سنڌ حڪومت جو شمسي توانائي منصوبي جي نيلامي جو فيصلو

ملڪ ۾ صارفين کي سستي بجلي جي فراهمي ۽ توانائي جي فراهمي جي منصوبن ۾ سيڙپ جي غرض سان سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو ڪنهن پاور پروجيڪٽ نجي شعبي کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان لاءِ مارچ 2020 ۾ دلچسپي رکڻ وارين ڪمپنين کان پيشڪشون طلب ڪيون وينديون. توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپ جي لاءِ نجي ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن کي ڪوسٽ پلس ٽيرف فارمولا جي تحت مراعتون ڏنيون وينديون يعني ان جي ڪل سيڙپ يا لاڳت تي تمام خرچ ۽ وياج کي شامل ڪرڻ کانپوءِ ان کي صارفين تائين منتقل ڪيو ويندو، جنهن سان سيڙپڪارن کي هڪ متعين شرح منافعو حاصل ٿيندو. هاڻوڪي ڏينهن ۾ توانائي جي پيداوار ضرورت کان وڌيڪ هجڻ ڪري انتظاميه فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ ان شعبي ۾ ٽيرف جي بنياد تي واڪ ذريعي نوان منصوبا لڳائڻ جي لاءِ سيڙپڪارن کي راغب ڪيو ويندو. سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر محفوظ اي قاضي چيو ته ان سلسلي ۾ 50 ميگا واٽ جي شمسي توانائي جي پهرين منصوبي جي واڪ جي تياري مڪمل آهي. هي منصوبو مانجهند جي علائقي ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهي. جنهن کي گهربل واڪ جي بنياد تي ڏنو ويندو ۽ هيءَ پيشڪش ايندڙ سال فيبروري يا مارچ ۾ طلب ڪئي ويندي. 50 ميگا واٽ جو هي منصوبو حقيقت ۾ طئي ٿيل 400 ميگا واٽ جي سولر پارڪ جو حصو آهي جنهن ۾ 25 ڪروڙ ڊالر جي نئين سيڙپڪاري جو اچڻ متوقع آهي.