بلاگنئون

عبدالستار ايڌي جيئن مون هن کي ڏٺو

ليکڪ: ڊاڪٽر شير شاهه سيد
مون فيصل ايڌي کي چيو ته مون کي ايڌي صاحب جو پاتل ڪپڙن جو وڳو کپي.
ايڌي صاحب هميشه مليشيا جي ڪپڙي مان سُبيل ڪاري رنگ جو پاجامو ۽ قميض پائيندو هو. مون هن کي ڪڏهن به ڪنهن ٻئي لباس ۾ ڪونه ڏٺو. پهريون ڀيرو هن کي مون ان وقت ڏٺو، جڏهن آئون ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٽئين سال جو شاگرد هئس. مون کان ٽي سال سينئر اسان جو هڪ دوست جيڪو آخري سال جو شاگرد هو، اهو ميٺادر جي ايڌي سينٽر جي دواخاني ۾ رات جو ڊيوٽي ڪندو هو. ڪاليج جي ڪنهن سياسي مسئلي تي هڪ پمفليٽ ڇاپڻ جي ضرورت پئجي وئي هئي، جلدي جلدي پمفليٽ لکي هڪ دوست برنس روڊ هليو ويو ته جيئن اسٽينسل ڪٽي سائيڪلو اسٽائل تي پمفليٽ ڇاپي وٺجي ۽ جيئن صبح صبح بسون شاگردن کي کڻي ڪاليج پهچن ته انهن ۾ ڇپيل پمفليٽ ورهائي ڇڏجي. اهو سڄو ڪم ويهن رپين ۾ ٿيندو هو، جنهن لاءِ مون کي ميٺادر موڪليو ويو هو ته جيئن ايڌي سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ ڪامريڊ کان آئون ويهه رپيا وٺي برنس روڊ پهچي سگهان.
اتي ئي مون ايڌي صاحب کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. ڪاري پاجامي ۽ قميض ۾ هو سينٽر جي ٻاهر سيمينٽ جي ٺهيل بئنچ تي ويٺل هو ۽ اتي ٻيا ماڻهو به هئا، اهي سڀ پاڪستاني سياست تي ڳالهائي رهيا هئا. مون ان ڏينهن ٿيندڙ سياسي بحث ڏانهن ڪوبه خاص ڌيان ڪونه ڏنو هو، ڇو جو آئون تڪڙ ۾ هئس ۽ پئسا وٺي فورن ئي برنس روڊ ڏانهن روانو ٿي ويس ته جيئن دڪان بند ٿيڻ کان اڳ پمفليٽ ڇپجي تيار ٿي وڃي. مون ان وقت ايڌي صاحب کي به ڪا خاص اهميت ڪونه ڏني، پر ان ڏينهن هن جي شبيهه منهنجي ذهن جي ڪنهن خاني ۾ ڄمي وئي هئي.
گهڻن ڏينهن کانپوءِ ڪاليج ڪينٽين ۾ ايڌي دواخاني جي باري ۾ ڪا ڳالهه هلي رهي هئي. ڪنهن چيو ته ايڌي صاحب جي سينٽر ۾ جيڪو دواخانو آهي، اتي سَنَد يافته ڊاڪٽر ڪونه هوندا آهن، پر هو ميڊيڪل ڪاليج جي فائنل ايئر جي شاگردن کي رکندا آهن. جيڪي اهو دواخانو هلائيندا آهن. مون سوچيو هو ته اهو چوڻ ته سولو آهي، پر سند يافته ڊاڪٽر جو آڻڻ ڪيترو ڏکيو آهي، ان جو اندازو هر ڪو نٿو لڳائي سگهي. اسانجي ملڪ ۾ ڳوٺاڻن علائقن ۾ چپي چپي تي ۽ ان حد تائين جو وڏن شهرن ۾ به اهڙا ماڻهو ڊاڪٽري پيا ڪن جن ميڊيڪل ڪاليج ته خير پري جي ڳالهه آهي. اسڪول ۾ به ڪونه پڙهيو آهي ۽ ڊاڪٽر بڻجي علاج پيا ڪن. سينئر ميڊيڪل اسٽوڊنٽس جي ذريعي مريضن کي ڏسڻ شايد غير قانوني هجي، شايد غير اصولي به هجي، پر آخرڪار اهي ئي ميڊيڪل جا شاگرد ئي ته سول اسپتال ڪراچي ۾ ڪم ڪندا آهن. سکڻ جا شوقين ئي شاگرد مسيحا سڄا وارڊ هلائيندا آهن ۽ اڪثر وقت ۾ هو ڪنهن جي زير نظر به ڪونه هوندا آهن. اڄ چئن ڏهاڪن جي گذرڻ بعد صورتحال سامهون آهي. سون جي تعداد ۾ ميڊيڪل ڪاليج آهن، پر صحت جي ميدان ۾ ڊاڪٽر ڪونه آهن. ملڪ ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي شديد کوٽ آهي، ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه طريقو ڪونهي ته صحت جي ڪارڪنن جي ٻي ڪا متبادل قوت تيار ڪئي وڃي، جيڪا بنيادي صحت جي مسئلن کي منهن ڏئي سگهي.
ايڌي صاحب دورانديش انسان هو، هو پاڻ ان زماني ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح رات جو جڏهن ڪوبه نه ملندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ميڊيڪل جي سينئر شاگردن معرفت مدد ضرور پهچائيندو هو.
ڊاڪٽر ٿي وڃڻ کانپوءِ هائوس جاب جي دوران جڏهن ايمرجنسي ۾ ڊيوٽي لڳندي هئي ۽ شعبه حادثات ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته اُن وقت صحيح معنيٰ ۾ احساس ٿيندو هو ته ايڌي صاحب جون ايمبولينسون ڪيئن شهر جي پاڙن جي گهٽين مان ضرورتمند مريضن کي کڻي اسپتال اينديون آهن.
ملڪ ۾ ان وقت به ڪو صحت جو مناسب ۽ ڪارگر منظم نظام هو ۽ نه هاڻ آهي. سرڪاري اسپتالن جي حالت اهڙي آهي جو سياستدان ۽ نه ئي نوڪر شاهي جا آفيسر علاج لاءِ سرڪاري اسپتالن جو رخ ٿا ڪن. ايڌي صاحب آهسته آهسته سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ايمبولينس سروس جو ڄار وڇائي ڇڏيو هو. هو نه صرف پاڪستان ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو، پر پاڪستان کان ٻاهر لکين ڪروڙين ماڻهو ان جي نالي کان واقف هوندا هئا. ڪشمير جون دور دراز واديون هجن يا سنڌ ۽ بلوچستان جا صحرا، پنجاب جا ڳوٺ هجن يا ان وقت جي صوبه سرحد جي جبلن تي اڏيل شهرن ۾ به، هن جي ايمبولينس هڪ پرجوش ڊرائيور سان گڏ ضرور ملي ويندي. حمل جي پيچيدگين جون شڪار مائون، دم ۽ ساهه جي بيمارين ۾ تڙپندڙ ٻار، رت جي دٻاءُ جا شڪار بزرگ ۽ دل جي درد جا زخمي مرد ۽ عورتن جي لاءِ ايڌي ايمبولينس جو ئي آسرو رهيو آهي.
ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ مان انگلستان هليو ويس. اتي جي مصروفيت، امتحان ۽ امتحان ۾ بار بار فيل ٿيڻ کانپوءِ وري تياريون ۽ پريشانينن زندگي کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو هو. اها خبر ئي ڪونه هئي، ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. ضياءُالحق جي غيرقانوني، غير اخلاقي ۽ غير جمهوري ۽ ظالم حڪومت جون اُبتيون سبتيون خبرون ٻڌڻ لاءِ ملنديون رهنديون هيون. ايڌي صاحب ۽ سندس ايمبولينس سروس جو ڪو خيال به ڪونه هو، اهو گذريل دور جو هڪ خواب هو، جنهن جي ڪابه تعبير ڪونه هئي. انهيءَ زماني ۾ خبر پئي ته ايڌي صاحب ضياءُالحق جي مجلس شوريٰ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. سڄي زندگي ۾ اهوئي هڪڙو ڏينهن هو جڏهن ايڌي صاحب لا دل متنفر ٿي وئي. ڪوڙ، وعده خلافي، مذهب جو سياسي استعمال انهن تمام عملن ۾ ضياءُالحق سياستدانن کان گهٽ ڪونه هو ۽ ان سان گڏ ايڌي جو ميل جول هرگز قابل قبول ڪونه هو.
