چترال جي حسين جبلن ۾ واقع ڪيلاش واديءَ ۾ هر سال مئي جي وچ ڌاري هڪ نرالو ۽ دلڪش ثقافتي ميلو ملهايو ويندو آھي، جنهن کي “چلم جوش” سڏيو ويندو آهي. هي تهوار، جيڪو 14 کان 16 مئي تائين جاري رهي ٿو، ڪيلاش قبيلي لاءِ رڳو خوشي جو موقعو نه، پر انهن جي قديم روايتن، مذهبي عقيدي ۽ سماجي هم آهنگي جو زنده ثبوت آهي. هي ميلو بهار جي اچڻ ۽ نَوَن فصلن جي تيار ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ڪيلاش جي ٽن وادين رمبور، بمبوريت ۽ برير ۾ رنگن ۽ خوشين سان ملھايو ويندو آهي. اچو ته ان تھوار کي ويجهي کان ڏسون ته هي ڪيئن هڪ ننڍڙي برادري جي وڏي ثقافتي وراثت کي پاڻ ۾ سمائي ٿو.
ڪيلاش قبيلو ۽ انهن جي نرالي دنيا:
ڪيلاش قبيلي جي آبادي فقط ٽي هزار کان پنج هزار جي وچ ۾ آهي ۽ هو پاڪستان جي سڀ کان ننڍن نسلي گروهن مان هڪ آهن. سندن رهڻي ڪهڻي، ٻولي ۽ ڪيترن ئي ديوتائن تي ٻڌل عقيدا، انهن کي ڀرپاسي جي مسلمان اڪثريتي علائقن کان مڪمل الڳ سڃاڻپ ڏين ٿا. چلم جوش تھوار انهن جي هن خاص سڃاڻپ جو سڀ کان وڏو اظهار آهي. هي ميلو نه رڳو بهار جي آمد کي ڀليڪار ڪري ٿو، پر زراعت جي نئين سال جي شروعات ۽ فطرت سان سندن اڻ ٽُٽُ لاڳاپي کي به ظاهر ڪري ٿو. ڪيلاش قبيلي جا ماڻهو ان موقعي تي پنهنجن ديوتائن جو شڪريو ادا ڪن ٿا ۽ پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ جو عهد ڪن ٿا.
تھوار جون رونقون ۽ ٽن ڏينهن جو سفر:
چلم جوش تھوار ٽي ڏينهن جاري رهي ٿو ۽ هر ڏينهن پنهنجا خاص رسم و رواج ۽ سرگرميون کڻي اچي ٿو.
پهريون ڏينهن “کير جي ورڇ”:
تھوار جي شروعات ٻڪرين جو کير گڏ ڪرڻ سان ٿئي ٿي. هي کير پاڪيزگي ۽ خوشحالي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. سڀ کان پهرين هي کير نون ڄاول ٻارن کي ڏنو وڃي ٿو ۽ پوءِ پوري قبيلي ۾ ورهايو وڃي ٿو. هي رسم سندن عقيدي موجب نئين زندگي جي خوشي ۽ برڪت جي دعا جو اظهار آهي.
ٻيون ڏينهن ۽ مانيءَ جي ورڇ:
وڏا ماڻهو مڪاني ميون سان روايتي ماني تيار ڪن ٿا، جيڪا ڳوٺ وارن ۾ ورهائي وڃي ٿي. هي عمل برادري جي اتحاد ۽ گڏيل خوشين ۾ شراڪت جو هڪ خوبصورت مثال آهي. هر گهر مان نڪرندڙ گرم ماني جي خوشبو، تھوار جي محبت کي ٻيڻو ڪري ڇڏي ٿي.
روايتي رقص:
تھوار جو اصل رنگ ته ان جي ناچ ۽ گيتن ۾ لڪل آهي. ڪيلاش جون عورتون، جيڪي پنهنجن ڪارن روايتي لباسن، رنگين ڌاڳن، موتين ۽ خاص ٽوپين سان سينگاريل هونديون آهن، دھل جي آواز تي ھڪ خاص رقص ڪن ٿا سندن عقيدي موجب ته هي ناچ رڳو وندر لاءِ نه، پر ديوتائن کان دعائون وٺڻ ۽ انهن جو شڪريو ادا ڪرڻ جو ذريعو آهي. مرد ۽ ٻار به هن جشن ۾ شريڪ ٿين ٿا ۽ ٻاهرين دنيا جا سياح حيرت سان هي سڀ منظر ڏسن ٿا.
ٽيون ۽ آخري ڏينهن “شاديءَ جا اعلان”:
ٽئين ڏينهن مذهبي اڳواڻ هٿن ۾ وڻن جون سايون ٽاريون کڻي ناچ ۾ شريڪ ٿين ٿا، جيڪي زرخيزي ۽ ترقي جي نشاني آهن. انهيءَ ڏينهن هڪ خاص رسم پڻ ادا ڪئي وڃي ٿي جنهن کي “شاديءَ جو اعلان” چيو ويندو آهي. ڪيلاش ثقافت ۾ محبت ۽ رواداريءَ تي ٻڌل رشتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ نوَن جوڙن جي شاديءَ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو اعلان عوامي طور ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان تھوار ۾ رومانوي رنگ شامل ٿي وڃي ٿو.
عورتون تھوار ۽ ثقافت جي دل:
ڪيلاش برادريءَ ۾ عورتن کي عزت ۽ اختيار حاصل آهي. هو گهر جي ذميواري، مال ۽ مالي معاملا سنڀالين ٿيون. چلم جوش تھوار ۾ سندن ڪردار انتهائي اهم آهي. هو ناچ ۽ گيتن جي اڳواڻي ڪندي نه صرف پنهنجي ثقافت کي زنده رکن ٿيون، پر پنهنجن روحاني عقيدن جو به اظهار ڪن ٿيون. سندن روايتي لباس ڪارو ويس، رنگين ڪڙهائي ۽ موتين سان ٺھيل لباس پڻ تھوار جي خوبصورتيءَ کي چٽو ڪن ٿا. اهي ئي عورتون تھوار کي هڪ خانداني ۽ سماجي ميلو بڻائين ٿيون.
سياحن جي دلچسپي ۽ معاشي فائدا:
چلم جوش تھوار هاڻ فقط ڪيلاش قبيلي تائين محدود نه رهيو آھي، پر هاڻ هي سڄي دنيا مان ايندڙ سياحن لاءِ وڏي دلڪشيءَ جو سبب بڻجي چڪو آهي. هر سال هزارين ملڪي ۽ غير ملڪي سياح انهن وادين جو رخ ڪن ٿا ته جيئن هن نرالي ثقافت جو حصو بڻجي سگهن. سياح رڳو ناچ ۽ رسمن کي نٿا ڏسن، پر ڪيلاش جي ماڻهن جي روزاني زندگي، سندن مهمان نوازي ۽ روايتن کي به ويجهي کان ڄاڻن ٿا. سياحتي ڪمپنيون جيئن ته “هُنزہ ايڪسپلورز” ۽ “ايپريڪاٽ ٽورز” خاص پيڪيجز پيش ڪن ٿيون، جيڪي مقامي معيشت کي سهارو ڏين ٿيون ۽ ثقافتي تحفظ ۾ به مددگار ثابت ٿين ٿيون.
هڪ زنده وراثت:
چلم جوش تھوار رڳو هڪ تقريب نه، پر ڪيلاش قبيلي جي همت، ثقافتي شوق ۽ تسلسل جو اظهار آهي، هڪ اهڙي دنيا ۾، جتي قديم روايتون ختم ٿي رهيون آهن، ڪيلاش جا ماڻهو پنهنجي تهذيب نه صرف زنده رکڻ ۾ ڪامياب آهن، پر انھن کي فخر سان دنيا آڏو پيش به ڪن ٿا. هي تھوار ماضي ۽ حال جي وچ ۾ هڪ پل وانگر آهي، جيڪو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته روايتون ڪيتريون قيمتي هونديون آهن. جڏهن دھل وڄن ٿا ۽ واديءَ جي گليءَ گليءَ ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي ٿي ته لڳي ٿو جيئن ڪيلاش جا ماڻھو پنهنجن وڏڙن کي هڪ خوبصورت خراج تحسين پيش ڪري رهيا هجن.