هيل تائين جيترو نقصان سي آءِ اي ٻين ملڪن جو ڪيو آهي اوترو ئي هنن جو به ٿيو آهي، ڇو ته هنن ٻين ملڪن سان جنگي وٺ پڪڙ جي جهنجهٽ ۾ ايترا ته اڙيل رهيا آهن جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ڇو ته هنن جون جنگي حڪمت عمليون تمام خونخوار رهنديون آيون آهن، جيڪي بنا ڪنهن سببن جي به هلنديون رهيون آهن، جيئن شلوا، آينٽيٽام، اسٽون رِوَر، گيٽي برگ وغيره جهڙيون سول وار به شمار جوڳيون آهن، جن شهرين سان گڏ بين الاقوامي سطح تي ماڻهن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو، ڇو ته ويجھڙ تائين يو ايس جي سول وار ۽ عالمي جنگين ۾ جيترا عام ماڻهو ۽ فوجي ماريا ويا آهن اوترا ته ويٽنام جي جنگ ۾ به نه ماريا ويا هئا، وري ڪيترائي ماڻهو ۽ فوجي ته بيمارين ۾به مري ويا هئا.
سادي حساب ڪتاب ۾ ڏسجي ته آمريڪي آباديءَ جو 2 سيڪڙو رڳو جنگين ۾ مارجي ويو آهي، جنهن جي ڳڻپ ائين ڪري سگهجي ٿي جيئن 62 لک جي لڳ ڀڳ عام ماڻهو ۽ فوجي رڳو جنگين جي ڏي وٺ ۾ ماريا ويا آهن يا جيڪي اهڙي صورتحال ۾ هيل تائين لڳندڙ جنگين ۽ گهرو ويڙھ کي منهن ڏيندا رهيا هئا ۽ آهن، ان کان علاوه ماڻهن جي جانين جي قيمت ته ڪَٿ کان ٻاهر آهي، ڇو ته آمريڪي قوم اهڙي خونخوار ۽ رت جي راند ڪنهن ٻي طرح نه ڏٺي هوندي، وري هڪ ڪاٿي مطابق اهڙين جنگين ۾ ۽ سول وار وڙهندي وڙهندي آمريڪي ڇھه ملين کن فوجي ۽ عام بيگناھ ماڻهو مارجي ويا آهن.
جيئن ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ 405399 عام ماڻهو ۽ فوجي ماريا ويا هئا، پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ 116516 عام ماڻهو ۽ فوجي جوان چٽ ٿي ويا. ويٽنام وار ۾ 58209 فوجي ماريا ويا، ڪوريا جي جنگ ۾ 36516 آمريڪي فوجي ماريا ويا ۽ ان کان علاوه آمريڪي انقلابي جنگين ۾ 25000 ۾ فوجي ماريا ويا، 1812 واري جنگ ۾ 20000 فوجي ماريا ويا، ميڪسيڪن جنگ ۾ 13283 آمريڪي فوجي ماريا ويا، وري هاڻوڪي صورتحال ۾ عراق ۽ افغانستان جي جنگ ۾ 6626 آمريڪي فوجي مارجي ويا، اسپينش ۽ آمريڪن جنگ ۾ 2446 فوجي ماريا ويا ۽ گلف وار ۾ 258 آمريڪي فوجي ماريا ويا، جنهن جو نقصان آمريڪي رياست جي وس جي ڳالھه ناهي يا اهي ان جو ازالو به ڪري سگهن. وري ڪجھه ٻين انگن اکرن مطابق هيل تائين لڳ ڀڳ 9 ملين آمريڪي فوجي رڳو اهڙين جنگين جو شڪار ٿيا آهن.
1866 جي هڪ تحقيق مطابق پرو ووسٽ مارشل جنرل جيمس فراءِ مطابق ورجينيا، نارٿ ڪيرولينا، البانيا، سائوٿ ڪيرولينا، ارڪنساس وغيره جي ڊيٽا ته اپ ڊيٽ ٿيل ئي ناهي، انهن جنگين جا مسٽرول ئي گم ٿيل آهن، جن تي تحقيق باقي آهي. وري جيمس فراءِ جي مطابق فوجن جو اهڙو ڪاٿو لڳل ئي ناهي جيڪي انهيءَ جنگين جي دوران بيمارين ۾ مارجي ويا. وري اهڙا به فوجي شمار ۾ ئي ناهن جيڪي زخمي ٿي گهر پهتا ۽ جيڪي پڪڙجي گرفتار ٿيا، انهن جو تعداد 47600 جي لڳ ڀڳ هو، ڇو ته 15 لک فوجي ته رڳو مهاڀاري لڙائين ۾ زخمي ٿيا هئا، جيمس فراءِ جي تحقيق مطابق اهڙا به فوجي هئا جيڪي رڳو مئا، پر اهي به هئا جيڪي زخمي ٿيا، بيمار ٿيا، پڪڙجي ويا، ڀڄي ويا، باغي ٿي ويا يا جيڪي جنگي حالتن مان مورڳو ئي گم ٿي ويا، انهن جي تعداد اڃان تائين ظاهر ئي ناهي، ڇو ته هنن آمريڪين جي هٿ اهي پڳا جيڪي ماريا ويا يا زنده هٿ آيا، باقي جيڪي اهڙين حالتن ۾ گم، زخمي يا ڀڄي جان بچائي ويا يا پڪڙجي گرفتار ٿي ويا، انهن جا انگ اکر ظاهر ڪرڻ يا ڳڻپ ۾ شمار ڪرڻ لازمي آهي. ڪٿي ڪٿي اهڙيون حالتون به پيدا ٿي پئي سگهيون جن جي ڪري فوجي ڪهڙي به مشڪل حالت جو شڪار پئي ٿي سگهيا، ڇو ته انهن جي ڪمانڊ جو به مسئلو به هو ته جتي اهي به پئي پڄي سگهيا اتي انهن جي ساٿي فوجين جي ڪنٽرول جو به فقدان به هو.
جيڪڏهن چار فوجي ماريا ٿي ويا ته انهن مان ٽي ته رڳو بيمار ئي پئي ٿيا يا بيماري يا وبا وگھي مري پئي ويا. اڳين فوجي مشڪن ۾ هاڻوڪيون علاج جون سهولتون نه هيون، ان ڪري اهي وبائن، بيمارين ۽ مرضن جي ڪري ائين ئي اهڙي ڊگھي جنگي عرصي دوران مري ٿي ويا، ڇو ته ڪجھه مرض لاعلاج به ٿي پئي سگهيا. ڪجھه فوجي جنگي صورتحال ۾ ذهني مرضن جو شڪار به ٿيندا هئا، جن جو علاج ڪرڻ مشڪل هوندو هو، اهڙي نفسياتي صورتن ۾ فوجي ڪم پنهنجي جاءِ تي، پر فوجي جنگي صورتون به انتهائي دشوار ٿينديون هيون. ڪانگريس لائبريري جي ڊيٽا جي مطابق گيٽي برگ جي جنگ ۾ ته ائين ٿيو هو جو 7 هزار اهڙا فوجي بي يارو مددگار ماريا ويا هئا، جڏهن جنگ جو نبيرو ٿيو هو يا جنگ بندي ٿي هئي ته انهن فوجين جي مالڪن اچي انهن جون ڊيڊ باڊيون کنيون هيون، وري تقريبن چئن مان هڪ فوجي ته اهڙو هوندو هو جيڪو واپس ئي نه موٽندو هو، ڇو ته اهڙين جنگين جي شروعات ۾ آرمي وٽ اهڙي ڪا ٽيڪنالاجي نه هوندي هئي، جنهن ۾ اهي انگ اکر ۽ ڪاٿو پهرين ئي لڳائي سگهن ها، ڇو ته آمريڪي قوم جهڙو اهڙين جنگين ۾ بالادستي قائم رکڻ ۽ ناموس کي بچائڻ جي لاءِ ڪندي رهندي هئي ۽ فوجي جٿا ظاهر آهي قوم جي لاءِ جان قربان ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا.
ڇو ته هيل تائين آمريڪين وٽ اهڙن فوجن جي لاءِ ڪو الڳ قبرستان يا ڪا تفصيل جنهن سان قوم کي تسلي ٿي سگهي جنهن ۾ اهڙن جوانن کي ڪو سلامي ڏيڻ اچي جيڪي قوم جي لاءِ قرباني ڏئي آمريڪا جو مقام اعليٰ ڪري ويا، پر اهو به هو ته اهڙين جنگين ۾ لوڪل آمريڪي فوجن جو تعداد ئي گهڻو هوندو هو، جيڪي ملڪ جي ناموس لاءِ قربان ٿي ويندا هئا، هزارين فوجن جا جٿا، انهن ۾ ڪجھه تعداد پاڙيسري ملڪن جي جوانن جو به هوندو هو جيڪي فوج ۾ ڀرتي ٿيندا هئا، جيڪي وري ساڳين ئي ملڪن سان جنگيون وڙهڻ ويندا هئا ۽ اهو به هوندو هو ته گهڻي ڀاڱي فوجي وبائن جو شڪار به ٿيندا هئا. ائين به ٿيندو هو ته اهي اتي وڃي پنهنجن ئي رشتيدارن سان وڙهندا هئا، نارٿ ڪيرولينا ۾ ستن ملڪن مان ايندڙ ۽ ڀرتي ٿيندڙ فوجي جيڪي 800 جي لڳ ڀڳ هئا انهن مان 714 ته ٿڏي تي مارجي ويا هئا، جيڪي گيٽي برگس جي جنگ وڙهڻ ۾ جانيون وڃائي چڪا هئا، وري چوويهين مشيگن اسڪواڊ ۾ جيڪو 26 هين نارٿ ڪيليفورنيا جي مقابلي ۾ وڙهڻ جي لاءِ لٿو هو، جيڪي گيٽي برگس جي جنگ جو حصو هئا. اهڙي صورتحال جي ڪري آمريڪي معاشري ۾ غربت ۽ لاچاري وڌندي وئي جيڪي آمريڪين جي لاءِ پريشاني جو باعث پڻ هئي، هڪ تحقيق مطابق اهڙين جنگين ۾ فوجين جي مارجي وڃڻ جي ڪري انهن جي درست تعداد جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي. ڇو ته 150 سال گذرڻ کانپوءِ ڪو به اهڙين جنگين ۾ فوجن جي مارجي وڃڻ جو تعداد ڳڻي نٿو سگهي يا هلندڙ جنگين جي ڪري معاشي حالتن معاشرتي ڪنڊيشن جو اندازو هڻي سگهي ٿو. ائين به آهي ته جنگين ۾ مرندڙ، زخمي ٿيندڙن ۽ گم ٿي ويندڙن جو اندازو انهن جي شروعاتي داخلا، ڀرتي جي ڪاڳرن، حاضري جي رجسٽر، زخمي فوجن جي انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو، پر اڳين جنگين ۾ اهڙو ڪوبه ڪاڳر مهيا نه ڪيو ويندو هو جنهن مان صحيح اندازو لڳائي سگهجي.
ڪانگريس لائبريري جي انگن اکرن مطابق فوجن جي عمر ان جنگ واري ٽائيم تي مشڪل سان 26 سال هوندي هئي، سندن وزن 143 پائونڊ معنيٰ مشڪل سان 64 يا 65 ڪلو، ۽ سندن قد 5 فوٽ ۽ اٺ انچن جي لڳ ڀڳ يا تائين هوندو هو. شروع ۾ جٿن جي ڪمانڊر جي روز جي حاضري جنهن ۾ فوجي “حاضر ۽ غيرحاضر” جي مارڪنگ ٿيل هوندي هئي، جيڪا رڳو مٿاڇري ۽ سنيپ شاٽ هوندي هئي، جنهن مان خبر پوندي هئي ته فوجي حاضر آهن يا غيرحاضر. ائين به ٿيندو هو ته جنگين جي خاتمي يا هارائجڻ کانپوءِ اهي ڪاڳر جن ۾ زخمين جو تعداد ۽ گم ٿي ويندڙن جو تعداد مبهم هوندو هو ته ڪير زخمي آهي يا ڪير ڪهڙي حالت ۾ مئو ڪير گم آهي، ڪير واپس نه موٽيو، ڪنهن ٻيهر فوج کي جوائن نه ڪيو وغيره جهڙا سوال رهجي ويندا هئا، جنهن جو احساس اڄ تائين آمريڪي قوم ۽ فوج کي به آهي.