خاص

چيف جسٽس پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن ۾ دير جوپاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اڄ ٻڌڻي ٿيندي

چيف جسٽس آف پاڪستان پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن ۾ دير جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، 9 رُڪني لارجر بئنچ اڄ 2 وڳي پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪندي.  چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جڙيل لارجر بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس مظاهر علي نقوي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله بئنچ ۾ شامل آهن.

 سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته پاڻمرادي نوٽيس ۾ ٽن سوالن جو جائزو ورتو ويندو، اسيمبلي ٽٽڻ جي صورت ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ وارو آئيني اختيار ڪڏهن ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي؟ سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته  وفاق ۽ صوبن جي عام چونڊن جي حوالي سان ڇا ذميواري آهي؟