نئون

2018 ۾ ڪراچي ورلڊ مانيومينٽ واچ لسٽ ۾ شامل

ڪراچيءَ جي آثارِ قديمه کاتي ٻڌايو آهي ته 2018 لاءِ ڪراچيءَ جي 25 قديم جاين کي واچ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن عمل سان ڪراچيءَ جي قديم جاين کي جيڪي اسان جو قومي ورثو آهن، جنهن کي آباديءَ جي تيزيءَ سان وڌڻ جي ڪري ۽ ترقياتي ڪمن جي ڪري خطرو پيدا ٿي پيو آهي. اهي جايون منظر عام تي اينديون. اها ڳالهه سومر جي ڏينهن NED يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيٽيڪچر ۽ پلاننگ جي چيئر پرسن پروفيسر نعمان احمد ٻڌائي، هن ٻڌايو ته هر سال اهڙي لسٽ (WMF) ورلڊ مانيومينٽ فنڊ طرفان جاري ڪئي ويندي آهي، جيڪا نيو يارڪ جي NGO آهي، جنهن جو مقصد دنيا جي قيمتي لوڪ ورثي کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. هيستائين پوري دنيا ۾ 90 ملڪن اندر 600 جاين کي محفوظ ڪيو ويو آهي.