بلاگنئون

سنڌ جو فڪري الميو: مخالف بيانيي جي دريافت

سنڌ ڀُٽي، جي ايم سيد ۽ پليجو جي نظرياتي بنياد تي بيٺل آهي. سنڌ جون ٽي پيڙهيون ان روايتي نظرياتي گس جون پوئلڳ ڏسجن ٿيون، نوجوانن جا جيڪي مطالعياتي دائرا ڪم ڪري رهيا آهن اھي ان نظرياتي محور تائين محدود آهن. جن وٽ مخالف بيانيي کي پڙھڻ، ٻڌڻ لاءِ ڪا لچڪ نٿي ڏسجي. سنڌ فڪري اسڪول جي ھن مڪالمي سان سنڌ جي سياست ادب صحافت تي ڪھڙو اثر پئجي سگھندو؟ مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي؟ جيڪي ھمعصر ھن مڪالمي سان اختلاف رکن ٿا انھن کي ھن مڪالمي ۾ شامل ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ ماهرن جي مقالن مان ڪجھه به ڪين وريو، ساڳيون ڳالهيون ورجايون ويون ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي رڳو خانا پوري هئي. اھڙي بيزاري واري ڪانفرنس کان بهتر ڪو مذاڪرو ڪرايو وڃي ها. هڪ طرف کي بيان ڪندڙ مقالن مان ڪو فائدو ناهي، ٻيو موضوع بي مهل ۽ غير اهم هو. اياز تي عالمي ادب جو اثر. بهترين سيشن هو ماڊريٽر ۽ ٻنھي مقررن خوب نڀايو، اڪبر لغاري جي ناقدانه نظر قابل تعريف آهي، هن جي خصوصيت نرالي راءِ جو اظهار ڪرڻ ۾ آهي جنهن جو هن کي ڏانءُ به آهي.

بورڊ جي اصلاح لاءِ تجويز: پنهنجي جاءِ تي ترجمي لاءِ ابراهيم جويو بيورو آف ٽرانسليشن جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاريو ته بهتر ٿيندو، جنهن ۾ مدد علي سنڌي کي ويهاريو ويو آهي ان کان انٽرويو ڪري پڇڻ گهرجي. افسوس! ڀٽائي جي وابستگي جي معيار تي ھمعصر اديب ۽ خود پليجو پنھنجي زندگيءَ ۾ ان تي  ڪڏهن پورو نه لٿو. جڳاڙي جمھوريت ۾ بالغ ووٽر مرڪز نگاھه باقي سماج جي سول سوسائٽي، مخالف ڌر جي قيادت، دانشور، وڪيل، واپاري ڪٿي به شامل نٿا ڏسجن. ھمعصر دور جي سياست ادب صحافت جو مخالف بيانيو ميڊيا جي نگاھه جو مرڪز نه ھجڻ ڪري روايتي بيانيو غالب ڏسجي ٿو، نوجوان نسل غالب بيانيي جي اثر ھيٺ اچي ويو آهي.

پنھنجي دور ۾ مڃتا جو سوال: پنھنجي دور ۾ رڳو انھن کي پذيرائي ملي ٿي جيڪي روايتي سياست ادب صحافت جو حصو بڻجي رھن ٿا. جيئن کاٻي ڌر جي ترقي پسند تحريڪ جو مثال شيخ اياز ۽ ٻيا شاعر، اڳواڻ اُڀريا، حادثاتي تحريڪ سبب اتفاق ٿي سگهي ٿو. ڀٽو، جي ايم سيد، پليجو کي پذيرائي ڪيئن ملي؟ ان ۾ وابستگي، سرپرستي، اتفاق جو عمل دخل نمايان آهي، ڀٽي ۽ جي ايم سيد جي وابستگي جاگيردار طبقي سان، پليجو جي ترقي پسند تحريڪ سان وابستگي ۽ سرپرستي  اھم آھن. ترقي پسند تحريڪ، قوم پرستي جي تحريڪ ھن دور جون مقبول تحريڪون ھيون. اشرافيه جي قيادت پڻ انھن تحريڪن جي اڳواڻي ڪئي. جمھوريت پڻ انھن تحريڪن جي اثر هيٺ جنم ورتو، اشرافيه پڻ بنا مطالبي جي بالغ ووٽ جو اعلان ڪيو.

ھڪ تنقيدي شعور جيڪو ھمعصر دور سان اختلاف رکي، الڳ راءِ جو اظهار ڪري، پنھنجي دور جي مقبول سياست ادب صحافت تي تنقيد ڪري، جيڪو وھندڙ وھڪري جي ابتڙ ھلي ڏيکاري، جيڪو جدا گس اختيار ڪري ھجوم کان الڳ ٿي بيھي. مخالف ڌر قومي تحريڪ بجاءِ طبقاتي تحريڪ ھلائي ته اشرافيه جي جڳاڙي جمھوريت مان نجات ممڪن ٿي سگهي ٿي. دانشورن مخالف ڌر کي درست گس تي آڻڻ بجاءِ خود غلط روايتي گس اختيار ڪري عوام کي مايوس ڪيو آهي. تاريخ ھنن کي معاف نه ڪندي. مخالف ڌر کي پنھنجو بيانيو درست ڪرڻ کپي، پنجاھه سالن جو غلط بيانيو نامنظور، رڳو مسئلن تي واويلا ڪرڻ ٻاراڻي سياست آهي اصل سياست اشرافيه جي اقتدار تي آڱر کڻڻ آهي. ميڊيا روايت مخالف بيانيي کي نظرانداز ڪيو آهي، رڳو روايتي سياست ادب صحافت کي رسمي طور نڀايو آهي، صحافت جي ڪمزوري مشھور بيانيي تائين محدود رھڻ آهي. ميڊيا جو ڪم رڳو مسئلن کي رپورٽ ڪرڻ ڪافي ناهي، پر حڪومت مخالف بيانيي کي دريافت ڪرڻ آهي، جيڪو ڪم ميڊيا نه ڪري سگهي آهي.

مخالف بيانيو: ھمعصر دور جي سياست ادب صحافت جو مخالف بيانيو ميڊيا جي نگاھه جو مرڪز نه ھجڻ ڪري روايتي بيانيو غالب ڏسجي ٿو، نوجوان نسل غالب بيانيي جي اثر ھيٺ اچي ويو آهي. سوشل ميڊيا بيانيي جو سمنڊ آهي ان مان اصل، الڳ، درست ۽ نئين بيانيي کي دريافت ڪرڻ ميڊيا جي ذميواري آهي، سنڌ جي اصل شناخت صوفي رواداري تي فخر ڪندڙن کي اندازو ناهي مستقبل ۾ اھا ختم ٿيڻ واري آهي ان جي جاءِ ساڄي ڌر جي انتھا پسندي والاري رھي آھي، ھمعصر حسد، تعصب، انا، خود غرضي سبب مخالف بيانيي کي دريافت ڪرڻ کان قاصر آهي اھو ڪم صرف ايندڙ نسل کي ڪرڻو پوندو.

بالغ ووٽ جي سياست نامنظور: سنڌ جي سياست، ادب، صحافت تي مذاڪرو، راءِ ڏيڻ وارو ناهي بچيو. سول سوسائٽي، ڪاتب، دانشور، صحافي رڳو ونگار وهڻ ۾ پورا آهن. علمي بحث، مذاڪري جو ڪو نالو نشان ناهي. سنڌ ۾ پهريان ناڪام سياسي پارٽين جي لوڌ موجود هجڻ ڪري ڪنھن به سياسي پارٽي جي ضرورت ناھي، سچا ماڻهو رڳو اڳيان اچي درست ايجنڊا پيش ڪن. پوءِ تحريڪ هلي ڪاميابي جي صورت ۾ پارٽي ٺهڻ جو مرحلو اڳتي ازخود اچي ويندو. سنڌ جي سياست ادب ۽ صحافت ڪنهن ڪم جي ناهي، رڳو پاڻ وڻائڻ، پنهنجي پڄائڻ تائين محدود نمائشي نظر اچن ٿيون، جنهن سان قوم کي ڪو فائدو يا سماجي بهتري جي ڪا اڳڀرائي ٿي نه سگهي آهي، گڏجاڻين، سيمينارن، مذاڪرا، ڪتابن جي مهورت، خبرون، رپورٽون سڀ ذاتي مفادن تائين محدود آهن.

بالغ ووٽ جي سياست نامنظور: هن سان قبائلي، سرداري، راڄوڻو ۽ اشرافيه نظام مضبوط ٿيو. وچولي طبقي کي سياست مان بيدخل ڪيو ويو آهي، مخالف ڌر کي تحريڪ هلائڻ کپي. اشرافيه جي ناڪام حڪومت نامنظور، مخالف ڌر جي قيادت کي تحريڪ هلائڻ کپي، تحريڪ جا نعرا: “اشرافيه جي جمهوريت نامنظور”، جنرل سيلز ٽيڪس، مهنگائي نامنظور، اشرافيه جي ناڪام حڪومت نامنظور، افسوس کاٻي ڌر اڃان تائين درست نعرو نه هڻي سگهي آهي.

سڄي خرابي سسٽم ۾ آهي: سسٽم جي خرابي خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ ڪابه ڌر ناهي، نه مخالف ڌر، نه ادب، نه صحافت نه وري ادارا آهن، جنهن جي ڪري ڪابه سڌاري جي تحريڪ نٿي اڀري رڳو مصلحت پسندي جي سياست ادب، صحافت قيادت ڪم ڪري رهي آهي. جيڪا اصلاحي ثابت نه ٿي سگهي آهي. مصلحت ۽ مفاد سماج کي سڌرڻ نٿا ڏين. قانون جي بالادستي اڳيان دستبرداري لازمي آهي، پر هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو جو راڄ آهي، جمهوريت تي جاگيرداري، سرداري نظام جي بالادستي قائم آهي. سرداري، جاگيرداري جمهوريت نامنظور جو نعرو هڻڻ گهرجي، هن سسٽم ۾ اشرافيه حاڪم ۽ عوام محڪوم بڻيل آهي، هن ۾ وچولي طبقي جي سمجھدار، باشعور فردن جو ڪوبه حصو پتي ناهي، جيڪي اشرافيه ۽ عوام جي سسٽم ۾ تماشائي بڻيل آهن. جن ۾ ملازم پيشا، تاجر برادري، وڪيل، شامل آهن جيڪي سول سوسائٽي طور سڃاتا وڃن ٿا.