پاڪستان واپس اچڻ کانپوءِ وري ايڌي صاحب ذهن جي ڪينواس تي نمودار ٿي ويو هو. جلدي خبر پئي ته مجلس شوريٰ وارا ڏينهن هن جا انتهائي رنجيده ڏينهن هئا، هو مراعات وصول ڪونه ڪندو هو. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر ارشد قاضي جي گهر ترسندو هو. مجلس شوريٰ ۾ ايڌي صاحب پنهنجن خيالن، ڳالهين جي ڪري جلدي غير مقبول ٿي ويو. هڪ ڀيري هن مدرسن ۾ هٿيارن جي موجودگي تي تقرير ڪئي، جنهن کانپوءِ آبپاري جي هڪ مولوي هن کي ڪافر قرار ڏئي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ اها فتويٰ به ڏني ته ايڌي کي زڪوات، خيرات، صدقو ۽ قرباني جون کلون ڏيڻ به حرام آهي، نه صرف اهو حرام آهي، پر گناهه آهي. پوءِ جلدي ايڌي صاحب مجلس شوريٰ مان جان ڇڏائي. هو عوامي ماڻهو هو. ضياءُالحق جهڙي ظالم ماڻهو سان هن جو جوڙ گهڻو وقت هلڻو ئي ڪونه هو.
شروع ۾ مونکي سول اسپتال ۾ عورتن جي وارڊ ۾ نوڪري ملي، جنهن کانپوءِ مان سوڀراج ميٽرنٽي اسپتال جو انچارج بڻجي ويس ۽ پوءِ ٻيهر ايڌي صاحب جي ايمبولينس سروس سان تعلق پيدا ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ ٽي چار ڀيرا ميٺادر جي ايڌي سينٽر ۾ ساڻس ملاقاتون رهيون، ۽ هر ڀيري انهن گڏجاڻين ۾ هن جي سادگي جو مان مداح رهيس. هو سِڌن سادن لفظن ۾ بنا ڪنهن گِلا غيبت جي پنهنجي ڳالهه ڪري ڇڏيندو هو.
سوڀراج اسپتال جو انچارج ٿيڻ جي فورن بعد هڪ ڏينهن صبح سوير ساڍي ڇهين بجي هن وٽ پهچي ويس. مون هن کي ٻڌايو ته اسانجي اسپتال ۾ ٽي ايمبولينس خراب حالت ۾ سيمينٽ جي بلاڪن تي بيٺل آهن، آئون پئسا گڏ ڪري رهيو آهيان. تمام جلدي ڪوشش ڪري انهن کي درست ڪرائيندس، پر ان عرصي ۾ مون کي توهانجي مدد گهرجي. هن چيو چئو! مون چيو توهان هڪ ايمبولينس هر وقت سوڀراج اسپتال جي لاءِ رکندا. ڇو ته رات جو آپريشن ڪرڻ وارن ڊاڪٽرن کي کڻي اچڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ ڪوبه انتظام ڪونهي. شهر جون حالتون ايڏيون خراب آهن جو ليڊي ڊاڪٽر اڪيلي گاڏي هلائي نٿي اچي سگهي. هن چيو ملي ويندي. هن ان وقت ڪاظمي صاحب کي فون ڪيو ۽ مون کي هڪ نمبر ڏنو ته جنهن وقت به ضرورت پوي ته هن نمبر تي فون ڪجو. پنجن منٽن ۾ ايمبولينس پهچي ويندي. ان زماني جي خطرناڪ ڪراچي ۾ جڏهن رستن تي گوليون هلي رهيون هجن، امن امان جي صورتحال بيحد خراب هئي، پر ايڌي جا فرشتا جڏهن به ضرورت پوندي هئي ته ايمبولينس کڻي اچي ويندا هئا. اهي فرشتا موت جي فرشتن سان وڙهڻ ايندا هئا، انهن مائرن کي بچائڻ جيڪي ويم جي سورن پوڻ کانپوءِ اسپتال ۾ مرڻ لاءِ اينديون هيون، اهي انهن مائرن جي لاءِ رت کڻي اينديون هيون جيڪي رت خون وهي وڃڻ کانپوءِ صرف موت جو انتظار ڪري رهيون هونديون هيون.
