ڪوئيٽا سيف سٽي پروجيڪٽ لاءِ چين جي واپارين ۾ مقابلو
لاهور جيان ڪوئيٽا ۾ به سيف سٽي پروجيڪٽ لڳائڻ لاءِ واڪ گهرڻ کانپوءِ چين جي ڪمپنين ۾ مقابلو شروع ٿي ويو آهي. خبرن موجب اڳوڻي وڏي وزير پاران هڪ ڪمپني کي گهٽ اگهه تي پروجيڪٽ ڏنو ويو هو جيڪو بعد ۾ نئين وڏي وزير رد ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته هن پروجيڪٽ ۾ ڪوئيٽا شهر اندر 1400 ڪئمرائون 3 اسڪينز جيڪي شهر جي داخلا واري هنڌ لڳايا ويندا سان گڏ 300 ڪلو ميٽرن جي فائيبر آپٽڪ ڪيبل، 260 ٿنڀا ۽ ڪنٽرول روم جنهن ۾ هارڊويئر ۽ اسڪرينون شامل آهن. هن پروجيڪٽ لاءِ جيڪي ڪمپنيون واڪ ۾ حصو وٺي رهيون آهن انهن ۾ نيشنل اليڪٽرڪ ڪمپني هو واوي، زيڊ ٽي اي شامل آهي.

