اهي ايٽم جيڪي اسان جي جسمن ۾ آهن، اهي ايٽم جن سان زمين تي زندگي جو وجود آهي، اها زندگي جيڪا اربين سالن جي ارتقا کانپوءِ انسان تي وڃي بيٺي، اهي ايٽم جيڪي اڄ کان اربين سال اڳ تارن جي ڪشادن بٺن ۾ وقت جي هنر سان بڻيا ۽ اهي تارا جن ۾ فيوزن جي عمل کان گذري ڪري هائيڊروجن جا سادڙا ايٽم مختلف قسمن جا ايٽم بڻيا، ڪاربان، آڪسيجن، نائيٽروجن، فاسفورس جيڪي اڄ اسان جي ڊي اين اي جا بنياد آهن. اهي ايٽم جيڪي اسان خوراڪ جي صورت ۾ کائون ٿا، هوا جي صورت ۾ پل کن جي لاءِ ساهه کڻون ٿا، پاڻيءَ جي صورت ۾ پيئون ٿا، اهي ئي ايٽم هزارين سال اڳ ڪيترن ئي تارن جي انجام تي انهن جي ڦاٽڻ سان خلائن جي ڪشادگين ۾ گم ٿي ويا، جنهن کان نون تارن جنم ورتو، جن جي چوڌاري سيارا ٺهيا، انهن ئي انجام کي پهتل تارن جي ايٽمن کان جيڪي نيبولا جي صورت ۾ خلائن ۾ موجود هئا.
اها ڳالھه ڪنهن قدر دلچسپ آهي ته ممڪن طور تي ماضيءَ ۾ اسان جي ساڄي هٿ جا ايٽم ڪنهن ٻئي تاري ۾ ٺهيا هجن ۽ کاٻي هٿ جا ڪنهن ٻئي تاري ۾. جڏهن ته انهن تارن جي وچ ۾ هزارين نوري سالن جو مفاصلو هجي يعني اهو مفاصلو جنهن کي اسان سڄي عمر طئي نه ڪري سگهون، مگر هاڻي وقت انهن تارن جي ايٽمن جو مفاصلو محض هڪ هٿ کان ٻئي هٿ جو ڪري ڇڏيو آهي. اسان ڪائنات ۾ ڪنهن قدر ننڍڙا آهيون، مگر اصل ۾ اسان ۾ ئي سموري ڪائنات رهي ٿي، اسان جي ۽ ڪائنات جي وچ ۾ اهو رشتو ايٽمن جو آهي ۽ ايٽمن جي سفر جو آهي، مگر ان کان اڳتي هن جي ڄاڻ شعور جو جيڪو اسان کي سائنس بخشيو آهي، اهو رابطو ڪيترو مضبوط آهي ۽ اهو ڪنهن قدر هڪ جهڙو آهي. کن پل جي لاءِ ئي تصور ڪيو ته ڪائنات اصل ۾ اسان منجھه آهي ۽ اسان ڪائنات منجھه آهيون ته پوءِ اسان الڳ ڪيئن؟ جڏهن ته اسان ئي سموري ڪائنات آهيون ۽ پوءِ اسان ڪائنات کان الڳ ڪيئن ٿا ٿي سگهون، ڪائنات اسان ۾ ئي سمايل آهي. ايٽمن جي صورت ڪائنات جي سادڙن اصولن جي صورت ۾، ڪائنات جيڪڏهن هڪ وڻ آهي ته اسان ميوا ته پوءِ ڇا ميوا ۽ وڻ هڪٻئي کانسواءِ مڪمل آهن؟
اسان هن ڪائنات جو حصو آهيون، اسان هن ڪائنات کان الڳ ناهيون، انهيءَ رشتي جو ڪو نانءُ ناهي، مگر اهو رشتو اسان کي خلا جي ويرانين ۾ اڪيلائپ واري احساس کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار آهي. هڪ ڏينهن اسان کي خاڪ ٿي وڃڻو آهي. اسان جي ايٽمن کي وکري وڃڻو آهي ۽ جيستائين ڪائنات آهي اسان جا ايٽم ان ۾ موجود آهن. اڄ کان اربين سال پوءِ به جڏهن نه زمين هوندي ۽ نه سج ته اهي ايٽم جن مان اسان ٺهيل آهيون، خلا ۾ وکري چڪا هوندا، ڊگها مفاصلا طئي ڪري چڪا هوندا ۽ ممڪن آهي انهن مان ڪي ٻيا شمسي نظام بڻجي ويا هجن. ڪيتريون ئي ٻيون زمينون بڻجن، جنهن تي اسان جهڙي ڪا مخلوق هجي، جيڪا خواهشون ۽ جذبا رکندي هجي بلڪل ائين ئي جيئن اسان رکون ٿا. ڪنهن کي محبوب جو انتظار هجي ته ڪنهن کي سٺي نوڪري جو، ڪو صحت چاهيندو هجي، ڪو بهتر تعليم، ڪهڙي خبر. ڪائنات جو اهو نظام ايٽمن جي ري سائيڪلنگ کان هڪ ڏکي کان ڏکي صورت ۾ بدلجندو هجي. وقت جيڪو هن زندگي جو قاتل آهي، اهوئي وقت ڪائنات جو سڀ کان وڏو مصور به آهي، جيڪو ان جي ڪينواس تي ڪيترائي چٽ چٽي ٿو، ان جي هڪ برش اسٽروڪ کان ڇا ڇا رنگ… ڇا ڇا صورتون تخيل جي پردي کان حقيقت جو سفر طئي ڪن ٿيون. وقت پڪاسو، وان گوگ ۽ صادقين کان وڏو مصور آهي، جنهن ۾ جديديت به آهي ۽ پراڻپ به، رنگ به آهن ۽ سفيدي به آهي.
وقت ميگنس ڪارلسن کان به وڏو شطرنج جو رانديگر آهي ۽ ڪائنات شطرنج جو مهرو آهي، جنهن ۾ ٻنهي پاسي وقت ئي کيڏي ٿو ۽ اسان ان شطرنج جا رانديگر، ڪڏهن ايٽمن جي صورت ۾ هڪ ڪهڪشان جي خاني ۾ ته ڪڏهن ٻئي جي خاني ۾، ڪڏهن هڪ سياري جي جهوليءَ ۾ ته ڪڏهن ٻئي جي جهوليءَ ۾، ڪائنات ۽ اسان جي راند ابدي آهي، تڏهن کان جڏهن کان وقت آهي، تيستائين جيستائين وقت آهي.