سوشلزم کي ٻيو چانس ڏنو وڃي، سيمينار ۾ خيالن جو اظهار

ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ زندگي جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ ڳالهائيندي مقررين جو چوڻ هو ته دنيا ۾ غربت ۽ بدحالي کي منهن ڏيڻ لاءِ سوشلزم کي هڪ دفعو ٻيهر موقعو ڏنو وڃي. سيمينار سان ڳالهائيندي ماهرن چيو ته 19 صديءَ ۾ روس هڪ مثالي رياست هو جتي سوشلزم جي ڪري بهتر زندگي ميسر هئي پر روس جي ٽٽڻ کانپوءِ انتها پسندي جي باهه دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري نوجوان سياست کان پري ٿي ويا آهن پر هاڻي اها وقت جي ضرورت آهي. ماهرن اهو به چيو ته تاريخ ۾ روس هڪ اهڙو مثال بڻيو جنهن ۾ مساويانا حق ۽ انصاف ميسر هو. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته مستقبل ۾ به اهڙو نظام دنيا ۾ اچي سگهي ٿو جنهن جا دروازا اسان لاءِ کليا پيا آهن. ماهرن پاران اهو به چيو ويو ته ترقياتي سياست جو بنياد ڪڏهن به ختم نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو. سوشلزم هڪ اهڙو نظام آهي جنهن ۾ هرڪو پاڻ حڪومت ۾ شريڪ رهي ٿو جيڪو ان ڪري بنايو ويو هو ته جيئن هر انسان برابري جي سوچ رکي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments