بلاگنئون

ڪتاب: جديد سنڌي شاعريءَ جي مقدمي تي تنقيد

اسحاق سميجو جي شاعريءَ جي ڪتاب ”جديد شاعري“ ترقي پسند ڌارا جو اڀياس جي مقدمي ۾ تنقيدي پهلو گهٽ نظر آيو، پر تعريفي ۽ تشريحي وڌيڪ آهي. ڪنهن به ڪتاب تي تنقيد کانسواءِ سچائي تائين پهچڻ مشڪل هوندو آهي. هن ڪتاب ۾ ته ليکڪ ڌر ٿي لکيو آهي جنهن جي ڪري ترقي پسند تحريڪ جي اوڻاين کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

هڪطرفو رڳو ترقي پسند تحريڪ جي عروج تي لکيو آهي، پر ان جي زوال، ان تحريڪ کان بدظن، لاتعلقي ڪندڙن، ان جي تنقيدي رخن کي خبر ناهي ته ڇو نظرانداز ڪيو ويو آهي. شيخ اياز ترقي پسند تحريڪ جي زوال جو وڏو حوالو آهي جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. نظرياتي سياست، ادب جي ناڪامي، زوال جا مثال سامهون آهن جن کي هي رڳو نظرانداز ڪن ٿا، ترقي پسند تحريڪ سان ادب کي جيڪو نقصان پهتو جيئن تحريڪ جي حدن ۾ اچي ادب محدود ٿي ويو، صرف سماجي اڻبرابري ۽ غريبن جو استحصال ۽ مزدورن جي حقن تي لکيو ويو. ان ڪري انساني زندگيءَ جا ٻيا اهم پاسا جهڙوڪ نفسياتي پيچيدگيون، ذاتي محبت، موت ۽ فطرت جو حسن وغيره نظر انداز ٿي ويا ان جو هي ذڪر نٿا ڪن رڳو عوامي سجاڳي، شعور جنهن سان هو اشرافيه جي نظام کي لوڏي به نه سگهيا ان جي تعريف ۾ پورا آهن.

هڪڙي تحريڪ آئي اڌ صديءَ جي عمر کانپوءِ ختم ٿي وئي ان کي هروڀرو ثابت ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي.

ترقي پسند تحريڪ تي ان سان وابستگي رکندڙ دانشور کي اخلاقي طور نه لکڻ کپي، جي لکندو ته هو سچ لکي نه سگهندو، ڪنهن به نظرياتي تحريڪ يا ادب تي اڻ ڌريي نقاد کي لکڻ جڳائي جيڪو موضوع سان انصاف ڪري سگهي.

ترقي پسند ڌر پنهنجي ناڪام، غلط، پرفريب، سبز باغ ڏيکاريندڙ فريب نظر نظرياتي سياست، ادب ۽ صحافت تي شرمساري، اعتراف ڪرڻ، پنهنجي غلطين مان سبق پرائڻ بدران ساڳئي گس تي لڪير جا فقير ٿي قوم جون پيڙهيون گمراھ ڪرڻ تي عمل پيرا ڇو آهن؟ اڄ ترقي پسند سياست، ادب، صحافت اشرافيه جي اقتدار اڳيان بيوس، لاچار، مظلوم بڻجي روڊن تي گهلجڻ تي مجبور آهن، جنهن کي هو انقلابي جدوجهد جو نالو ڏين ٿا.

ترقي پسند تحريڪ ادب کي وڏو نقصان پهچايو هن انسان جي داخلي احساسن ۽ جذبن جي جاءِ تي سماجي، سياسي، معاملن کي فوڪس ڪيو. داخلي دنيا جي ويراني تي خارجي معاملن کي کڻي آئي جنهن سان اظهار جي آزادي سامهون آئي، سياسي نظام، جبر پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو رڳو نعري بازي سان سياست چمڪائي وئي.

قلم جي جاءِ تي ڏاٽي ۽ هٿوڙي کي آندو ويو، جنهن سان آخر ۾ پنهنجي قومي سورهين ۽ سورمن جي مجسمن کي ٽوڙڻ لاءِ ڪتب آندو ويو.

کاٻي ڌر جي ناڪام سياست سان اڌ صديءَ ۾ کين ڪائونسلر جي به سيٽ نه ملي، پارلياماني سياست تي اشرافيه جي قبضي کي آئيني طور تسليم ڪيو ويو.

