پاڪستاني ايئرپورٽن تي بهترين سيڪيورٽي انتظام جي لاءِ ايڪسپلوسو ڊٽيڪٽر مشينون نصب

برطانيه پاران پاڪستاني ايئرپورٽس ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد تي سيڪيورٽي کي موثر نموني ۾ جديد بنائڻ جي لاءِ 18 ايڪسپلوسو ڊٽيڪٽر مشينون نصب ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب جهاز کي نقصان پهچائيندڙ اوزار ۽ بارودي مواد کي جاچڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ملڪ جي ٽن وڏن ايئرپورٽن تي نصب ڪيو ويو آهي. جديد مشينون ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور کان فقط برطانيه وڃڻ وارين اڏامن جي لاءِ آهن. جڏهن ته جديد بارودي مواد ۽ ٻين اوزارن جي سرچنگ جي لاءِ مشينن جي ٽريننگ جي لاءِ برطانوي ڊي ايف ٽي ٽيم به ڪراچي پهچي وئي آهي.