خاصنئون

پاڪستان، پاڪ ايران گئس پائپ لائين تي ڪم روڪي ڇڏيو

پاڪستان حڪومت پاڪ ايران گئس منصوبي تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. انٽر اسٽيٽ گئس سسٽمز جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبين صولت عرب نيوز کي چيو آهي ته آمريڪا پاران ايران تي پابنديون هڻڻ سبب هن منصوبي تي ڪم کي روڪيو ويو آهي، جنهن بابت ايران کي لکت ۾ به اطلاع ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هن قدم کانپوءِ ايران پاڪستان کي قانوني نوٽيس ڏئي سگهي ٿو جنهن لاءِ ايران وٽ آگسٽ تائين جو وقت آهي. هن کان پهريان به ايران، پاڪستان کي اهڙو قانوني نوٽيس ڏيئي چڪو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن پاڪستان مقرر وقت ۾ پنهنجي علائقي ۾ پائيپ لائين نه وڇائي ته ايران عالمي ٽياڪڙي واري عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائيندو. واضح رهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جي حڪومت ۾ پاڪستان ۽ ايران هن منصوبي تي ڪم شروع ڪيو هو. جنهن بعد ايران پنهنجي علائقي ۾ 900 ڪلو ميٽرن جي گئس پائيپ لائين وڇائي چڪو آهي جڏهن ته پاڪستان کي به معاهدي تحت پنهنجي علائقي ۾ 800 ڪلو ميٽرن تي پائيپ لائين وڇائڻي هئي.