ڪرتار پور راهداري تي 80 سيڪڙو معاملا طئي

پرڏيهي کاتي جي ترجمان محمد فيصل چيو آهي ته ڪرتار پور راهداري تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 80 سيڪڙو معاملا طئي ٿي ويا آهن. ڪرتار پور راهداري واري معاملي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي مرحلي ۾ ٻنهي طرفن جي ترقياتي ڪمن تي اڳرائي سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ هنن معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. ڀارت جي سک ياترين جي پاڪستان آمد، رجسٽريشن ڪسٽم، اميگريشن انٽري فيس، ڪرنسي جي حد ٽرانسپورٽ ميڊيڪل ايمرجنسي قيام سميت اهم معاملن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. ڳالهين بعد محمد فيصل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 80 سيڪڙو معاملا طئي ٿي ويا آهن. جڏهن ته باقي معاملا طئي ڪرڻ لاءِ آخري ميٽنگ به ٿيندي جنهن جو بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *