خاصنئون

خصوصي ماڻهن جي لاءِ پهرين روزگار ميلي جو انعقاد

خصوصي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ڪم ڪرڻ واري اداري نائو پي ڊي پي جي تحت پنهنجي نوعيت جي پهرين جاب فيئر جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جاب فيئر ۾ 32 قومي ۽ وڏي تعداد ۾ ڪاروباري ادارن اسٽالز لڳايا ۽ ڪمپنين جي افرادي قوت جي شعبن جي نمائندن ملازمت جي خواهشمند خصوصي ماڻهن جا انٽرويو ڪيا ۽ انهن جون درخواستون وصول ڪيون، نائو پي ڊي پي جي تحت خصوصي ماڻهن جي آگاهي جي لاءِ مختلف سيشنز به منعقد ڪيا ويا جن ۾ انهن کي انٽرويو جي تياري ۽ سوال جواب جي مرحلن مان گذرڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جي طريقن کان آگاهه ڪيو ويو. جاب فيئر ۾ شريڪ گلستان جوهر جي نوجوان 22 سالا اويس جو چوڻ هو ته ان ڪراچي يونيورسٽي کان پوليٽيڪل سائنس جي مضمون ۾ ايم. اي ڪئي آهي ۽ ڪمپيوٽر جي استعمال ۾ به مهارت رکي ٿو. هن چيو ته جاب فيئر جو انعقاد خصوصي ماڻهن جي لاءِ هڪ تمام وڏي سهولت آهي. گلبهار جي علائقي کان بصارت کان محروم نوجوان ڌيءَ جو جاب فيئر ۾ وٺي اچڻ واري محنتي والد شاهد جميل جو چوڻ هو ته ان جون ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ پيدائشي طور تي بصارت کان محروم آهن، پر نائو پي ڊي پي جهڙن ادارن جي مدد سان هن پنهنجي ٽنهي ٻارن کي تعليم ڏياري ۽ ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ سيکاريو. جڏهن ته هڪ ڌيءَ بصارت کان محروم ماڻهن جي لاءِ ڪتاب به لکندي آهي. نائو پي ڊي پي جي نمائندي زوار توفيق چيو ته جاب فيئر ۾ 32 ڪمپنيون شريڪ آهن ۽ سون جي تعداد ۾ خصوصي ماڻهن ان موقعي مان فائدو ورتو.