بلاگنئون

نذرالاسلام: “دُکو ميان” کان “بِدروهي” تائين جو سفر

جڏهن به ذڪر بنگال جو نڪرندو آهي، هِڪُ ته بنگال ۾ موجود سونَهري سِڻيءَ جي کيتي ٻاڙي، چَس ڀري چانهه جا باغَ، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ناريل جا وڻ ۽ خوبصورت دوشيزائن جي ونگيل وارن وانگر ور وڪڙ ڌرتي ياد ايندي آهي، ٻيو شيخ مجيب الرحمان جنهن بنگال کي سڄي دنيا ۾ بنگلاديش جي نئين نالي سان نئين شناخت ڏِني. شيخ مجيب هڪ مخصوص واسڪوٽي پائي جڏهن اسٽيج تي ننڍي کنڊ جي پهرئين نوبيل انعام يافته گُروديو ٽيگور ۽ نذرالاسلام جي شاعري پڙهندو هو ته هيٺ هن جا عاشق به ساڳي نموني واري واسڪوٽيءَ ۾ ملبوس هن جي هر لفظ کي لبيڪ لبيڪ ڪندا هئا. نذرالاسلام بنگال جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ چُروليا (Churulia) ۾ هڪ معزز قاضي ڪٽنب ۾ 24 مئي 1899 ع ۾ پيدا ٿيو. هُن جا وڏڙا هڪ الله لوڪ بزرگ حاجي پهلوان جي مزار جا مُجاور هئا. هو ننڍي هوندي کان گهڻي قدر گم سم، چپ ۽ بيمار رهندو هو، جنهن جي ڪري هُنَ کي اوڙي پاڙي جا ماڻهو ‘دُکو ميان’ ڏُکايل ماڻهو ڪري ڪوٺيندا هئا. هو واقعي به ڏکايل ماڻهو هو. ڇو جو ننڍي هوندي ئي هو يتيم ٿي ويو هو. يعني لطيف سائين جي سٽن وانگر ‘هو جي سورَ سُجهن سي مون پينگهي ۾ پِرايا’ واري واٽ جو مسافر هو. هو بيمار بلڪل هو، پر هن جو ذهن صحتمند ۽ آواز ڏاڍو پرسوز هوندو هو، جنهن جي ڪري هو مدرسي ۾ مولودين سان گڏ مولود به پڙهندو هو. هو ننڍي هوندي مسجد جو امام ٿيو، موذن به ٿيو ۽ آواز سُريلو هئڻ جي ڪري هو پنهنجي چاچي فضلِ ڪريم جي ٺاهيل سنگيت منڊليءَ ۾ مڱڻهارن/ميراثين جي هڪ ٽولي سان ملي جهر جهنگ وستي واهڻ ڳائڻ وڄائڻ ۾ جنبي ويو. سنگيت جي هن ٽوليءَ ۾ نذرالاسلام بنگالي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ به لکيا، سنسڪرت ٻولي به سکي ۽ پُراڻ به پڙهڻ لڳو. بعد ۾ نذر الاسلام ناٽڪ منڊلي ڇڏي باضابطه طور اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي.

غربت جي ڪري کيس چانهه کپائي ۽ هڪ بيڪريءَ تي مزدوري به ڪرڻي پئي. ان کان علاوه به هو ننڍيون وڏيون مزدوريون مڙهيون ڪندي پاڻ ۽ پنهنجي گهر وارن کي تاتيندو رهيو. نيٺ غربت کان تنگ ٿي پهرئين جنگِ عظيم دوران فِرنگين جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو. جڏھن ھن جي ڊيوٽي ڪراچيءَ ۾ ڪوارٽر ماسٽر حوالدار طور ٿي ته هن وٽ ٽِي بنگالي فوجي ڦاٽل ورديون پهريل ۽ زخمي حالت ۾ اچي حاضر ٿيا. جڏهن نذرالاسلام هنن کان ان سڄي قصي بابت حال احوال ورتو ته هنن کيس ٻڌايو ته اسان ڪراچيءَ جي هڪ گَھڙِين جي مارڪيٽ ۾ ويا هئاسين، جتي اسان دڪاندار کان گھڙين جي قيمت پڇي ته دڪاندار هنن تي طنز ڪندي چيو “ڇا بنگالي به گهڙيون خريد ڪري سگهن ٿا؟” جنهن تي اسان جو رت  ٽهڪي اٿيو ۽ اسان وردين ۾ هوندي به دڪاندار ۽ ان جي ملازمن سان وڙهي پياسين ۽ دڪان جي ڀڃ ڊاهه به ڪئيسين…! فوجين جي اهڙي احوال تي نذرالاسلام هنن کي سزا ڏيڻ جي بجاءِ شاباش ڏني ته اڄ توهان بنگال جو ڪنڌُ مٿي ڪيو آهي…! تنهنڪري توهان جي لاءِ کوڙ نئيون ورديون ۽ هي ورديون وڃي ڪٿي دفن ڪري ڇڏيو، منهنجا دلير ساٿيو! هي واقعو قاضي نذرالاسلام جي بٽالين ۾ گڏ ڪم ڪندڙ شنڀهو راءِ هڪڙي بنگالي اخبار ۾ خط جي صورت ۾ تحرير ڪيو هو.

ڪراچيءَ ۾ ئي نذرالاسلام ڪهاڻيون ۽ ڪويتائون لکڻ شروع ڪيون. 1921ع  ۾ قاضي نذرالاسلام نوبيل انعام يافته بنگال جي عظيم ڪَوي رابندرناٿ ٽئگور سان مليو. ان دوران هن ڪيتريون ئي ڪويتائون لکيون جيڪي نه صرف فِرنگين خلاف بغاوت هئي، پر مذهبي پنڊتن، سرمائيدارن جي ٺڳين، زميندارن جي ظلم ۽ سماج ۾ موجود اڻبرابريءَ خلاف سراپا احتجاج هيون. ديش ڀڳت هئڻ جي ڪري نذرالاسلام کي ڪيترائي ڀيرا جيل جي سلاخن پويان بند ڪيو ويو. جيل ۾ ته صرف جسم کي بند ڪري سگهجي ٿو، پر ذهن تي پهرو رکڻ ناممڪن آهي. اهڙي آزاد سوچ رکندڙ حساس دل رکندڙ شاعر کي جڏهن هڪڙي جيل ۾ بند ڪيو ويو ته هن پنهنجي نَنهنَ سان جسم کي جِهيرَ ڏَئي رت ڪڍي جيل جي ديوار تي “بِدروهي” لکيو. هن لکيو:

چئي ڏي اي سورهيه، چئي ڏي ته مان سوڀارو آهيان،

مان ڪامياب ۽ ڪامران آهيان،

مان سر بلند آهيان،

ايترو سربلند آهيان جو هماليه جون اوچيون چوٽيون به مون آڏو جهڪيل آهن…

مان باغي آهيان، بغاوت منهنجو مذهب آهي.

مان وطن جو سرڪش اولاد آهيان.

مان باغي آهيان…

جڏهن نذرالاسلام جو هي نظم “بدروهي” بجلي رسالي ۾ 1922ع  ۾ ڇپيو ته هندوستان ۾ موجود جملي طور سڀني تحريڪن جي ديش ڀڳتن ۽ آزاديءَ جي متوالن جي چپن تي مان باغي آهيان، مان باغي آهيان گونجي رهيو هو. هن نظم لکڻ کانپوءِ قاضي نذرالاسلام “بدروهي” باغيءَ  جي نالي سان سڄي هندوستان ۾ مشهور ٿي ويو.

هو مذهبي متڀيد کان مٿانهون هو ۽ مذهبن ۾ انسان دوست ڳالهين ۽ محبتن جو قائل هو. هو نفرت ۽ مذهبي انتها پسنديءَ جو انڪاري هو. تڏهن ته هن چيو:

“اچو  هندو ڀائرو! اچو مسلمانو! اچو ٻُڌُ ڌرميو! اچو عيسائيو! اچو ته سڀئي رڪاوٽون ۽ فرقَ مِٽائي ڇڏيون، هميشه لاءِ هر ننڍائي، هر ڪوڙ ۽ هر خود غرضيءَ کي ڇڏي ڏيون ۽ هڪٻئي کي ڀاءُ سمجهون  هاڻي اسين وڌيڪ پاڻ ۾ جهيڙا نه ڪنداسين.

نذرالاسلام مذهبي ڀائچاري کي وڌائڻ لاءِ عملي طور “پرميلاسين” نالي هندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. هِنَ عمل جي ڪري نذرالاسلام سان هڪ پاسي مسلمان  ڪاوڙيا ته ٻئي پاسي هندو هُن جا جاني دشمن ٿي بيٺا. هن محبت ۽ آزاديءَ جي بنياد تي شادي ڪئي. هن محبت ۾ پنهنجي محبوبه کي آزادي ڏني ته هوءَ ڀلي پنهنجي ڌرم سان جڙيل هجي ۽ پاڻ به محبت ۾ آزاد هو ته پنهنجي دين کي نه ڇڏي. هيءَ به هڪ قسم جي بغاوت هئي. ڇو جو باغي پڻو ته سندس روح ۾ شامل هو. هن پنهنجي ٻارن جا نالا به ٻنهي مذهبن کي ملائي رکيا جيئن هڪڙي پٽ جو نالو ڪرشن محمد رکيائين. قاضي ٻهَ قومي نظرئي جو ڪٽر مخالف هو.

گمنام محبوبه، مجاهد جو نعرو، زخمي روح، نئون صبح، گهنڊ جو آواز، حاڪم ۽ محڪوم، عورت، ڌاڙيل، وئشيا، ناخدا، انڌو ديوتا، مزدور ۽ باغي “بِدروهي” نظم کان علاوه هن ٽن هزارن کان مٿي ڪويتائون لکيون. سندس ڪويتائن ۾ پيار، رومانس، انسانيت، آزادي، بغاوت، وهم پرستي، توهم پرستي، روحانيت ۽ مذهبي ۽ سماجي برابري جا گهڻ رُخا موضوع ملن ٿا. هن محبت کي رڳو عاشق ۽ معشوق جي احساس تائين محدود نه رکيو، پر ان کي انسان ذات جي گڏيل احساس، قرباني ۽ سچائيءَ سان به جوڙيو. سندس شاعريءَ ۾ رومانس، نرمي ۽ جذبن جو  خوبصورت اظهار سامهون اچي ٿو، جڏهن ته ان سان گڏ آزاديءَ جي تڙپ ۽ ظلم خلاف آواز پڻ شامل آهي.

ساڳئي وقت، هن محبت کي مذهبن، قومن ۽ ذاتين کان مٿانهون ڪري ڏيکاريو آهي. هن هندو ۽ مسلمان ٻنهي ثقافتن جي علامتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ گڏ اُڻي ايئن ڏيکاريو آهي جو انساني ڀائيچاري ۽ رواداريءَ جو مضبوط پيغام ڏنو. سندس خيال موجب سچي محبت انسان کي نفرت، تنگ نظري ۽ غلاميءَ کان آزاد ڪري ٿي. هو “ڌاڙيل” نظم ۾ حڪمرانن کي منظم ڌاڙيل ۽ حڪومت کي منظم ڌاڙو لکي ٿو. جنهن جو ذڪر هيٺين سٽن ۾ برملا ملي ٿو؛

او ساٿي…!!

توتي جيڪي ڦرلٽ، چوري ۽ رهزنيءَ جو الزام ٿا هڻن، تن کي اها خبر ناهي ته دنيا جو دستور ئي اهڙو آهي،

ڇا حڪومت هڪ ظالماڻه ۽ منظم ڌاڙو ناهي؟

قاضي نذرالاسلام شاعر هئڻ سان گڏ موسيقار، سنگيت ڪار، اداڪار، فلمساز، بانسري ساز، ڍولڪ نواز ۽ آزادي پسند به هو. اسان سنڌي شاھ لطيف کانپوءِ جيڪا عزت شيخ اياز کي ڏيندا آهيون، اوتري بنگالي وري  ٽيگور کانپوءِ نذرالاسلام کي ڏيندا آهن. ٽيگور جي موت تي نذرل کي انتهائي سخت صدمو رسيو ۽ ان جي مرتئي تي هن ڪويتا به لکي. ٽيگور جي مرڻ کانپوءِ نذرل پاڻ به بيمار رهڻ لڳو. بنگال جو هي باغي روحُ، دماغي بيمارين سان وڙهندي وڙهندي آخرڪار 29 آگسٽ 1976 ۾ ڍاڪا ۾ وفات ڪري ويو، پر سندس ڪويتائون ۽ رچنائون اڄ به سونهري سڻيءَ جي کيتن ۾ گونجن ٿيون.