رانديڪن جون بيٽريون ٻارن جي صحت لاءِ نقصانڪار
اڄ ڪلهه ٻارن جي صحت بابت والدين ڪافي توجهه ڏين ٿا، پر ان هوندي به ڪٿي نه ڪٿي ٻارن جي صحت جا مسئلا وري به اڳيان اچن ٿا، هن دور ۾ ٻار گهڻو ڪري موبائل فونن ۽ اهڙن رانديڪن سان راند کيڏن ٿا، جن ۾ بيٽريون لڳل هونديون آهن، ان حوالي سان هڪ تحقيق سامهون آئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون بيٽريون ٻارن جي صحت لاءِ نقصانڪار آهن. سعودي اسٽينڊرڊز، ميٽرولوجي اينڊ ڪوالٽي آرگنائزيشن (ايس اي ايس او) گول ليٿيم بيٽرين جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو آهي ته اهي ٻارن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون ۽ هڪ آگاهي وڊيو ۾ چيو آهي ته اوهان جو ٻار ان جو اڳيون شڪار نه هجي.

