اطمينان ۽ چين ڪونهي، مطمئن نه آهيان، خبرناهي ڇو؟ مونکي هر اها شئي ميسر آهي جيڪا هڪ زندگي پر سٺي زندگي لاءِ هجڻ گهرجي. مائٽ، سٺو گهر، دوست، رشتيدار، مالي پوزيشن به تسلي بخش آهي. هر معاملي ۾ مطمئن پر تڏهن به بيچيني، بيقراري، سستي ۽ مونجهه آهي. ڇو ڇا جي لاءِ؟ سمجهه ۾ نٿو اچي.
***
12 فيبروري، 1971
اڄ شام جو ٽنڊي محمد خان ۾ انو شيدي جي وليمي جي دعوت تي آرڪيسٽرا کڻي وياسين اتي وڄائيسين. سٺو پروگرام ٿيو. اتان ڏهين بجي نڪتاسين وري سڌو لطيف آباد ۾ ڪمال جي گهر تي پروگرام هو، اُتي به ميوزڪ پرفارم ڪيوسين. اتي سڀ ماڻهو ليڊيز ۽ جينٽس سڀ فارورڊ ڪلاس سان تعلق رکندڙ ماڻهو هئا.
آرڪيسٽرا جا اسان گهڻائي پروگرام وڏن وڏن ماڻهن جي دعوتن جا اٽينڊ ڪيا آهن ۽ مون اتي محسوس ڪيو ته سڀ ماڻهو ان هاءِ ڪلاس ميوزڪ سسٽم کي تمام گهڻو پسند ڪندا آهن. اسانجي آرڪيسٽرا جا سڀ ڇوڪرا ان ماحول کي پسند ڪندا آهن پر انهن سڀني جي برعڪس منهنجا خيال وري مختلف هوندا آهن. آئون ان اعليٰ سوسائٽي کي جتي فيشن، رک رکاءُ، مصنوعيت، حد کان وڌيڪ نفاست ۽ مغروري آهي. اها آئون پنهنجي نظر سان ڏسندو آهيان. انهي لاءِ نه ته ڪو مون کي اهي ميسر نه آهن يا آئون ائين ڪري ڪونه ٿو سگهان يا آئون سڙان ٿو. بس آئون فطري شين جو قائل آهيان. آئون مصنوعيت برداشت ڪري ڪونه سگهندو آهيان. آئون انسان ذات کي سندس حقيقي روپ ۾ ايمانداري سان ڏسڻ پسند ڪندو آهيان، مونکي اهڙا ماڻهون وڻندا آهن.
***
16 فيبروري، 1971
اسانجون اميدون، اسانجا آسرا، اسانجون اکيون هميشه جيان بصر تي لڳل آهن. بصر جيڪو اسان پوکيو آهي ۽ اگهه تمام سٺا آهن، هاڻي انتظار آهي ته فصل ڪڏهن ٿو لهي. ڇاڪاڻ ته بصر لهڻ تي ئي منهنجي شادي ٿيندي، بصر لهڻ تي ئي گهر جي مرمت ٿيندي، بصر لهڻ تي شاهه جي شادي ٿيندي، بصر لهڻ تي پريان پوکيءَ لاءِ زمين ٺهندي. مطلب ته بصر بس بصر لهي.
آئون سوچيندو آهيان ته يار ماڻهون به عجيب شئي آهي، ماڻهون ڇا آهي، انسان ذات ڇا آهي، آخر اهو سڀ ڇا آهي، انساني ذهن ڪهڙي بلا آهي، آئون ته پريشان ٿي ويندو آهيان، انسان ذات جون حرڪتون ڏسي وائڙو ٿي ويندو آهيان. ذهن: انسان ذهن جو ڪيتري قدر غلام آهي؟ ماڻهو پنهنجي ذهن کانسواءِ ڪجهه به ناهي. معذور آهي، بيوس آهي، هو ڪيترو به ڪنٽرول ڪري پر اصليت وري به ڪتاب جيان کليل هوندي آهي.
***
26 فيبروري، 1971
آئون ڊائري لکندو آهيان، پر ڇا جي لاءِ لکندو آهيان، ڇو لکندو آهيان، اها مونکي به چڱي طرح خبر ڪانهي.
شايد آئون ڊائري انهيءَ لاءِ لکندو آهيان جو ماڻهون لکندا آهن ۽ آئون به لکان پيو. ڪڏهن ڪڏهن مونکي ائين محسوس ٿيندو آهي ته آئون بڪواس پيو لکان. بيڪار پيو لکان. خوامخواهه ڊائري ۾ جيڪو ڪجهه به آئون لکان ٿو انهيءَ ۾ ڪا نئين ڳالهه ته ڪونه آهي. اهي ئي ڳالهيون آهن جيڪي اڪثر نوجوانن سان پيش اينديون آهن، اهي ئي واقعا اهي ئي حادثا، اهي ئي اتفاق جيڪي عام آهن، ڪابه نئين شئي نه آهي ۽ نه وري ڪا منهنجي حيثيت ئي آهي، نه ڪو آئون شخصيت آهيان، جنهن جي زندگي جا واقعا اهميت ٿا رکن، پر تڏهن به آئون ڊائري لکندو آهيان. هينئر في الحال جيڪو سبب مونکي نظر ٿو اچي ڊائري لکڻ جو، اِهو آهي ته بس لکڻ منهنجي عادت بڻجي ويئي آهي. نٿو لکان ته مزو ڪونه ٿو اچي، بس لکان پيو. پنهنجي ڪچي، ناپخته ۽ سطحي تحرير ۾ لکندو ضرور آهيان پوءِ اها بڪواس آهي يا ٻيو ڪجهه پر عادت ضرور آهي.
***
4 مئي، 1971
اڄ نُورو هتي آيل آهي. شام گلفام سان گڏ ڪچهري ڪندي گذاري سين نورو سان گڏ جيڪا رهاڻ ٿيندي آهي ان رهاڻ جو مزو نرالو هوندو آهي. اهو رس اسين يا نُورو ٻئي ڪنهن جي به ڪچهري مان حاصل نه ٿا ڪري سگهون. ان جو سبب اهو آهي ته اسان هڪ ٻئي جي تمام تر ڪمزورين ۽ تمام تر خوبين کان چڱي طرح واقف آهيون. اسانجي ڪابه ڳالهه هڪ ٻئي کان لڪل ناهي ۽ سڀ مخلص آهيون.
***
22 جون، 1971
ڪالهه کان وٺي منهنجو موڊ آف هو. ابا ان ڳالهه کي محسوس ڪيو.
اڄ ابا مون تي حد کان وڌيڪ مهربان ٿيو. مونکي ڏهه رپيا خرچي ڏنائين ۽ مونکي پرچايائين به. تڏهن مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي ايتري قدر جو مونکي افسوس پي ٿيو ته آئون ابا سان ڪاوڙيو ئي ڇو هئس. ابا ته مونکي نصيحت ڪندو آهي. اسانکي اسانجي ابا تي انهن ڳالهين جي ڪري ئي ته ناز آهي. اسانجا مائٽ انهي ڪري ته سڀني کان مختلف آهن. ابا جيڪڏهن مونکي ائين نه پرچائي ها. يا پنهنجي ڪاوڙ نه ڇڏي ها ته آئون پنهنجي طرفان ڦوڪيو ويٺو هجان ها. هينئر مونکي پنهنجين غلطين جو احساس شدت سان ٿيو آهي، اهو ٻئي ڪنهن به طريقي سان ناممڪن هو.