تعلقه هيڊڪوارٽر ٽنڊو غلام حيدر به عجيب شڪل جو آھي ته گڏوگڏ ٽائون جي جوڙ جڪ به نرالي آھي، ٽائون جي ايراضي ۾ حيدرآباد شھر جھڙا 2 وڏا شھر اچي سگھن ٿا، مگر ٽائون ۽ تعلقو ھيڊڪوارٽر اھڙو آھي جنھن ۾ ڪوبه شھر يا شھري سھولتون ميسر نه آھن. 7 وارڊن تي ٻڌل ھن ٽائون ۾ انصاري شگر مل، ٻيون 50 جي لڳ ڀڳ ملون، ڪارخانا ۽ ٻيا ڪاروبار ۽ مال پڙيون آھن، ان ڪري ماتلي سان لڳو لڳ ھي ٽائون ڪميٽي ھڪ قسم جي امير ترين ٽائون ڪميٽي آھي. ديھه انڙڪي جنھن ۾ ماتلي جو مک قبرستان به اچي ٿو، نئين سوسائٽين جي پلاٽنگ سبب مھانگين زمينن واري ديھه آھي. ٻئي طرف ديھه جڳسياڻي جنھن ۾ انصاري ملز ۽ ٻيون کوڙ ساريون ملون ۽ ڪارخانا به ھن ٽائون جي اميري جو سبب آھن. حيدرآباد ضلعو ٽٽڻ ۽ ٽنڊو غلام حيدر تعلقو ٿيڻ کان اڳ ھتي صرف ھڪ پوليس پوسٽ ھئي، جنھن جو ٿاڻو ٽنڊو محمد خان ۾ ھو، اُن پوليس پوسٽ تي ھميشه ھزارين صوبيدار ايندا ھئا جيڪي ماڻھن جون ناحق کلون لاھڻ ۾ مشھور رھيا، لئو ڪولھڻ سان زيادتي به ان پوليس پوسٽ جي پوليس اھلڪارن ڪئي جنھن جي ازالي لاءِ 1991ع ۾ نواز شريف کي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ھتي 2 ڀيرا اچڻو پيو. ڪولھڻ سان زيادتي جي ان ڪيس ۾ پوليس اھلڪارن کي جيل جون سزائون به مليون. ماضيءَ ۾ ميرن جي صاحبي واري دور ۾ چون ٿا ته ٽنڊو غلام حيدر کي تعلقي جو درجو مليل ھو، پر پوءِ اھو ختم ڪيو ويو ھو. ٽنڊو محمد خان جي ضلعي ٿيڻ سان 2005ع ۾ ٽنڊو غلام حيدر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ 3 يونين ڪائونسلون ماتلي ۽ تلھار مان ٽوڙي نئين تعلقي جي آبادي جي پورائي ڪئي وئي ھئي. ضلعي حڪومتن واري نظام ۾ ٽي ايم اي جو درجو ماڻيندڙ ٽنڊو غلام حيدر مير اعجاز ۽ ان جي ناظم پُٽ مير عنايت ٽالپر ھن علائقي کي به نالي ماتر ترقياتي اسڪيمن سان نوازيو ۽ تمام گھڻو پئسو خرچ ڪيو. ٽنڊو غلام حيدر ۽ ڏندو ۾ ڪاليج منظور ڪرايا ۽ انھن جي عمارتن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا، پر اھي ڪاليجي عمارتون رڳو عمارتن تائين محدود رھيون، انھن ۾ ڪلاس شروع نه ٿي سگھيا، ھاڻي اهي عمارتون کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن. ٽنڊو غلام حيدر ايئن ڪرپشن جو وڏو ڳڙھ بڻجي ويو، ھتان ھزارين ملازمن جون غير قانوني ڀرتيون به ٿيون، جيڪي ملازم پوري سنڌ ۾ بدليون ڪرائي اڃان به وڏي تعداد ۾ ٽنڊي غلام حيدر جي ٽي ايم اي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر علي اڪبر ڀرٽ جي نومبر 2009ع جي جاري ڪيل يا ان جي صحيح سان جاري ڏيکاريل آرڊرن جي بنياد تي ماتلي سميت پوري سنڌ ۾ نه رڳو پکڙيل آھن، پر تيزيءَ سان پروموشنون وٺي ڪيترائي آفيسر به ٿي ويٺل آھن. ضلعي حڪومتن واري نظام ۾ اھا گنجائش ڪٿي به نه ھئي ته ھڪ ضلعي جو ماڻھو ٻئي ضلعي مان نوڪري حاصل ڪري، ان ڪري ٽنڊو غلام حيدر ٽي ايم اي مان ڀرتي ڏيکاريل ٻين ضلعن جا ھزارين ملازم اڄ به پنھنجن رڪارڊن حساب سان جعلي ملازم آھن. لوڪل ملازمن جون پگھارون بند ڪيون ويون، پر جيڪي ھتان نوڪرين جا 2009ع ۾ ٻين ضلعن ۽ خاص ڪري بدين ۽ دادو ضلعن جا ماڻھو نوڪري جا آرڊر وٺي تڪڙيون بدليون ڪرائي ويا سي تقريبن ھر ضلعي ۾ انھن آرڊرن تي اڄ به موجود آھن. بلڪِه جتي به آھن آفيسر ٿي ويٺل آھن، ادارا انھن جي جاچ نٿا ڪن ته اُھي ڪھڙن ضلعن جا ماڻھو ھئا ۽ ھِتان انھن ڪھڙن بنيادن تي نوڪريون حاصل ڪيون، ڪيئن بدليون ڪرائي ويا ۽ انھن کي تيزيءَ سان پروموشنون ڪيئن مليون؟ اھو ھڪ پنڊورا باڪس آھي، ڪڏھن نه ڪڏھن ته کلڻو آھي، ڪڏھن ٿو انڪشاف ٿئي خبر نه آھي.