جڏهن به ذڪر بنگال جو نڪرندو آهي، هِڪُ ته بنگال ۾ موجود سونَهري سِڻيءَ جي کيتي ٻاڙي، چَس ڀري چانهه جا باغَ، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ناريل جا وڻ ۽ خوبصورت دوشيزائن جي ونگيل وارن وانگر ور وڪڙ ڌرتي ياد ايندي آهي، ٻيو شيخ مجيب الرحمان جنهن بنگال کي سڄي دنيا ۾ بنگلاديش جي نئين نالي سان نئين شناخت ڏِني. شيخ مجيب هڪ مخصوص واسڪوٽي پائي جڏهن اسٽيج تي ننڍي کنڊ جي پهرئين نوبيل انعام يافته گُروديو ٽيگور ۽ نذرالاسلام جي شاعري پڙهندو هو ته هيٺ هن جا عاشق به ساڳي نموني واري واسڪوٽيءَ ۾ ملبوس هن جي هر لفظ کي لبيڪ لبيڪ ڪندا هئا. نذرالاسلام بنگال جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ چُروليا (Churulia) ۾ هڪ معزز قاضي ڪٽنب ۾ 24 مئي 1899 ع ۾ پيدا ٿيو. هُن جا وڏڙا هڪ الله لوڪ بزرگ حاجي پهلوان جي مزار جا مُجاور هئا. هو ننڍي هوندي کان گهڻي قدر گم سم، چپ ۽ بيمار رهندو هو، جنهن جي ڪري هُنَ کي اوڙي پاڙي جا ماڻهو ‘دُکو ميان’ ڏُکايل ماڻهو ڪري ڪوٺيندا هئا. هو واقعي به ڏکايل ماڻهو هو. ڇو جو ننڍي هوندي ئي هو يتيم ٿي ويو هو. يعني لطيف سائين جي سٽن وانگر ‘هو جي سورَ سُجهن سي مون پينگهي ۾ پِرايا’ واري واٽ جو مسافر هو. هو بيمار بلڪل هو، پر هن جو ذهن صحتمند ۽ آواز ڏاڍو پرسوز هوندو هو، جنهن جي ڪري هو مدرسي ۾ مولودين سان گڏ مولود به پڙهندو هو. هو ننڍي هوندي مسجد جو امام ٿيو، موذن به ٿيو ۽ آواز سُريلو هئڻ جي ڪري هو پنهنجي چاچي فضلِ ڪريم جي ٺاهيل سنگيت منڊليءَ ۾ مڱڻهارن/ميراثين جي هڪ ٽولي سان ملي جهر جهنگ وستي واهڻ ڳائڻ وڄائڻ ۾ جنبي ويو. سنگيت جي هن ٽوليءَ ۾ نذرالاسلام بنگالي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ به لکيا، سنسڪرت ٻولي به سکي ۽ پُراڻ به پڙهڻ لڳو. بعد ۾ نذر الاسلام ناٽڪ منڊلي ڇڏي باضابطه طور اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي.