ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: مادري ٻوليءَ جو تحفو

ماھم ۽ ردا ڏھين  ڪلاس جو شاگردياڻيون ھيون. ٻئي ڄڻيون پنهنجي ڪلاس جو ھوشيار  شاگردياڻيون ھيون ۽ ان سان گڏ تمام سٺيون سھيليون پڻ ھيون. سندن ڪچھري جو اڪثر موضوع پڙھائي بابت ئي ھوندو ھو، پر ٻنهي ڄڻين ۾ اڪثر ڊگھو بحث ٿيندو ھو, سو ھو ٻين ٻولين سکڻ بابت خاص طور تي  انگريزي ٻولي سکڻ ۽ ڳالھائڻ بابت جنهن ۾ اڪثر ماھم چوندي ھئي ته سندس خواب آھي ته هوءَ انگريزي ٻولي سکي ۽ باقاعدي ڳالھائي ۽ هوءَ هڪ ڏينهن انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪري،

جڏهن ته ردا چوندي  ھئي ته انگريزي صرف ھڪ ٻولي آھي ۽ ڪنهن به ٻوليءَ کي سکڻ ضرور گھرجي، پر پنهنجي مادري ٻولي کي ڪڏهن به نه وسارجي.

ٻئي طرف  ماھم پنهنجي خواب جي ساڀيان ڪندي انگريزي ٻولي سکڻ ڏانهن پنهنجو  وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لڳي ۽ سندس خيال موجب انگريزي ٻولي ڳالھائڻ سان جيڪا معاشري ۾ عزت آھي اھا مادري ٻولي ڳالھائڻ ۾ ناھي.

اھو سوچي ماھم ھر وقت انگريزي ٻولي ڳالھائڻ جي مشق ڪندي رھندي ھئي ۽ آھستي آھستي گھر توڙي اسڪول ۾ ھي سادا سادا جملا  انگريزي ۾ ڳالھائڻ لڳي.

وقت گذرندو ويو ھڪ ڏينهن مـس حنا ڪلاس ۾ اعلان ڪندي چيو، “ٻارو 19 فيبروري تي “ٻولين جو  عالمي ڏھاڙو” ملھائجي رھيو آھي، سو ٻارو توھان مان جيڪا شاگردياڻي تقرير ڪرڻ چاھي اھا پنهنجو عنوان ٻڌائي ۽ ان تي تياري ڪرڻ شروع ڪري.”

ماھم فيصلو ڪيو ته ھو انگريزي ٻولي ۾ تقرير ڪندي ۽ مادري ٻولي جي اھميت ٻڌائيندي.

ٻئي طرف ردا سنڌي ٻولي ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو ۽ تقرير جي تياري شروع ڪئي. نيٺ مقابلي جو ڏينهن آيو، مختلف ڪلاس جي شاگردن مادري ٻولي جي اھميت بابت پنھنجا ويچار ونڊيا، ڪلاس ڏھين مان تقرير لاءِ ماھم جو نالو پڪاريو ويو.

ماھم تمام سٺي نموني انگريزي ٻوليءَ ۾ تقرير ڪئي، پر سندس ارادي جي مطابق ھن محسوس ڪيو ته سندس لفظن ۾ اھو احساس اھا مٺاس ۽ اھو جوش ۽ جذبو نه  ھو جيڪو هال ۾ ويٺل ماڻھن کي متاثر ڪري. خير ھن ان کي پنهنجو وھم سمجھيو.

ماھم کانپوءِ ردا اسٽيج تي آئي ۽ بلڪل عام پنهنجي ٻوليءَ ۾ تقرير پيش ڪئي نه وڏا وڏا ڊائيلاگ نه مشڪل ترين الفاظ.. سندس ڳالھائڻ ۾ ايترو ته جادو ھو ايترو ته احساس ۽ جذبو ھو جو سندس لفظ اصل هال ۾ ويٺل ماڻھن جي دلين ۽ دماغ تي ڇانئجي ويا.

سڀني استادياڻين ردا کي اھڙي شاندار تقرير ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ماھم کي ڪجهه پريشان ٿيندي ڏسي مس حنا چيو ته “راڻي ماھم توھان به شاندار تقرير ڪئي، پر جڏهن ته انگريزي ڌارئين ٻولي آھي ۽ ضروري ناھي ته ھر ھڪ آساني سان سمجهي سگھي، نه صرف انگريزي بلڪه چاھي عربي ھجي، فارسي ھجي يا ڪا ٻي ڌارئين ٻولي ته  وري به ڌارئين ھوندي آھي ۽ اسين پنھنجا خيال سوچ ويچار جذبا جھڙي نموني مادري ٻولي ۾ بيان ڪري سگھون ٿا اھڙا ڪنهن به ٻي ٻولي ۾ نٿا ڪري سگھون. ٻيون ٻوليون سکڻ ڳالھائڻ ڪو عيب ناھي پٽ، پر مادري ٻولي اسان لاءِ ھڪ خوبصورت تحفو آھي. اسين خوشنصيب قوم آھيون جو اسان وٽ ٻولي آھي ثقافت آھي. مس حنا جي ڳالهه ٻڌي ماھم چڱي طرح سمجهي وئي ته ڪاميابي صرف ڌارئين ٻولي کي سکڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ نه، پر پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڳالھائي به حاصل ڪري سگهجي ٿي.

***