پنجاب ۽ سنڌ ۾ ريبيز جي تشخيص جي سهولت ختم
پنجاب ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ اندر ڪتي جي چڪ پائڻ سان ٿيندڙ بيماري Rabbies ۾ اضافو اچڻ باوجود سڄي ملڪ جي سرڪاري اسپتالن ۾ هن بيماري جي تشخيص واري سهولت ختم ٿي وئي آهي. خبرن مطابق اسپتالن ۾ مريض جي علامتن جي بنياد تي علاج ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ريبيز جي علاج لاءِ اصل دوا يورپ ۾ تيار ڪئي ويندي آهي. جنهن کان ٻين نمبر تي انڊيا به اها دوا تيار ڪري ٿو. ان کان علاوه چين ۾ به سستي ۽ غير معياري دوا ٺاهي ويندي آهي. ٻئي پاسي پنجاب جي صحت کاتي پاران هڪ پڌر نامي ۾ چيو ويو آهي ته ريبيز جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا مهانگي آهي ان ڪري ان جي جاءِ تي آواره ڪتن کي مارڻ جو گهٽ خرچ واري ڪم کي وڌايو وڃي. جڏهن ته ملڪ اندر ملڪي ۽ غير ملڪي اين جي او پاران چيو ويو آهي ته اهو عمل بيڪار ۽ بي رحمي تي ٻڌل آهي.

