بارکان واقعو: مغوي عورت گراناز، ڌيءَ ۽ 4 پٽن کي بازياب ڪرايو ويو
بلوچستان جي علائقي بارکان مان عورت سميت 3 ڄڻن جا لاش ملڻ واري معاملي ڊرامائي رخ اختيار ڪري ورتو، ليويز جو چوڻ آهي ته مغوي خاندان جي بازيابيءَ لاءِ بلوچستان جي اوڀر ۽ پنجاب جي ڏکڻ علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويو، گراناز، سندس ڌيءَ ۽ هڪ پٽ کي بارکان جي بارڊر ايريا مان بازياب ڪرايو ويو آهي. ليويز پاران گراناز جي ٻن پٽن کي ڊيرا بگٽي بارکان بارڊر ايريا ۽ هڪ پٽ کي دڪي جي علائقي نانا صاحب مان بازياب ڪرايو ويو، بازياب ڪرايل 6 ئي ڄڻا سرڪار جي حفاظتي تحويل ۾ آهن. 2 ڏينهن اڳ گراناز جي ٻن پٽن ۽ هڪ اڻڄاتل عورت جا کوهه مان لاش مليا هئا، مقتول عورت لاءِ چيو پئي ويو ته اها گراناز آهي. عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عائشه فيض جو چوڻ آهي ته قتل ٿيل ناري جي عمر 17 کان 18 سال آهي، نوجوان ناري کي قتل کان اڳ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ڇوڪريءَ جي مٿي ۾ 3 گوليون هنيون ويون، سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ چهري کي مسخ به ڪيو ويو. صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران کي پوليس ٽيڻي قتل ڪيس ۾ گذريل رات گرفتار ڪيو هو.