انور ڪاظمي صاحب، ايڌي صاحب جو تمام پراڻو سپاهي هو. هنن جو ڪيترن ئي سالن جو ساٿ هو. ڪاظمي صاحب اندر ۾ پيدائشي انقلابي هو. اسڪول جي زماني کان شاگرد تحريڪن ۾ شامل هو. اين.ايس.ايف ۾ رهي ڪم ڪندو رهيو. هن معراج محمد خان ۽ رشيد حسن خان سان گڏ ڪم ڪيو. سياسي بنياد تي جيل ڀوڳيا ۽ بد ديانت سياسي رهنمائن مان مايوس ٿي، ايڌي جو بي نام سپاهي بڻجي ويو ۽ اڄ تائين انقلابي آهي. جنهن جي دماغ ۾ سوشلزم ڀريل آهي ۽ هي سمجهي ٿو ته مارڪس جي اصولن کي قبول ڪرڻ کانسواءِ سماجي انصاف ناممڪن آهي، سرمائيداري جي بي رحم نظام جي خلاف جدوجهد ضروري آهي.
مون هڪ ڀيرو ڪاظمي صاحب کان پڇيو. توهانجي ايڌي صاحب کي ڪاوڙ ايندي آهي؟
هن هڪدم جواب ڏنو ته ها ايندي آهي، ان وقت ايندي آهي جڏهن هن جو ڪو ڪارڪن سُستي ڪندو آهي، خاص طور تي هنگامي حالتن ۾ ۽ جڏهن ان جي خبر پئجي ويندي آهي.
مون هن کان پڇيو، ڪڏهن توهان ايڌي صاحب کي غمگين به ڏٺو؟
ڪاظمي صاحب ٻڌايو ته ڪيترائي سال اڳ هن کي خبر پئي ته ڪراچي لاهور جي مين ريلوي ٽريڪ تي گهوٽڪي جي ويجهو ٽرين پٽڙي تان لهي وئي آهي، ته هو فورن ئي اوڏانهن روانو ٿي ويو. اتي پهچندي ئي هنن جي ڪارڪنن ڪم سنڀالي ورتو. زخمين کي گاڏن مان ڪڍي رهيا هئا، ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام ڪندا رهيا، متاثرين کي پاڻي پياريندا رهيا ۽ انهن جا صحت جا ڪارڪن زخمين جي بنيادي مرهم پٽي وغيره جو ڪم ڪندا رهيا.
انهي وقت ايڌي صاحب جي بيحد دادلي ڌيءَ ڪبره جو پٽ ڪراچي ۾ باهه ۾ سڙي مري ويو هو. جنهن وقت ايڌي صاحب کي اها خبر ملي، هو بُت بڻجي ويو ۽ پوءِ وري خاموشي سان اونڌي ٿيل گاڏن مان پنهنجن رضاڪارن سان گڏجي پوري جذبي سان ڪم کي لڳي ويو. ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ جڏهن ڪم ختم ٿيو، ايڌي صاحب اتان روانو ٿيو. ڪراچي ۾ سڌو پنهنجي ڏهٽي جي قبر تي پهتو ۽ مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو ان جي اکين مان لڙڪن کي وهندي ڏٺو ۽ هو اتي خاموش ويٺو رهيو، روئندو رهيو. ڳوڙهن سان هن جي ڏاڙهي پُسي وئي هي، ايڏو غمگين، ايترو اداس عبدالستار ايڌي مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. ان کي ٻڌايو ويو ته ڪبريٰ جي پٽ کي هڪ ورڪر ڄاڻي ڪري ساڙيو هو. هو روئندو رهيو ۽ سڏڪن سان ان ڪبريٰ کي چيو ته هن ڪارڪن کي معاف ڪري ڇڏ. هو ناقابل معافي کي به معاف ڪري ڇڏيندو هو. اهڙا انسان تمام گهٽ هوندا آهن. پنهنجي غلطي کي مڃڻ ۽ معافي گهرڻ اسانجي سماج ۾ تقريبن ناممڪن آهي.
وري مون پڇيو، ايڌي صاحب ۾ ڪا خامي به ته هوندي؟
ڪنهن ۾ خامي ڪونه هوندي آهي؟ ڊاڪٽر صاحب! ڪاظمي صاحب مسڪرائيندي جواب ڏنو هو. ملڪ جي حالتن هن کي ڪنن جو ڪچو بڻائي ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ٻين جي چوڻ ۾ اچي، ڪنهن جي باري ۾ غلط رائي قائم ڪري ڇڏيندو هو، پر سٺي ڳالهه اها هوندي هئس جو احساس ٿيڻ تي ئي هو معافي به وٺي ڇڏيندو هو. معافي گهرڻ آسان ڪونه هوندو آهي. ڊاڪٽر صاحب! مون ڪاظمي صاحب جي اکين ۾ چمڪندڙ ڳوڙها ڏٺا، خبر ناهي هن کي ڪڏهن جي ۽ ڪهڙي پراڻي ڳالهه ياد اچي وئي هئي.
ڪاظمي صاحب ٻڌايو ته ايڌي صاحب وٽ هڪ ڪاپي هوندي هئي، جنهن ۾ هو تمام گهڻيون ڳالهيون گجراتي ٻولي ۾ لکي ڇڏيندو هو، ڪو خاص ڪم، ڪنهن ورڪر کي دڙڪا ڏيڻا، ڪنهن کان پنهنجي ڪنهن ڳالهه تان معافي وٺڻي، ڪنهن کي ڪنهن خاص وقت تي فون ڪري ڪا ڳالهه ياد ڪرائڻي هجي، مشورو ڏيڻو هجي، ڪا صلاح ڪرڻي هجي. هو روشن خيال هو ترقي پسند هو، ۽ مذهب جي سياسي استعمال جي سخت خلاف هو، ان سان گڏ مذهب جي نمائشي ادائگي جو دشمن هو. هو صوفي هو ۽ سڄي زندگي سادگي سان گذاري، ڪنهن به نمائش کانسواءِ.
اها 1989 جي ڳالهه آهي، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن ڪراچي جي آفيس ۾ ڊاڪٽرن فيصلو ڪيو ته ڪراچي جي انتهائي خراب حالتن ۾ شهر ۾ ڪجهه رونق آڻڻ لاءِ ڪراچي سٽي ميراٿن جو انعقاد ڪيو وڃي. سڀني ماڻهن جي رضامندي سان، ڌوم ڌام سان ڪم جو آغاز ڪيو ويو. ان زماني ۾ پي ايم اي ڪراچي جو سيڪريٽري، هڏين جو ڊاڪٽر اشتياق احمد پاپا هو، ان سان گڏ منهنجو ڪلاس ميٽ نجم فيروز، محمودي، شعيب سوڀاني، شبير نواز، افضل کنه ۽ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد اشتياق چستي ۽ عاصم رفيق مدد لاءِ اچي ويا هئا. وسيلن جي شديد کوٽ هئي، پر ڪنهن نه ڪنهن طرح ٽي شرٽ کان وٺي پاڻي ۽ انعامن جا بندوبست ٿي ويا. ميراٿن کان ٻه ڏينهن اڳ اسان کي خيال آيو ته 26 ڇويهه ميلن جي ان رستي تي جيڪڏهن ڪنهن ڊوڙڻ واري کي ڪجهه ٿي پوي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ يڪدم اهو ئي خيال آيو ته ايڌي صاحب جي مدد حاصل ڪجي. مون کي ياد آهي، آئون، اشتياق ۽ عاصم ميٺادر ۾ ايڌي صاحب وٽ هليا وياسين، هن اسان جي ڳالهه ٻڌي ۽ چيو گهڻيون ايمبولينس کپن؟ مون جواب ڏنو ته ڇهه ايمبولينس ملي وڃن ته ڪم ٿي ويندو. هن چيو ملي وينديون. اهو ڏينهن هو ۽ اڄ جو ڏينهن آهي، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن گذريل سال ڪراچي جي اٺاويهين ۽ هاليجي ڍنڍ جي ستاويهين ميراٿن ڪرائي آهي ۽ هر سال ايڌي جون ڪيتريون ئي ايمبولينس ان ميراٿن جي شروع کان آخر تائين گڏوگڏ هلنديون رهيون آهن.
واهه ڙي ايڌي صاحب ڇا ڳالهه هئي توهانجي. نه ڪاوڙ نه دعويٰ نه گوڙ گهمسان، سچ وانگي سادو، دل ۾ ڪا ڳالهه نه رکي. جنهن به هٿ جهلڻ چاهيو، ان کي هٿ جهلايو، جيڪو ڪاوڙ ڪرڻ آيو، ڪاوڙ ڇنڊي هليو ويو، اڻ ڳڻيا مثال آهن. (هلندڙ)
***