اڄڪلهه، اسان تيز برساتن جي اثر هيٺ آهيون. هر ٽن يا چئن سالن ۾، اهي تيز برساتون ٻوڏ جي صورت اختيار ڪن ٿيون. 2022 ۾، سنڌ ۾ اهڙيون برساتون پيون جن پوري سنڌ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو ۽ تباهيءَ جا منظر ڏسڻ ۾ آيا ان کانپوءِ سرڪار نئين سر گهر اڏڻ جي سروي ڪئي ۽ ٻاهرين مدد تحت گهر اڏڻ جو سلسلو شروع ٿيو، پر اهو سلسلو ايترو ته سست رفتاريءَ سان هليو جو ٽن سالن ۾ به اهي گهر مڪمل طور ٺهي نه سگهيا ۽ وري مٿان نئين برسات جا راڱا ٿيڻ لڳا آهن. 2022 ۾ سنڌ ۾ برساتن، ڪيتريون ئي جانيون ضايع ڪيون، ماڻهن جا مال ٻوڏ ۾ ٻڏي ويا، مٽيءَ جا گهر تباهه ٿي ويا. لکين وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا. هن وقت وري سنڌ سخت موسمياتي تبديلين جي زد ۾ آهي. جنهن لاءِ اسان اڳواٽ ڪي به اپاءُ نه وٺي سگهيا آهيون، اسان قدرتي لنگهه بند ڪري آبادي ڪري ڇڏي آهي جنهنڪري پاڻيءَ جو نيڪال ٿيڻ نهايت مشڪل آهي ۽ اسان وٽ قدرتي آفتن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا جامع پاليسي يا فعال قدم کڻڻ جي صلاحيت نه آهي. ايريگيشن کاتو سڄو سال ڪم ڪرڻ بجاءِ ايمرجنسيءَ جي بنياد تي اڳيان ڏسڻ ۾ ايندو آهي يا ائين کڻي چئجي ته اهڙيون قدرتي آفتون ۽ حادثا حڪمرانن ۽ بيوروڪريسي لاءِ هڪ نعمت آهن ۽ موقعي مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن وقت ماحولياتي تبديليون ۽ انهن جا اثر سڄي دنيا ۾ بحث هيٺ آهن، پر اسان انهن موضوعن تي ڪنهن به پرنٽ ميڊيا، سوشل فورم يا ڪنهن به ٽاڪ شو ۾ بحث نٿا ڪريون. عالمي رپورٽ موجب گرميءَ جي شديد لهرن سبب آفريقا جي سامونڊي خطي، ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪجهه علائقن جو عملي طور تي غير آباد هئڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته شديد موسم غريب ملڪن کي تباهيءَ طرف ڌڪي سگهي ٿي. اها ڳالهه ريڊ ڪراس ۽ گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) طرفان گڏيل طور تي شايع ڪيل دستاويز ۾ ٻُڌائي وئي آهي. دستاويز مطابق وڌندڙ گرمي پد سڄي دنيا ۾ انساني تباهيءَ کي جنم ڏئي رهي آهي، موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ شديد گرميءَ جون لهرون ايندڙ ڏهاڪن ۾ دنيا جي ڪجهه علائقن کي عملي طور تي ناقابل رهائش بڻائي سگهن ٿيون. سڄي دنيا ۾ شديد گرميءَ جون لهرون خطرناڪ شرح سان وڌي رهيون آهن، ان جي اثرن ۾ وڏي پيماني تي آفتون، قيمتي جانين جو نقصان، آباديءَ جي لڏپلاڻ ۽ عدم مساوات ۾ اضافو شامل آهي.