خاص

ملڪ ۾ عام چونڊن جو فيصلو اسان ئي ڪنداسين، آرمي چيف جي مقرري ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نه ٿيندي: وفاقي حڪمران اتحاد

حڪومتي اتحادي جماعتن تڪڙين چونڊن وارو مطالبو رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون ڪڏهن ