ايڌي ۽ ڇيپا وٽان معصوم ٻار پرڏيهه اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف: ائين آهي ته اها تباهي آهي: هاءِ ڪورٽ

سنڌ ۾ ايڌي ۽ ڇيپا وٽ رکيل  معصوم ٻار پرڏيهه اسمگل ڪرڻ جو انڪشاف، عدالت صوبائي حڪومت، چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ ٻين کان 12 ڊسمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سماجي اڳواڻ نتاشا لاکاڻي پاران چائلڊ پروٽيڪشن قانون لاڳو ڪرڻ ۽ معصوم ٻارڙن جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ داخل درخواست ۾ ايڌي، ڇيپا ۽ ٻين سماجي ادارن کي به ڌر بڻائڻ جي ھدايت ڪندي چيو ته ٻار اسان جي سماج جو حصو آهن، عدالت کي جيڪو ڪجهه ٻڌايو پيو وڃي. جيڪڏھن واقعي ائين آھي ته پوءِ اها وڏي تباھي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments