نئون

عمران خان پاران عذير بلوچ جي لڳايل الزامن جي انڪوائري جي گهر

پي. ٽي. آءِ جي رهنما عمران خان چيو آهي ته ڪراچي معاشي سرگرمين جو حب آهي. هتي معيشيت تيز هوندي ته پوري ملڪ تي ان جو مثبت اثر پوندو. افسوس ته رشوت خوري ۽ نااهل ماڻهن جي حڪومت جي ڪري معيشيت پٺتي ڌڪجي رهي آهي. هن ممبئي ۽ ڪراچي جي ڀيٽ ڪندي ٻڌايو ته جڏهن هو پهريون ڀيرو ممبئي ويو هو ته ان وقت ڪراچي هڪ صاف سٿرو شهر هو ۽ ممبئي ڪچري جو ڍير هو پر هاڻي ڪراچي ڪچري جو ڍير بڻجي ويو آهي ۽ ممبئي گهڻو صاف سٿرو بڻجي اڳيان نڪري ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عذير خان بلوچ جي JIT رپورٽ جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته نه رڳو شگر ملون پر بلاول هائوس جي چوڌاري جيڪي گهر هئا انهن ماڻهن کي به ڌمڪائي گهٽ اگهن تي خريد ڪيو ويو. عذير بلوچ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هو هر مهيني ۾ هڪ ڪروڙ رپيا فريال ٽالپر کي ڀتي جي صورت ۾ ادا ڪندو هو ۽ سندس چوڻ تي ڪيترائي خون به ڪيا آهن. عمران خان عذير بلوچ جي لڳايل انهن سڀني الزامن جي جاچ ڪرائڻ  جي گهر ڪري ورتي آهي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ مخصوص بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو آهي.