رسول بخش پليجو جو حوالو؛

ترقي پسندي ۽ ڪميونسٽ قيادت جي رومانس جو آخري باب رسول بخش پليجو پرڪشش شخصيت جو مالڪ،  تقرير ۾ سڀ ڪنهن کي متاثر ڪندڙ  ۽ علمي موضوعن تي ڪمال جي گرفت رکندڙ، رعب ۽ دٻدٻي واري لهجي سان گڏ سٺي باڊي لئنگويج ۽ طنزيه لهجي تي به زبردست عبور رکندڙ شخصيت، جنهن مان سنڌ جا اڪثر نوجوان تمام گهڻو متاثر ٿيا، پر آخر ۾ سڀ جا سڀ همدرد ۽ معتقد ماڻهو سندس آمراڻي مزاج ۽ تڪبر واري  شخصي گڻن ۽ نظرياتي هٺ ڌرمي سبب کيس ڇڏي ويا. صرف چند ڪارڪن سندس وفاداري جو ڀرم رکي سگهيا آهن. سندس پارٽي هن وقت ڪيترن شخصي گروهن ۾ تقسيم ٿي چڪي آهي. سندس قومي ۽ عوامي انقلاب جو خواب منتشر ٿي چڪو آهي، پنهنجي زماني جي شخصيت اڄ پسمنظر ۾ هلي وئي آهي، جيڪا ماضي جي مزار مان هڪ ياد طور ليئا پائي رهي آهي.

افسوس رسول بخش پليجو قوم کي درست نعرو يا گس ڏئي نه سگهيو ۽ روايتي سياست ۾ 40 سال ضايع ڪري هليو ويو. هي اڳواڻ چاهي ها ته نظام کان انڪار ڪري پئي سگهيو، پر افسوس هي به روايتي سياست مان ذاتي طور فيضياب ٿيندو رهيو. شهرت سان گڏ مظلوم پوئلڳن جو مالڪ بڻيو، جيڪي اڄ کيس سلامي پيا ڏين.

هن مظلومن کي پنهنجي سياست لاءِ خوب استعمال ڪيو، خاص طور عورتن، ٻارن ۽ شاگردن کي منصوبابندي سان پارٽيءَ ۾ شامل ڪيو. انقلابي سياست قوم کي درست نعرو يا گس ڏيندي آهي، جيڪا سنڌ ۾ ڪابه سياسي پارٽي نه ڏئي سگهي آهي. بدقسمتي سان سياسي پارٽيون مظلومن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيون آهن. سياسي پارٽين طرفان سندن همت افزائي ڪئي وڃي ٿي.

جن قوم کي غلط گس تي لاتو، نظرياتي سياست جو درس ڏنو، اقتدار جي سياست اشرافيه حوالي، باقي سنڌ جي بقا لاءِ عوام کي جذباتي بڻايو، تن کي ڪارڪنن، قائد انقلاب ۽ ڏاهپ جو لقب ڏنو ويو. اڄ به ساڳيو رينگٽ جاري آهي ۽ تنقيد کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. سنڌ تي اشرافيه جي اقتدار جي گرفت جي ذميوار کاٻي ڌر جي سياست، ادب ۽ صحافت آهي، جنهن اشرافيه لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

ڀٽائي پنهنجي دور ۾ درٻار تائين رسائي حاصل نه ڪئي، اڄوڪا سڀ وڏا شاعر، اديب، دانشور درٻار تائين رسائي جي ڪري وڏا اڪابر بڻجي پيا آهن.

ڀٽائي تي مقالا اهي پيا پڙهن جيڪي ڀٽائي سان ڪابه نسبت نه پيا رکن، جيڪي عملي زندگيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي فڪر جي نفي ڪندڙ آهن. ڀٽائي جي گادي نشينن ۽ محققن ۾ ڪوبه فرق نظر نه پيو اچي.

اهل قلم ۽ اهل منصب زندگيءَ کي بي آبرو بي مقصد بڻائي ويٺا آهن.

چارڻ وس نه ڪاء ته ڪا ڪيرت جي ڪري

جني سنڌو مڱڻو، هٿ تنين جي آھ

جي ڳارائنس ته ڳائي سمهارينس ته سمهي- (شاھ)

ترقي پسند سياست، ادب صحافت جي ناڪامي کانپوءِ اشرافيه لاءِ ميدان صاف ڇڏيو ويو آهي، رڳو ليڊري چمڪائڻ رهجي وئي آهي، اياز ميلي سان ترقي پسند باقيات زنده رهڻ لڳي آهي.

***