نئون

عورتن کي تيزاب جي حملي ۾ محفوظ رکندڙ ميڪ اپ تيار

سڄي دنيا ۾ عورت تيزاب گردي جو شڪار ٿينديون رهنديون آهن. هاڻي ته اهي حملا اولهه ۾ به ٿي رهيا آهن. اهڙن حملن ۾ عورتن جي حفاظت لاءِ هاڻي اهڙو ميڪ اپ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو تيزاب جي حملي ۾ عورتن کي محفوظ رکندو. خبرن موجب برطانيه ۾ اهڙن واقعن ۾ اضافي ٿيڻ بعد هڪ ماهر ڊاڪٽر الماس احمد اهڙو ميڪ اپ تيار ڪيو آهي، جيڪو عورتن کي اهڙن حملن کان محفوظ رکي سگهي ٿو. الماس احمد هڪڙو اهڙو ڪيميڪل تيار ڪيو آهي جيڪو تيزاب کي پنهنجي پار گذرڻ نٿو ڏي. الماس چيو آهي ته هن ڪيميڪل کي آساني سان روايتي ميڪ اپ جي ڪريمن،  اس کان بچائيندي لوشن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. الماس ٻڌايو ته هوءَ ڪجهه وقت کان اهڙي قسم جي ميڪ اپ جي تياري لاءِ ڪم ڪري رهي هئي جنهن جي مدد سان تيزاب جي حملي ۾ عورتن کي محفوظ رکيو وڃي. تجرباتي طور تي ان تيزاب کي هڪ فائونڊيشن ۾ ملائي استعمال ڪيو ويوآهي جنهن بعد ان کي سن اسڪرين ۽ موئسچرائيزر ۾ ملايو ويندو. الماس مطابق هي ڪيميڪل 400 ڊگري جي سڙڻ کي برداشت ڪري سگهي ٿو. ۽ هوءَ ان ڪيميڪل جي تياري تي پنهنجا لکين پائونڊ خرچ ڪري چڪي اهي، پر اڃان هن کي حڪومتي اداري جي اجازت نامي جي ضرورت آهي. جنهن جي اجازت بعد ئي هوءَ ان ڪيميڪل کي مارڪيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي. واضح رهي ته برطانيه جي شهر لنڊن ۾ تيزاب گردي سان  سال 2015 ۾ 225 ماڻهن تي حملا ڪيا ويا جنهن جي ايندڙ سال  اهڙن واقعن جو تعداد 450 تائين پهچي وئي.