بلاگنئون

اپر ڪلاس سسٽم جي نگهبان رياست!

گذريل ڏينهن صدر پاڪستان آصف علي زرداري قومي اسيمبلي اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ صدارتي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ 140 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايف بي آر جي اختيارن کي وڌيڪ واڌ ڏيندي آفيسرن کي ڪنهن به بزنس، جڳهه، فيڪٽري تي غير قانوني سامان کي قبضي ۾ وٺڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. آصف علي زرداري پگهار مراعت و استحقاق ايڪٽ 1975ع ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ 180 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جون پگهارون پارليامينٽ ميمبرن جي برابر هونديون.

آرڊيننس موجب وفاقي وزيرن جون پگهارون 2 لک 18 هزار رپين مان وڌائي 5 لک 19 هزار ڪيون ويون آهن، پگهارن ۾ اضافو پهرين جنوري 2025 کان ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ايف بي آر جو ٽيڪس رڪوري جي لاءِ اختيار وڌيڪ وڌائيندي فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ 2005 ۾ به ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون ويون آهن. آرڊيننس جي تحت پهرين اپيل جي خاتمي تي ايف بي آر ادا ڪرڻ جوڳي ٽيڪس جي فوري رڪوري ڪري سگهندو.کين اڪائونٽ فوري منجمد ڪرڻ ۽ ڪاروباري هنڌن تي آفيسر مقرر ڪرڻ جو به اختيار ڏنو ويو آهي. پيداوار ۽ اسٽاڪ جي نگراني به ڪري سگهندو. صدر آصف علي زرداري جي منظوري کانپوءِ سي ڊي اي ترميمي آرڊيننس جو گزٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ معاوضو صرف روڪ جي صورت ۾ نه پر زمين يا ٻين شڪلين ۾ به ادا ڪري سگهبو. ڊپٽي ڪمشنر زمين ۽ بلڊنگز لاءِ ڌار ڌار ڪانٽريڪٽ ايوارڊ ڪرڻ جا مجاز هوندا. ياد رهي ته هن کان اڳ هلندڙ سال فيبروري ۾ وزيراعظم شهباز شريف تنقيد کي رد ڪندي پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني هئي. جڏهن ته حڪمرانن موجب ملازمن جي پگهارن لاءِ آءِ ايم ايف جي راضپي سان مشروط آهي. ملازم جڏهن به پگهار ۽ ٻين مطالبن لاءِ آواز اٿاري ٿو ته مٿس تشدد جا حربا هلائي جيلن جي سلاخن ۾ بند ڪيو وڃي ٿو، مٿن لاٺي چارج ڪري واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. آخر انهن ملازمن جو قصور ڪهڙو آهي؟ جيڪي ڏينهن رات عوام جي خدمت ۾ مصروف آهن. انهن جي جائز حقن تي ڌاڙو آخر ڪيستائين جاري رهندو؟ گذريل سال آءِ ايم ايف پيڪيج کان اڳ وزيراعظم آفيس جي آفيسرن لاءِ 4 اضافي پگهارن جي منظوري ڏني وئي آهي. ڊيفالٽ کان  بچڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان نئين بيل آئوٽ پيڪيج جي درخواست لاءِ واشنگٽن روانگي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ناڻي واري وزير پنهنجي وزارت جي آفيسرن کي 4 اضافي پگهارون ڏيڻ جي منظوري ڏني جيڪا مهانگائي جي شڪار عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر هئي. هڪ سروي موجب عوام گڏيل طور تي 30 سيڪڙو مهانگائي ۽ ڪيترائي ڀيرا اضافي سان يوٽيليٽي بلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان جي باوجود کين ڪو رليف ته نٿو ملي، پر وزيرن جون پگهارون وڌائي “ڀريلن کي ويتر ڀريو” پيو وڃي جيڪو عمل ملڪ جي تباهيءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي. هن وقت حڪومت پاڻ ٽيڪس ڪليڪشن تي گذران پئي ڪري، جنهن  ڪري هنن وٽ اعليٰ اپت وارا ادارا ناهن رهيا. ان ڪري آءِ ايم ايف سان هر دفعي اهو واعدو ڪري ٿا اچن ته هن ڀيري ٽيڪس وڌائينداسين ۽ نوان ٽيڪس به لاڳو ڪنداسين، جنهن ۾ عوام جي ڀلي چيلھه چٻي ٿي پوي، پر کين ٽيڪس هر حال ۾ مڙهڻو آهي. حڪمران آءِ ايم ايف سان 20 کان 22 سيڪڙو ٽيڪس آمدني جي واڌ ۽ اوڳاڙي جي واعدن باوجود  12 سيڪڙو تائين ٽيڪس اوڳاڙي به نٿا ڪري سگهن. ڳالھه اها به آهي ته جيڪي عام دڪاندار، ريڙهي هلائيندڙ، هوٽلون يا ٻيا ڪاروبار هلائيندڙ ۽ وڏيون فيڪٽريون هلائيندڙ هن رياست جي چنبي ۾ نٿا اچي سگهن، ڇو ته اسان وٽ ٽيڪس نظام خراب آهي، پر آءِ ايم ايف جي مسلسل قرض وٺڻ جي صورت ۾ اهي ٻاهريون طاقتون رياست جي مٿان زور ٿيون رکن ته اهي ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻين ۽ زرعي ٽيڪس سميت انڪم ٽيڪس، ڪنزيومر ٽيڪس، ويلٿ ٽيڪس، سليز ٽيڪس سميت اهڙا سپر ٽيڪس لاڳو ڪن جنهن ۾ هي هڪ ڌڪ سان سڀ شڪار ڪري وڃن، پر بدقسمتي سان هڪ پگهاردار طبقو آهي، جيڪو ٻيڻو ٽيڪس به ڀري ٿو ۽ پريشان به ٿئي ٿو. جڏهن ته ڪوبه وزير اهڙي ٽيڪس جي ڄار ۾ نٿو اچي، جو پگهار وٺڻ کان پهرين ٽيڪس ڪٽجي ٿو وڃي ۽ پوءِ ڪنزيومر ۽ ويلٿ ٽيڪس الڳ لاڳو ٿين ٿا. جيڪڏهن خزانو خالي آهي ته هزارين ايڪڙ زمينون ڪروڙن رپين جون گاڏيون رکندڙ وزيرن جون پگهارون ڪيئن ٿيون وڌايون وڃن باقي غريب ۽ ننڍن ملازمن جون پگهارون وڌائڻ لاءِ بهانا ڇو ٿا ڪيا وڃن. پارليامينٽ ميمبرن جي پگھارن ۾ 200 سيڪڙو اضافو سمجھه کان ٻاھر آھي، باقي پڙھيل لکيل نوجوان ڪيترن ئي سالن کان نوڪرين جي آسرن ۾ ويٺا آھن ۽ حڪومت چوي ٿي ته خزانو خالي آھي، پر بار بار وزيرن جي پگهار وڌائڻ لاءِ خزاني ۾ ڪٿان ٿو پئسو اچي. ھر وزير پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ اربين رپين جون اسڪيمون ۽ فنڊ هڙپ ڪن ٿا. پنجن سالن ۾ ڪڏهن تڪ تي لڙي نٿا وڃن، پوءِ به انهن جي پگهار ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ملازم جيڪي پنهنجون ننڊون ڦٽائي عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪن ٿا تن جي پگهار مان ڪڏهن بارش متاثرين جي مدد لاءِ ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري “قرض اتارو ملڪ سنوارو” جي نالي تي هڪ ڏينهن جي پگهار زبردستي جمع ڪئي وڃي ٿي ائين غريب ملازمن جا حق غصب ڪري وزيرن کي مراعتون ڏيندڙ رياست ڪڏهن به انسان دوست نٿي ٿي سگھي، اها ته سامراجي سازش آهي ته غريب کي اڃان غريب ڪريو ۽ امير کي ويتر امير ڪريو ۽ اسان جا حڪمران ان تي مڪمل عمل پيرا آهن ڇو ته بنيادي طرح ھيءَ رياست اپر ڪلاس جي سسٽم جي نگھبان آھي ان جو نظريو ئي مٿئين طبقي جا ناجائز مفاد پورا ڪرڻ آھي سو پگھارون وڌائيندا مراعتون بخشيندا سڀ ڪجھه ڪندا صرف غريب طبقي کي محرومين جو شڪار رکي زندگي کان بيزار ڪندا، پر ياد رکو اهڙيون پاليسيون اپنائڻ سان بغاوت جا جهنڊا بلند ٿيندا ۽ ڏکين حالتن ۾ ملازم پنهنجي حڪمرانن کي اڪيلو ڪري ڇڏيندا.