پاڪستانخاصنيو‍‍ز

قومي اقتصادي ڪائونسل جو اهم اجلاس اڄ طلب

قومي اقتصادي ڪائونسل جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي جنهن جي صدارت نگران وزير خزانه ڊاڪٽر شمشاد اختر ڪندي. اطلاعن موجب اجلاس ۾ 136 ارب رپين جي منصوبن جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي. اجلاس ۾ صحت عامه ۽ گورننس جي منصوبن لاءِ رقم جاري ڪرڻ تي غور ٿيندو، فزيڪل پلاننگ، هائوسنگ جي منصوبي ۽ وفاقي گورننس جي بهتري جا منصوبا به شامل هوندا. اطلاعن موجب واسطيدار کاتن ۽ ادارن طرفان فنڊن جي ڊمانڊ جو جائزو ورتو ويندو، منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو مرحلو تاخير جو شڪار رهيو آهي. فنڊن جي منظوري سان ئي منصوبن تي ڪم جي تڪميل جي ڊيڊ لائن به جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.