڪ ٻيو به ڏوهه ڪيو هو نه!

هُن سخت لهجي ۾ چيو! مان هتي توکي رهڻ جي موڪل نٿو ڏئي سگهان! هاڻ مان توتي ڀروسو نٿو ڪري سگهان! تو وڏي بي وفائي ڪئي آهي!

رائي چرن سندس پيرن مان اُٿي بيٺو.

مون بيوفائي ڪونه ڪئي آهي مالڪ!

هُن وڏي بيوسيءَ مان چيو. مون ته ڪجهه به نه ڪيو آهي!

ته ڪنهن ڪيو آهي؟ هي ظلم!

رائي چرن هُن کي مختصر جواب ڏنو.

منهنجي ڀاڳن!

پر ڪو پڙهيل لکيل ذهين شخص رائي چرن جي گذارش نٿي قبول ڪري سگهيو! انوڪل رائي چرن کي سختي سان حڪم ڏنو ته هُو سندس گھر مان نڪري وڃي. فلينا کي جڏهن هي اندازو ٿيو ته هُو هڪ امير ترين، دٻدٻي واري جو پُٽ آهي ته هُن کي رائي چرن تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي. اِهو سوچي هُن جو رت به جوش مان ڪڙهڻ لڳو. ڇو ته رائي چرن ايترو عرصو کيس سندس گهر ۽ ماءُ پيءُ کان پري رکيو هو. پر پوءِ رائي چرن جو ڏُکايل چهرو ڏسي هُن کي رائي چرن جون شفقتون ۽ قربانيون ياد آيون ۽ رائي چرن جو قياس ٿيڻ لڳو. هُن انوڪل کي چيو ته هِن کي معاف ڪري ڇڏيو بابا! اگر توهان هِن کي هتي رهڻ جي موڪل نه ٿا ڏئي سگهو، تڏهن به هِن جي مالي مدد ضرور ڪرڻي پوندي.

هي پوڙهائپ ۾ نوڪري ڪيئن ڪندو؟

هُن جي ڳالهه ٻُڌڻ کان پوءِ رائي چرن زبان مان هڪڙو لفظ به نه ڪڍيو. هُن پنهنجي پُراڻي مالڪ ۽ مالڪياڻيءَ کي هڪ نظر ڏٺو پوءِ پنهنجي آئيندي جي جج پُٽ کي آخري دفعو ڏُک ۾ ويڙهيل مُحبت سان ڏٺو. پوءِ هُن اکيون جُهڪايون. مالڪ ۽ مالڪياڻي کي جُهڪي سلام ڪيو ۽ هُو گهر جي چائنٺ ٽِپي دنيا جي ڪروڙين غير اهم ماڻهن ۾ شامل ٿي ويو.

پُٽ جي خواهش مُطابق انوڪل مهيني کان پوءِ ڪجهه پيسا رائي چرن لاءِ سندس ڳوٺ جي پتي تي مني آرڊر جي ذريعي موڪليا. پر ڪجهه ئي ڏينهَن کان پوءِ اُهي پئسا واپس موٽي آيا..

مني آرڊر جي هيٺيان لکيل هو ته هِن ڏس پتي تي رائي چرن نالي ڪوبه شخص ڪونه رهندو آهي. هُو مري چڪو آهي..!

***