بلاگنئون

عيد مبارڪ! پر ڇا گندگي به مبارڪ؟

جتي قرباني فرض آهي اتي صفائي به نصف ايمان آهي ان ڪري هر مومن مسلمان تي اهو فرض آهي ته هو ٻئي فرض ۽ واجب دل سان نڀائي. ايستائين جو اسان وٽ اڃان تائين اها روايت برقرار آهي ته ڪارو ٻڪر (ڇيلو) جي در جي چانئٺ تي قربان ڪبو ته ڌڻي پرچي پوندو ۽ ڏکيائيون دور ٿي وينديون، رزق ۾ برڪت پوندي، بيماري دور ٿي ويندي ۽ ان ٻڪر جي قرباني جي صدقي ڌڻي سڀ سُور لاهي دور ڪندو ۽ مصيبت مان ڇڏائيندو، ان ڪري درَ تي ڇيلو ڪهڻ ضروري آهي. قرباني جو خاص تصور به اهو آهي ته پنهنجي مال جو صدقو ڏيو ۽ ٻارهو ئي معنيٰ سال ۾ هڪ دفعو ئي صحيح جيڪو به ڌڻي توهان کي ڏنو آهي، ان مان ڪجھه حصو غريبن جي لاءِ به ونڊ ڪڍو ۽ انهن غريبن ۾ گوشت ورهايو، ماڻهن کي گوشت کارايو ۽ سنت ابراهيمي پوري ڪريو، پر مصيبت اها به آهي ته جن غريب ماڻهن کي لوڻ، مرچ ۽ گيھه خريد ڪرڻ جي طاقت يا سگهه به نه هجي ته به انهن کي گوشت کارايو اها ٻي ڳالھه آهي ته شهري آبادي هن عيد جي لاءِ خاص طور تي ڌار ڌار فرج ۽ ڊيپ فريزر به خريد ڪندي آهي ته جيئن سڄي جا سڄا ڇيلا انهن ۾ هليا وڃن ۽ پاڻ ذرو ذرو ڪري کائين ۽ انهن جي مال ملڪيتن جي زڪوات به ان طريقي سان پوري ٿي سگهي ٿي ۽ سنت جي پيروي به ان صورت ئي ممڪن آهي ته جيڪي مذهب جون علامتون آهن، انهن جي پورائي سان ئي مذهبن جي پوئيواري سمجهي يا سڏجي سگهجي ٿي نه ته نه. جتي روزا، نمازون، حج ۽ زڪواتون فرض آهن اتي سگهه رکندڙ فردن تي اها ڳالھه به فرض آهي ته اهي عملي فرد بڻجي مذهبي هجڻ واري ڳالھه پوري ڪري ڏيکارين. ان ڪري هر سال، هر روز ۽ هر گهڙي فردن تي لازم ۽ فرض آهي ته اهي مذهب جا پوئلڳ هجڻ جي بنياد تي هر ڳالھه جو پورائو ڪن ۽ انهن تي اها ڳالھه به فرض آهي ته اهي مذهبن جي زنده رکڻ لاءِ مذهبن جون رکيل فرض ۽ سنت عبادتون پوريون ڪن ۽ عملي طور مذهبي پوئيواري ڪن ۽ عمل ڪري ثبوت طور پيش ڪن ته اهي مذهب جي لاءِ دل ۾ يقين رکن ٿا ۽ ان کي روح سان نڀائين ٿا.

کائڻ ۽ پيئڻ جا احتياط به پنهنجي جاءِ تي جنهن ۾ ڊاڪٽر رمضان جي روزن وانگي ان ڳالھه تي زور ڏيندا رهندا آهن ته گوشت گهٽ ۽ پورو پنو کائو ۽ گهمي ڦري، هلڪي ڦلڪي ورزش ڪري کاڌو پيتو هضم ڪيو، پر هن عيد تي شهري علائقن ۾ جانورن جي قربان ٿيڻ جو ريشو ۽ نسبت ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو هجي ٿو، جنهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو ۽ هر سال ان ريشي ۾ خاطر خواھ اضافو به ٿيندو رهي ٿو، ان ڪري ته شهري آبادي ۾ خوشحالي جو ريشو به گهڻو هجي ٿو، اهي گهر جا سڀ ڀاتي ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان لڳل هجن ٿا. شهري آبادي گهڻي ڀاڱي هن عيد جي لاءِ خاص بجيٽنگ به ڪري ٿي ۽ قرباني جا سڀ لوازمات، فرض ۽ واجب به پورا ڪري ٿي. وري ساڳئي تناظر ۾ عيد جي دوران شهرن جي هر خالي پِڙَ، گرائونڊ، غيرآباد پارڪ، وڏن روڊن جي ڪناري، سروس روڊن جي پاسي ۾ خيما هڻي، راند جي خالي ۽ غيرآباد ميدانن ۾ به شهري انتظاميه جي آشيرواد سان مال جون پِڙيون لڳايون ويندون آهن. ان ڪري شهري ماڻهن جي لاءِ گهر کان هاءِ وي ۽ نئين سبزي منڊي ڏانهن شهري ٽريفڪ پار ڪري اچڻ وڃڻ جي هڪ خاص مصيبت هجي ٿي، اتي گاڏيون پارڪ ڪرڻ انهن جي پارڪنگ في، وري مٿان جانورن جي پڙيءَ جي زبردست ڌوڙ، دزَ ۽ مٽي، جانورن جي واڙ ۾ انهن جي ڇيڻن ۽ مال جي اوڳر، مُٽَ ۽ پاڻيءَ جي نيڪال نه هجڻ جي ڪري هڪ خاص قسم جي ڌپ جا مسئلا پنهنجي جاءِ تي، پر اتي عسڪري ادارن جي آشيروادن سان جيڪي به شهر کان ٻاهر مال جون پڙيون لڳن ٿيون (يا لڳيون) انهن کي سنڀالڻ ۽ ماڻهن کي مدعو ڪرڻ به ٻه وڏا مسئلا هئا (جيڪي سدائين هجن ٿا) جنهن ۾ هڪ واڌارو ٽيڪس لڳڻ جي ڪري مال جي اگھن ۾ به گهڻو اضافو ٿيندو رهي ٿو (يا هو) پر هيل ته مال، ڍڳا، ڍور، ٻڪريون، رڍون، ڇيلا ۽ اُٺ به شهرن جي رستن تي به پڙي جا ڏيک ڏئي رهيا هئا، ان ڪري سڀني آسانيءَ سان اتان کان ئي پنهنجي گهرن تائين قرباني جا جانور پئي ورتا ۽ پاڻ لاءِ گهڻيون آسانيون پيدا ڪيون، ان ڪري ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي پاڙي مان ڪو ڇيلو ۽ ٻڪري ملي پئي سگهي ۽ آسانيءَ سان لھه وچڙ ڪري، ڪو لاهو گاهو ڪرائي مال خريد ڪري پئي ويا ۽ قربانيءَ جا فرض نڀايائون.

شهرن ۾ اڃان تائين اهو رواج ناهي ته ڪو ڪوس گهر هجي ڪو “مرڪزي ذبح خانو” هجي يا جيڪو به ماڻهو مال ڪُهرائي يا ذبح ڪرائي ته اهي شهر يا پاڙي جي ڪنهن ڪوس گهر ۾ اهي پنهنجا ڍڳا، ڍور مثال ڇيلا، ٻڪريون، ڳئون، گابا، ڏاند، اُٺ، وَڇون، پاڏا، مينهون يا رڍون ڪاهي وڃن ۽ اتان ڪهرائي واپسيءَ ۾ رڳو گوشت کڻي اچن، ان ڪري ته مال جا هڏا، کلون، ڪنُ، اوجهريون ۽ رافو رڳو انهن مخصوص ڪوس گهرن تائين محدود هجي ٿو، ان ڪري ته مال ڪِنَ ۽ اوجھه جي گهڻي ڦهلاءَ ۽ جاءِ جاءِ تي وکريل هجڻ جي ڪري شهري آبهوا ڪنهن شاعر جي چواڻي وانگي ته زخمي ٿي ٿي پئي ۽ عام معنائن ۾ شهري آبهوا تي ڪو خاص ڌپ جو اثر ٿئي ٿو ۽ هوا ۾ به بدبوءِ اچي ٿي، ان ڪري ته هڪ خاص ڪوس گهر ۾ نالين جي ذريعي مال جو رت وهي ٿو وڃي ۽ باقي جيڪي ٻيون شيون يا ڪِنُ هجي ٿو، اهي اتي جو اتي فيڪٽريون کڻي هليون ٿيون وڃن، جن ۾ خاص مال جون کلون ۽ هڏا هجن ٿا، ان ڪري ته فيڪٽرين جي لاءِ اهي به ڪم جا هجن ٿا ايستائين جو مال جا سڱ به کڻي ٿا وڃن جن مان اهي ڪي شيون ٺاهين ٿا، پر نظام اڃان تائين سڌرن نٿا، ان ڪري ماڻهن ۾ ڪجھه فرسودگي به آهي، جيئن مٿي چيوسين ته ماڻهو جيستائين پاڻ پنهنجي قربانيءَ جي جانورن تي هٿ نٿو گهمائي يا پاڻ ڇُري يا ڪاتي وهائي ڪُهي يا ذبح نٿو ڪري، تيستائين انهن جي تسلي نٿي ٿئي، ان ڪري ڪوس گهرن جو تصور اڃان ڪنهن صديءَ جي دوريءَ تي آهي، جيڪو ممڪن به ناهي، ان ڪري ته اسان جي شهرن جا ڪوس گهر رڳو عام روڊ، رستا، ميدان، کُليل پَٽَ ۽ ويران عام پبلڪ پارڪ ئي هجن ٿا، جتي اهي سڀ ماڻهو قطار ڪريو پنهنجي ڪاسائي جي اڳواٽ بُڪنگ ڪرائي ويهندا آهن، انهن کان خاص في ۾ لاهو گاهو ڪرائي، انهن کان ٽائيم سيٽ ڪري وٺندا آهن.

هڪ ٻي ڳالھه به ڏٺي وئي آهي ته صبح جو ساڍي ڇهين وڳي جي نماز کان اڳ اهي ڪاسائي ڪاتيون تکيون ڪيو موٽرسائيڪلن تي ٻه ٻه ٽي ٽي ڄڻا چڙهي پڄي ٿا وڃن ته اهي پاڻ ڪڏهن ۽ ڪهڙي نماز پڙهندا هوندا؟ ان ڪري ته ماڻهن جي نماز جي واپسي جيڪا صبح جو ستين کان اڳ ٿي چڪي هوندي آهي ته اها ڏٺو ويو آهي ته روڊن تي رَتُ پکڙيو پيو هوندو آهي ۽ ماڻهن جا ڍور ڍڳا منٽ ۾ ڪسجي ڪپجي ويندا آهن. ۽ گهڙي ۾ انهن مالڪن تائين اهي گوشت پڄي ويندا آهن. اهي ايترا ته ڦڙت ۽ ايڪسپرٽ هوندا آهن جو منٽن ۾ ڍورن کي ليٽائي ڪهي کل لاهي ويندا آهن، جو کل تي ٽُڪو به ناهي ايندو ۽ واپسيءَ تي گوشت جون ٿيلهيون ڀري پنڌ وهائي نڪري ويندا آهن.

شهرن ۾ انهن سڀني وافر اندزا ۾ ٿيل قربانين جي ڪري صفائي سٿرائي جو مسئلو تمام گهڻو ٿو رهي، جو جنهن به روڊ رستي تي ڏسجي اتي رڳو مال جي اوجھه جا ڍير لڳا پيا هوندا آهن ۽ رستن تان گذرڻ ۾ ساھ منجهائي ٽپڻو ٿو پوي ۽ اها خاص ڌپ هفتن جا هفتا رهي ٿي، پر گذريل سال وانگي هن سال شهري انتظاميه خاص وڏن شهرن جي ميئرن جي سِرُ توڙ ڪوشش هوندي آهي (۽ هيل به هوندي) ته اهي شهرن جي صفائي ۾ تڪڙ ڪن ۽ مهل سان شهري انتظامن واريون خاص گاڏيون، ٽريڪٽر ۽ ٽراليون هلائين. هاڻي ته چين جي مدد سان خاص گاڏيون آيل آهن، جيڪي پاڻ گند ڪچرو ڍَالن ۾ ڀري کڻي ٿيون وڃن ۽ ڪنهن ڪُنڊ پاسي تي اڇلائي، پنهنجو وقتائتو فرض مهل سان نڀائين ٿيون. ان ڪري شهري آباديءَ جي هڪڙي خراب عادت اها به آهي ته جڏهن مينهن وسي ته شهري ۽ صوبائي انتظامن واريون گاڏيون انهن جي درَ تي بيهي رهن ۽ جيئن بارش وسي ته اهي صوبائي سرڪار وارا عملدار ٿالھه کڻي بيهن ۽ پاڻيءَ جو ڦڙو به هيٺ ڪِرڻ نه ڏين، تيئن هاڻي به شهري انتظامن مٿان اها ڳالھه فرض ٿي ٿئي ته پنهنجي عائد ٿيل فرضن مان هاڻوڪي عيد تي گڏ ٿيل گند ڪچرو به فورن ميڙي وڃن، ڄڻ ڍور ڍڳا ڪُٺا ئي نه هئا، مينهن وسڻ وانگي هاڻي به اهو ثبوت ڏين ته انهن وٽ شهري آباديءَ جي اوليت آهي ۽ اهي هر ڪم ۾ اڳ کان اڳرا هوندا.