سنڌ جي دُکي ڪھاڻيڪار ۽ صحافي حفيظ شيخ جو پروفائل
ڪامريڊ ڪريم بلوچ
“زنده هوندي به ڄڻ مان مري ويو آهيان ۽ هڪ مئل اديب جي تصنيف جيان جيءُ رهيو آهيان”- (حفيظ)
حفيظ شيخ سنڌ جو دُکي ڪھاڻيڪار، صحافي هو. هن زندگيءَ جا ڪيترا ڏک رولڙا، لاها چاڙها ڏٺا ۽ غلط ريتن رسمن ۽ رواجن کي ڏسي آرام سان نه ويٺو. حفيظ پنھنجي حياتيءَ ۾ عارضي مسرتون به ماڻيون، حقيقي ڏک به ڏٺائين جيڪي کيس انسان دوستي، اصول پرستي ۽ ترقي پسنديءَ جي دعويدارن کان مليا. هن هٿ ٺوڪين ادبي وڏيرن، پراوَن سان پڄڻ جي ڀيڻي ڪانه ڪئي، پنھنجن کان ويرُ وٺي ڪيترن کي شيخ حفيظ بڻائي ڇڏيائين. انھن گهاوَن هوندي به يارن سان يار ٿي گذاريو. حفيظ پنھنجي ڪھاڻين ۾ “امان مان اسڪول ڪونه ويندس”، “اديب”، “مبارڪون”، “ٻه ڳوڙها”، “فقير رمندا رهن ٿا”، “پَنَ ٻوڙين پاتال ۾”، “ساگر جي لھرن تي”، “ٻه پاڇا”، “هز ماسٽر وائس”، “ٽِواٽو”، “پوءِ ڇا ڪنداسين”، “سسئيءَ جا سورَ” سميت ٻين ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جي سُورن، ناحقن ۽ ظلمن تي ڀرپور نموني سان لکندو رهيو. حفيظ شيخ بلڪل کـَرو، سچو، بيباڪ انسان هو، هر ڳالهه منھن تي ڦھڪائي ڏيندو هو، ڪڏهن به رک رکاءُ نه ڪيائين، ڪنھن به مصلحت کان ڪم ڪين ورتائين. حفيظ پنھنجي ننڍپڻ واري زندگيءَ ۾ ڏاڍا رولڙا ڏنا، بوٽ پالش ڪيائين، هوٽلن جو بيرو ٿيو، پرنٽنگ پريس تي پروف ريڊر ٿيو، ڪارخانن ۾ ليٽ مشين (لوهه تي جنڊي ڪندڙ) جو ڪم سکيو، ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿيو. 1947ع ۾ ملٽريءَ جي نوڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ ڪجهه وقت دوائن جي واپار ۾ طبع آزمائي ڪيائين. موٽر گئريج ۾ به ڪم ڪيائين، ريڙهن تي فروٽ وڪڻڻ جو ڪم پڻ ڪيائين. لارين تي منشي گيري به ڪيائين. فوٽ پاٿن تي راتيون پڻ گذاريائين. وري موٽي خيرپور ۾ استاد غلام اصغر جيڪو ان وقت ناز هاءِ اسڪول جو پرنسپال هو، ساڻس مليو، جنھن کيس هڪ ڏينھن پڙهايو ۽ حفيظ هن کان متاثر ٿي پرائمري ليول کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ استاد غلام اصغر جي مدد سان هن سڌو مئٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺو ۽ اهو امتحان پاس ڪيائين. ان بعد گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ ان بعد سنڌ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان 1958ع ۾ بي اي پاس ڪيائين.
حفيظ شيخ پنھنجي ڪتاب “ساگر جي لھرن تي” ۾ پنھنجي نامڪمل آتم ڪھاڻي ۾ لکي ٿو ته کيس مذهبي تعليم ڏيارڻ لاءِ پاڙي جي مسجد ۾ هڪ مولانا وٽ ڇڏيو ويو. سندس ننڍڙي ذهن ۾ اوچتو خيال آيو ته “خدا ڇا آهي؟ جنت ۽ دوزخ ڇا آهي، قيامت ڇا آهي؟” ۽ انھن سوالن جو جواب وٺڻ لاءِ هن پڪو پھه ڪيو ته هو اڄ پنھنجي مذهبي استاد مولانا صاحب کان ضرور پڇندو. جڏهن حفيظ شام جو مولانا صاحب وٽ سبق وٺڻ ويو ته مولانا صاحب هن ننڍڙي جي سوال پڇڻ تي انتھائي سخت ڪاوڙجي پيو ۽ بجاءِ جواب ڏيڻ جي سيپارو پڙهڻ واسطي رکيل رحل کڻي اچي حفيظ جي مٿي ۾ ٺوڪيائين. حفيظ جڏهن ڪاليج پھتو ته اُتي هن قرآن شريف انگريزي ترجمي سان پڙهيو. حفيظ پنھنجي اسڪول ۾ لاپرواهه، ارڏو ۽ بي ادب سڏيو ويندو هو، ان لاءِ جو هر معاملي کي سمجهڻ لاءِ هو پنھنجن استادن کان ايڏا وڏا ڳوڙها سوال ڪندو هو جو استاد ئي منجهي پوندا هئا ۽ چوندا هئا ته “هان! هي ننڍڙو ڇوڪرو ۽ سوال ايڏو وڏو ڏاهپ جو!” حفيظ استادن کي پيرين پوڻ پسند ڪين ڪندو هو، جهڪڻ ڪونه چاهيندو هو. حفيظ شيخ پنھنجي ڪتاب “ساگر جي لھرن تي” جي صفحي نمبر-25 تي پنھنجي ارپنا ۾ لکي ٿو ته “ارپيان ٿو ان نقاد (رسول بخش پليجو) کي جنھن جي کيسي ۾ ٺٽي کان ڪراچي تائين اچڻ جو ڀاڙو به ڪونه هو پر منھنجو افسانو “مبارڪون” پڙهي پنھنجي ڪنھن دوست کان پنج رپيا اڌارا وٺي ڪراچي اچي سھڙيو، مون کي ڳولھي لڌائين. هڪ ٻئي سامھون ٿياسون ته چيائين، “ماءُ جا ……. ، ڀيڻ جا …… ٿئي. اهڙي سُٺي افساني جو منھن ڪارو ڪري ڇڏيو اٿئي، پڙهين جو افسانو هو جو ائين ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيئيس”. حفيظ شيخ سنڌ جي عظيم شخصيت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ لاءِ لکي ٿو ته ارپيان ٿو ڪانواٺ جوان کي جنھن منھنجي پھرين افساني تي تنقيد ڪندي اوچتو پنھنجو هٿ کڻي پٺيءَ تي رکي چيو “حفيظ ڏس، جيڪڏهن سڀڪو تنھنجي ڪھاڻيءَ واري سورهيه (هيرو) جيئان پاڻ تي ٿيل ظلم جو بدلو وٺڻ لاءِ پنھنجي دشمن جي ڀيڻ ماءُ جي بيعزتي ڪندو رهي ته ان مان ڪھڙو کڙ تيل نڪرندو. ان کانسواءِ سندس دشمن جي ڀيڻ، ماءُ، جن جي ناحق بيعزتي ٿئي ٿي، انھيءَ ڪھڙو ڏوهه ڪيو؟ منھنجن ۽ تنھنجن لڇڻن لاءِ تنھنجون ۽ منھنجون مائرون ۽ ڀينرون ڇو ظلم ڀوڳين؟.” “منھنجي مٿي مان ٺڪاءَ نڪري ويا. اهو سوچيم ته منھنجي امڙ ۽ منھنجي ڀينرن کي منھنجن لڇڻن کنڌي ڪجهه ڀوڳڻو پوندو”.
حفيظ مسلسل سازشن جو شڪار ٿيندو رهيو، ايتري تائين جو هو پنھنجي گهر مان تڙيو ويو. ڪھاڻيڪار، صحافي ۽ اديب حفيظ شيخ 42 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 9 نومبر 1971ع ۾ اسان کان الڳ ڪيو ويو، جڏهن سندس مڙهه خيرپور مان کڄي حيدرآباد آندو ويو ته ڪنڌ جي ڀرسان قرآن شريف رکيو ويو هو، حفيظ نشي ۾ ننڊ پيو هو ۽ نشي ۾ مدهوش هو ته هن کي مئل سمجهي نشي جي حالت ۾ قبر ۾ پوريو ويو….. !!.