ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: تو ڇا ڪيو…؟

ھڪ دفعي جي ڳالھ آهي ته ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪجھ ڌاڙيل، ڦورو اچي پھتا، اھي ڦورو عام ماڻهن جهڙا نظر نظر آيا بلڪه سندن شڪليون شيطان جهڙيون هيون. سندن قد هاٿيءَ جيڏا ۽ ڏند ڪنهن ھر جي چونيءَ وانگي وڏا ڪنا ھيڊا ھئا…

انھن جا ڪن ته ڪيلي جي پنن وانگي ويڪرا، وڏا ھئا جو سس پس به کين ٻڌڻ ۾ پئي آئي.

اھڙا ديو صفت راڪاس مثل اچي ڳوٺ ۾ لٿا، انھن کي ڏسي سڀني ڳوٺ وارن جو بس ساھ ئي سڪي ويو…

انھن مان هڪ راڪاس مثل آدم زاد ڳوٺاڻن سان مخاطب ٿيندي چيو،

“ھونئن ته ھي اھو ڳوٺ آھي جنھن جي تعليم جي سڀني ذريعن کي اسان تيلي ڏئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو هو…؟”

سڀني ڳوٺاڻن جي چھرن تي ڄڻ ماڪ پئجي وئي، ڳوٺاڻا ڪڇن ڀت ڪڇي…

انھيءَ خاموشي جي ھجوم کي چيريندي ھڪڙو نوجوان نينگر تکا قدم کڻندو نفرت ڀريل نگاھن سان اڳتي وڌي انهن شيطانن کي جواب ڏيندي چيو،

“ھائو ٽڪي تي حيا لڄ وڪڻي بدبخت، جابر صفت جي ٽولي جا پيشوا ھي اھوئي مظلوم حسين ڳوٺ آھي، جنھن جي ٻارن کان توهان تعليم جي پٽي کسي انھن جي ھٿن مان قلم ڦري کين اهڙي دنيا ۾ اڇلايو آهي جتي نه ڪم آهي ۽ نه زندگيءَ جو مقصد آهي ۽ نه ئي سندن اکين ۾ خوبصورت خواب آهن.”

ھي اھوئي مظلوم حسين ڳوٺ آھي جنھن جو نمڪ کائي توهان پروان چڙهيا آھيو، جنھن جي ٿڌڙي واريءَ تي توهان جا ناپاڪ قدم پيا ھئا…

ھا ڪاش انھيءَ خواھشن جو توهان جي ضمير وانگي موت اچي وڃي ھا…

ھا ڪاش اھي سانگيئڙا توهان جي ھن مڪروهه چھري کي سڃاڻي وٺن ھا…

راڪاسن مان هڪ، ڳالھ اڌ مان ڪٽيندي وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو، “اڙي توکي خبر ناهي ته اسان ڪير آهيون….؟؟”

حسين نينگر انھيءَ جي ھن ڳالھ تي زوردار ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو… “ھاھاھا… ھاھاھا…”

گھڙي کن کلندي ھن وراڻي ڏني ته “ھائو ٻيلي سمجھي ته ويو ھوندين ته آئون ڇو پيو کلان… پر توکي جواب ھن ھجوم مان ڏيڻ ھن وقت فرض نماز وانگي واجب ٿو سمجھان ته ٻڌ، اي زر خريد ٽڪي جا ماڻھو…

تنھنجي اوقات منھنجي سامھون گٽر جي نالي واري ڪوئي جيتري به ناھي… اڙي بدبودار ظالم تون ته ان ناليءَ جو ڪيڙو آھين جو نالي کان ٻاھر نڪري اچي مينھن جي پوتر پاڻي ۾ وھنجڻ سان سمجھين ٿو ته پاڪ ٿي ويس…

تون ته انھيءَ گٽر جي پيداوار آھين، ڪنو پاڻي ئي تنھنجو اصل وجود آھي، پوءِ تون ايڏي ھٺ وڏائي تڪبر ڇا تي ٿو ڪرين…؟؟؟”

راڪاس مثل آدم، ڇوڪري جي انھن ڳالھين تي تپي ٽامي وانگر ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ڪاوڙ منھجان پنھنجي پسٽل جا لڳاتار فائر ڪري انھيءَ معصوم بيباڪ آواز جو ائين سڀني ڳوٺاڻن جي اڳيان قتل ڪري، ماڻھن کي ڊيڄاري ڌمڪائي لٽي ڦري ھليو ويو…

ڪجھ ڏينھن انھيءَ ئي ساڳئي ڳوٺ ۾ اھي چوٻول ھئا ته نينگر آخر ڇا ڪيو ائين نه ڪري ھا…

انھيءَ ئي ڳوٺ جي آبادي جي ھڪ ھجوم مان اھو ئي آواز آيو ته “ھن ڇا ڪيو”…

توهان ٻڌايو ته ھن نينگر ڇا ڪيو…؟

اھڙا سوال ڪرڻ وارا ھزار ماڻھو اوھان جي جيون ۾ ايندا انھن سوالن جي پرواھ ڪرڻ کان بغير اوھان پنھنجي ضمير جو آواز ٻڌو انھيءَ آواز کي لبيڪ چئو ۽ سٺي ڪم ڪرڻ کان ھرگز نه لنوايو، حق سچ جي ڳالهه پوري ڪري ٻڌايو بيشڪ سچ ھن وقت وڏو ڏوھاري آھي، پر سچي ماڻهو جو رب وٽ وڏو مان مرتبو آھي.

ماڻھو جي سوالن کي ڇڏيو، ھن ڇا ڪيو…؟؟

توھان بس اھو سوچيو ته تو ڇا ڪيو…..!!

***