پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (شماريات) جي مطابق مارچ 2025 ۾ مهانگائيءَ جي شرح 0.7 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل مهيني 1.5 سيڪڙو هئي. هڪ سال اڳ مارچ 2024 ۾ اها شرح 20.7 سيڪڙو هئي، گذريل سال جي نسبت هن وقت مهانگائيءَ جي شرح ۾ تمام گهڻي ڪمي آئي آهي. شهري علائقن ۾ مهانگائي 1.2 سيڪڙو تائين محدود رهي آهي، جيڪا فيبروري ۾ 1.8 سيڪڙو هئي. جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ مهانگائيءَ جي شرح جيئن جو تيئن 0 سيڪڙو رهي، جيڪا عوام جي لاءِ خوش آئند ڳالهه آهي. هارورڊ يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي وزير خزانا محمد اورنگزيب چيو ته قرضن ۾ لاٿ جي لاءِ مالياتي ذريعن ۾ واڌارو ۽ ٽيڪس پاليسين ۾ سڌارا آندا ويندا. جڏهن ته نجڪاري سان هر سال جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو بچڻ جي توقع آهي.
هن پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته هن وقت پاڪستان جي 60 سالن جي تاريخ ۾ مهانگائي گهٽ سطح 0.7 سيڪڙو تي آهي. پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ ٻيڻ تي واڌارو آيو آهي ۽ رپئي جي قدر ۾ 3 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته مارچ 2025 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو. پرڏيهي سرمائيڪاري ۾ 44 سيڪڙو واڌ آئي ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ برآمدات ۾ 24 سيڪڙو واڌ آئي. جڏهن ته ٻاهران کان موڪليل پاڪستانين جي پرڏيهي ناڻي ۾ 38 ارب ڊالر پاڪستان پهتا آهن. شماريات واري اداري جي مطابق کاڌي پيتي جي شين ۾ 0.5 سيڪڙو جو معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪڪڙ، ڪجهه داليون، فروٽ ۽ ڀاڄيون، بصر، مصالحه، کنڊ، ڳُڙ ۽ چانور سستا ٿيا آهن.
پاڪستان جو عوام هڪ ڊگهي عرصي کان ناڻي جي پکيڙ سبب مهانگائي جو شڪار رهيو آهي، ان ۾ يقينن پاڪستان جي بيلنس آف پئمينٽ کان وٺي ٻاهران گهرايل شين جو استعمال ۽ شين جي قيمتن ۾ اضافي سبب ماڻهن جي قوت خريد ۾ گهٽتائي آئي، پر هينئر وزير خزانا محمد اورنگزيب پنهنجي وزارت جي دوران اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو هڪ باصلاحيت وزير خزانا آهي، جنهن حڪومت سان گڏجي هن وقت جيڪي معاشي پاليسيون جوڙيون آهن انهن جو مثبت نتيجو نڪترو آهي جنهن جي ڪري کاڌي پيتي جي شين ۾ گهٽتائي آئي آهي، ناڻي جي پکيڙ ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين پنهنجي ملڪي حڪومت تي ڀروسو ڪندي پنهنجون بچتون پاڪستان اماڻيون آهن، جنهن جي ڪري پاڪستان جيڪو هميشه پرڏيهي ناڻي جي ڪري تنگ دستيءَ جو شڪار رهيو اهو گهٽ ۾ گهٽ هينئر پنهنجي ادائگين ڪرڻ جي لاءِ ان حالت کان ٻاهر نڪري آيو آهي. ان کان علاوه هن وقت بين الاقوامي بازار ۾ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي آئي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ به کاڄرو تيل جي قيمت تي ان جو اثر نظر اچي ٿو. ان کان علاوه ڪجهه مقامي پيداواري شين ڀاڄين، بيدن ۽ ڪڪڙ جي قيمتن تي ۽ ڪڻڪ جي اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي به عام صارف کي سک جو ساهه کڻڻ نصيب ڪيو آهي. جڏهن ته مارچ 2024 تائين حالتون تمام پريشان ڪندڙ هيون ۽ مهانگائي روزاني جي بنياد تي وڌي رهي هئي، جنهن جو اثر عام ماڻهو تي عام صارف تي ايترو پئجي رهيو هو جو ان عام ماڻهو جي نفسيات کي متاثر ڪري ڇڏيو هو.
هن وقت خوشقسمتيءَ سان پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون به مستحڪم آهن، جنهن جي ڪري بجليءَ جي بلن ۾ به تيزيءَ سان ڪمي آئي آهي. ان کان علاوه عوام کي ٽرانسپورٽيشن به مستحڪم قيمت تي مهيا ٿي رهي آهي، جنهن جو رليف يقينن پوري مارڪيٽ اڪانامي تي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه پاڪستان جي رپئي جي قدر ۾ استحڪام به هڪ غنيمت محسوس ٿي رهي آهي، جيڪا ڪافي عرصي کانپوءِ محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ اسان کي ان ڳالهه جو ادراڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته معاشي حالات کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ پٺيان حڪومت جون بهتر پاليسيون ۽ بين الاقوامي مارڪيٽ جون قيمتون ڪم ڪري رهيون هونديون آهن، جنهن جي ڪري کاڌي پيتي جي شين کان وٺي پيٽرول جي قيمتن تائين جيڪي به شيون عام طور تي استعمال ٿين ٿيون انهن جي قيمتن ۾ لاٿ يا چاڙهه عوامي زندگين کي متاثر ڪري ٿي، پر هينئر اسان اها اميد ڪري سگهون ٿا ته پاڪستان جي هلندڙ قومي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ بهتر پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿي. اسان اميد ڪريون ٿا ته اهڙيون عوام دوست پاليسيون جاري رهنديون جنهن سان ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿيندو، عوام جو جيڪو حصو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي ان کي خوشحالي نصيب ٿيندي ۽ پاڪستان هن خطي جو مضبوط ملڪ بڻجي اڀري سامهون ايندو.