پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گولڊن جوبلي تقريب جي تياري
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 30 سيپٽمبر 1967ع تي پ پ جو بنياد رکيو هو. بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ بلاول هائوس ۾ هڪ ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ هن 30 نومبر تي رٿيل پروگرامن جو اعلان ڪيو. جنهن ۾ اهو اعلان ڪيو ويو ته 30 نومبر تي اسلام آباد ۾ هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي ۽ پبلڪ ميٽنگ به ڪوٺائي ويندي پر جيڪڏهن 30 نومبر تي عيد ميلاد النبي به ساڳي تاريخ تي ٿي ته پوءِ پبلڪ ميٽنگ کي پهرين ڊسمبر تي رکيو ويندو.