سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن، جيڪا ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ به بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ، ڊاڪٽرن ۽ مريضن جي جائز شڪايتن جي ازالي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي، مونکي ياد آهي ته نومبر 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ ڪيمشن کي ختم ڪندي ٻن هفتن ۾ نئون بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي خاص بئنچ لاهور رجسٽري ۾ پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ آف ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي هئي ان ٻڌڻي دوران پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد اعليٰ عدالت ۾ پيش ٿي هئي. چيف جسٽس ڊاڪٽر ياسمين راشد سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته مون کي توهان ۾ وڏيون اميدون هيون، توهان بورڊ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو شامل ڪيا آهن. ياسمين راشد جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي هدايت موجب بورڊ جوڙيو ويو ۽ طريقيڪار موجب ميمبرن جي نامزدگي ڪئي وئي جنهن جي وڏي وزير منظوري ڏني، جنهن تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته هي ادارو ريگوليٽر آهي، پر اتي سياست ٿي رهي آهي. عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته بورڊ کي غير جانبدار ۽ آزاد هجڻ گهرجي. ان موقعي تي چيف جسٽس هدايت ڪئي هئي ته بهترين ساک رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪري نئون بورڊ جوڙيو وڃي. ٻڌڻي دوران پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ آف ڪميشن جي ميمبر شفقت چوهاڻ عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو هو ته ميمبر حسين نقي ۽ چيئرمين جسٽس (ر) عامر رضا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جن جو ٻين ميمبرن سان ڪو واسطو ناهي. شفقت چوهاڻ جو چوڻ هو ته حسين نقي چيئرمين جسٽس (ر) عامر رضا کي استعيفيٰ ڏيڻ جو نه، پر کيس پاڻ مستعفي ٿيڻ جو چيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو هو ته ڪٿي آهي حسين نقي، جنهنڪري جسٽس (ر) عامر رضا استعيفيٰ ڏني؟ ميمبر بورڊ حسين نقي جي پيش ٿيڻ تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته توهان ڇا آهيو؟ جنهن تي حسين نقي جواب ڏنو ته مان اسلاميه ڪاليج يونين جو سيڪريٽري رهيو آهيان. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته پوءِ بورڊ ڇڏي يونين وڃي هلايو. ان موقعي تي اعليٰ عدالت پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ آف ڪميشن کي ٽوڙي ڇڏيو، پر اسان جي سنڌ سرڪار وري ان ساڳئي ڪرپٽ اداري کي هٿي ڏيارڻ لاءِ وک اڳتي وڌائي، پر هن وقت تائين ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي.