عورت بابت سماج ۾ صديون پراڻا تصور گردش ڪندا رهيا آهن. ڪڏهن چيو ويو ته عورت دولت ڏانهن مائل هوندي آهي، ڪڏهن سندس خواهشن کي حسن ۽ ظاهري ڏيک سان جوڙيو ويو ۽ ڪڏهن وري شاعريءَ ۽ مٺن لفظن کي عورت جي ڪمزوري سمجهيو ويو، پر حقيقت ان سڀ کان گهڻي مختلف ۽ گهڻي گهري آهي. عورت جي اصل خواهش نه اميري آهي نه حسن ۽ نه ئي وڏيون دعوائون؛ عورت کي رڳو سمجهه، تحفظ، عزت ۽ جذباتي سڪون گهرجي. عورت جڏهن اداس ٿيندي آهي ته هوءَ گهڻو ڪري شڪايت نه ڪندي آهي. هوءَ پنهنجي درد کي لفظن ۾ قيد ڪرڻ بدران اکين ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي. اهي اکيون، جيڪي هڪ ئي وقت صبر، ٿڪ، اميد ۽ خاموش سوالن سان ڀريل هونديون آهن. اهڙي موقعي تي جيڪڏهن مرد رڳو ٻڌڻ نه، پر سمجهڻ ڄاڻي، ته اهوئي سچي محبت جو ثبوت آهي. جڏهن مرد پنهنجي سيني ڏانهن اشارو ڪري چوي: “هي تنهنجو وطن آهي” ته اهو جملو عورت لاءِ محلن، زيورن ۽ دولت کان به وڌيڪ قيمتي بڻجي وڃي ٿو. وطن ڇا آهي؟ وطن صرف زمين جو ٽڪرو ناهي. وطن اهو احساس آهي، جتي انسان پاڻ کي محفوظ سمجهي، جتي هن جي عزت ٿئي، جتي هن جي خاموشي به قبول ڪئي وڃي. عورت به هڪ مرد جي دل ۾ اهڙو ئي وطن ڳولهي ٿي، جتي هوءَ بنا ڊپ جي روئي سگهي، کلِي سگهي، سوال ڪري سگهي ۽ ڪمزور ٿي سگهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جيڪو سنڌي روح جو شاعر آهي، عورت جي احساسن ۽ محبت جي عظمت کي انتهائي خوبصورت نموني سان پيش ڪيو آهي. لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت ڪمزور نه، پر مضبوط، باوفا ۽ احساسن سان ڀرپور نظر اچي ٿي. لطيف چوي ٿو: