سنڌ کي جيڪڏهن وسيلن جي لحاظ کان “سون جي کاڻ” چئجي ته غلط نه ٿيندو. هن وقت ملڪ جي تيل ۽ گئس جو 60 کان 70 سيڪڙو تائين سنڌ مان نڪري رهيو آهي. سنڌ مان ڪارو سون ڪوئلو ٿر ۾ دنيا جي وڏن ذخيرن مان هڪ آهي، جنهن مان هاڻي بجلي پيدا ٿي رهي آهي. ڪراچيءَ جو سمنڊ جنهن جي مٿان دشمن جي نظر آهي، سڄي ملڪ سان ڪاروبار جو کليل رستو فراهم ڪري ٿو. سنڌ جون زرعي زمينون اناج سان گڏوگڏ انب، ڪيلي ۽ ڪمند جهڙا فصل ڏئي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائين ٿيون. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ٽنڊو الهيار مان هڪ نئون تيل ۽ گئس جو ذخيرو هٿ آيو آهي. درس ويسٽ جي ٽئين کوهه مان روزانو 9.70 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس ملڻ لڳي آهي، جيڪا اسان سڀني پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي عوام لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آهي. او جي ڊي سي ايل پاران درس ويسٽ مان گئس سان گڏ روزانو 580 بيرل تيل به دريافت ڪرڻ جي اطلاع ملي آهي. عام طور تي هن علائقي مان وڏن آئل ٽينڪرز جي ذريعي تيل ڪراچي موڪليو ويندو آهي ۽ پوءِ ان کي مختلف درجن جي حرارت تي گرم ڪري ان مان پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ کان علاوه ٻيون شيون تيار ڪيون وينديون آهن. سنڌ جي ماڻهن کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته ٽنڊوالهيار، گهوٽڪي، سانگهڙ ۽ ڄامشورو گئس جي پيداوار جا وڏا مرڪز آهن.
هن وقت سنڌ پوري پاڪستان جي گئس جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيو آهي. نه صرف گهريلو ضرورتن کي، پر ملڪ جا ڪارخانا ۽ ڀاڻ جا پلانٽ ۽ بجلي گهر به ان گئس تي هلي رهيا آهن، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچيءَ سوڌو سنڌ جا ڪيترائي علائقا آهن جن ۾ ٽنڊوالهيار جا ڪيترائي ننڍا ڳوٺ، گهوٽڪي ۽ ڏهرڪي جا ڪجهه حصا، سانگهڙ جا ڪيترائي ڳوٺ، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جا ڪيترائي علائقا، ڄامشورو ۽ دادو جي جبل وارن علائقن ۾ ڪوهستاني پٽي، بدين جا ساحلي ڳوٺ يا ته گئس جي پائيپ لائينن وڇائڻ جا منتظر آهن ۽ ڪيترائي شهر جن ۾ حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ڪراچي اچي وڃن ٿا اتي گئس جي لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي يا وري گهٽ پريشر جي ذريعي اتان جي عوام کي مختلف تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن سبب عوام پنهنجن گهرن ۾ پريشر کي وڌائڻ لاءِ مختلف غير قانوني ڊوائيسون لڳائڻ تي مجبور آهي، جنهن سان مختلف وقتن تي حادثا ٿين ٿا. آئين جي آرٽيڪل 158 مطابق قدرتي وسيلن تي پهريون حق ان علائقي جو آهي جتان اهو نڪري ٿو، پر افسوس ته اسان جو آئين ڪجهه چوي ٿو، پر انتظاميه عوام کي پنهنجن آئيني حقن کان محروم رکي ٿي. ان کان علاوه سنڌ جي نوجوانن کي انهن شعبن ۾ نوڪريون به انهن جي آئيني حق کان گهٽ ڏنيون وڃن ٿيون. اسان جي نوجوانن کي به گهرجي ته اهي ان ڳالهه جي معلومات رکن ته انهن کي ڪهڙن شعبن ۾ ڪهڙيون ڊگريون حاصل ڪرڻيون آهن جو اهي پنهنجي ملڪ جي اهڙن شعبن ۾ وڃي روزگار حاصل ڪري سگهن. جيڪڏهن آئل ۽ گئس جي شعبي ۾ نوجوانن کي پنهنجو مستقبل سنوارڻو آهي ته اهي پيٽروليم انجنيئرنگ، مڪينيڪل انجنيئرنگ، اليڪٽريڪل/انسٽورمينٽشن انجنيئرنگ ۽ جيو سائنس جهڙن شعبن ۾ تعليم حاصل ڪن يا ڊپلومه حاصل ڪري انهن شعبن ۾ نوڪريون حاصل ڪن. ان کان علاوه اهي ويلڊنگ، پلانٽ آپريٽر ڪورس يا ايڇ ايس اِي جي هيلٿ سيفٽي ۽ انوائرنمينٽ جهڙن شعبن ۾ مختلف ڊپلومه ڪري اتي نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا. جڏهن به ڪنهن علائقي مان تيل يا گئس نڪري ٿو ته قانوني ۽ اخلاقي طور ان ڪمپني مٿان اها پابندي هوندي آهي ته ان دولت جي ڪجهه حصي مان ان علائقي جي “سوشل اپلفٽ فنڊ” مان بهتري آندي وڃي. ان علائقي جي ماڻهن لاءِ سرڪاري اسڪولن جي عمارتن جي مرمت ڪرائڻ، اسڪولن ۾ فرنيچر، ليبارٽري جو سامان ۽ ڪمپيوٽر فراهم ڪرڻ، ذهين شاگردن لاءِ اسڪالرشپن جو اعلان ڪرڻ. ان کان علاوه صحت جي شبعي ۾ ننڍيون ننڍيون مقامي ڊسپينسريون قائم ڪرڻ يا سرڪاري اسپتالن کي فنڊ ڏئي انهن جي اندر وڌيڪ جديد معياري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اتي جي عوام کي بهتر صحت جون سهولتون فراهم ٿي سگهن ۽ جيڪڏهن ان علائقي ۾ ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ صاف ۽ مٺو پاڻي ميسر ناهي ته اتي آر او پلانٽس لڳائڻ يا کوهه کوٽرائي ڏيڻ انهن ڪمپنين جي ذميداري آهي.
ان کان علاوه ڪمپني جيئن ته ايڏي وڏي ذخيري جي ذريعي تمام گهڻو ناڻو ڪمائي رهي هوندي آهي ته ضروري آهي ته ان علائقي جا روڊ رستا ۽ انفرااسٽرڪچر بهتر ڪرڻ ۾ حڪومت ۽ عوام جي مدد ڪري. ان کان علاوه اتان جي نوجوانن جي لاءِ سکيا مرڪز قائم ڪري يا ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر قائم ڪري ته جيئن اتان جا نوجوان مهارت حاصل ڪري اتي ننڍيون ننڍيون نوڪريون حاصل ڪري سگهن. مسئلو اهو آهي ته ڪمپني اهي سڀ شيون انتظاميه جي ڪجهه ڪرپٽ ماڻهن سان ملي ڀڳت ڪري ڪاغذن جي حد تائين ته ڪنديون آهن ۽ عوام مسلسل تڪليفن ۾ رهندو آهي. عوام کي پنهنجن حقن جي آگاهي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن کي پنهنجا حق نه ملي رهيا آهن ته گڏجي آواز اٿارين ۽ پنهنجي حقن جي حصول لاءِ قانون جو سهارو وٺن. قانون مطابق پيٽروليم ڪمپني کي هر سال پنهنجي پيداوار جو هڪ مخصوص حصو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 30 هزار کان 50 هزار ڊالر هر سال في بلاڪ جي حساب سان انهن سماجي ڪمن تي لڳائڻو آهي، جتي اهي کوهه موجود آهن ته جيئن ان علائقي ۾ ترقي ٿي سگهي، انفرااسٽرڪچر بهتر ٿي سگهي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان وٽ ايتري لاڳت سان انهن علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن؟ ڇا پاڪستان جو صوبو سنڌ امير ترين صوبو آهي ان کي اهي سڀ سهولتون حاصل ٿيون آهن يا نه؟