پي ٽي آئي رهنمائن کي ڪوٽ لکپت جيل کان ڪٿي منتقل ڪيو ويو آهي؟
پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي گرفتاري ڏيندڙ رهنمائن کي ڪوٽ لکت جيل مان منتقل ڪيو ويو آهيو. جيل ذريعن موجب سمورن گرفتاري ڏيندڙ رهنمائن کي ميانوالي ۽ ٻين جيلن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ اعظم سواتي شامل آهن. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيندڙ ٻين ڪارڪنن کي ڊي جي خان جيل موڪليو پيو وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي گرفتاري ڏيندڙ رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي ڪوٽ لکپت جيل پهچايو ويو هو. پي ٽي آئي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي آڻڻ واري پريزن وين ڪوٽ لکپت جيل ۾ داخل ٿي هئي.