صدر ٽرمپ اتر ڪوريا ۾

آمريڪا جو صدر ٽرمپ ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي اُن سان گڏ هيلي ڪاپٽر ذريعي اتر ڪوريا جي فوجي علائقي ۾ پهتو. اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ  اُن اتر ڪوريا ۽ آمريڪا جي اڳواڻن وچ ۾ 20 منٽن تائين ملاقات هلي، ٻنهي ڄڻن جي هيءَ ملاقات ڏاڍي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ملاقات بعد آمريڪا جي صدر صحافين سان ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي نئين دور جو آغاز ڪندي چيو ته هن دفعي به آمريڪا جي اڳوڻي ٽيم ئي ڳالهين لاءِ برقرار رهندي. جڏهن ته اتر ڪوريا پنهنجي ٽيم جو اڃان اعلان نه ڪيو آهي. هن ملاقات بعد صدر ٽرمپ ڏکڻ ڪوريا واپس ويو جتان هو آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو.  

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments