ھڪ دفعي جي ڳالھ آهي ته ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪجھ ڌاڙيل، ڦورو اچي پھتا، اھي ڦورو عام ماڻهن جهڙا نظر نظر آيا بلڪه سندن شڪليون شيطان جهڙيون هيون. سندن قد هاٿيءَ جيڏا ۽ ڏند ڪنهن ھر جي چونيءَ وانگي وڏا ڪنا ھيڊا ھئا…
انھن جا ڪن ته ڪيلي جي پنن وانگي ويڪرا، وڏا ھئا جو سس پس به کين ٻڌڻ ۾ پئي آئي.
اھڙا ديو صفت راڪاس مثل اچي ڳوٺ ۾ لٿا، انھن کي ڏسي سڀني ڳوٺ وارن جو بس ساھ ئي سڪي ويو…
انھن مان هڪ راڪاس مثل آدم زاد ڳوٺاڻن سان مخاطب ٿيندي چيو،
“ھونئن ته ھي اھو ڳوٺ آھي جنھن جي تعليم جي سڀني ذريعن کي اسان تيلي ڏئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو هو…؟”
سڀني ڳوٺاڻن جي چھرن تي ڄڻ ماڪ پئجي وئي، ڳوٺاڻا ڪڇن ڀت ڪڇي…
انھيءَ خاموشي جي ھجوم کي چيريندي ھڪڙو نوجوان نينگر تکا قدم کڻندو نفرت ڀريل نگاھن سان اڳتي وڌي انهن شيطانن کي جواب ڏيندي چيو،
“ھائو ٽڪي تي حيا لڄ وڪڻي بدبخت، جابر صفت جي ٽولي جا پيشوا ھي اھوئي مظلوم حسين ڳوٺ آھي، جنھن جي ٻارن کان توهان تعليم جي پٽي کسي انھن جي ھٿن مان قلم ڦري کين اهڙي دنيا ۾ اڇلايو آهي جتي نه ڪم آهي ۽ نه زندگيءَ جو مقصد آهي ۽ نه ئي سندن اکين ۾ خوبصورت خواب آهن.”
ھي اھوئي مظلوم حسين ڳوٺ آھي جنھن جو نمڪ کائي توهان پروان چڙهيا آھيو، جنھن جي ٿڌڙي واريءَ تي توهان جا ناپاڪ قدم پيا ھئا…
ھا ڪاش انھيءَ خواھشن جو توهان جي ضمير وانگي موت اچي وڃي ھا…
ھا ڪاش اھي سانگيئڙا توهان جي ھن مڪروهه چھري کي سڃاڻي وٺن ھا…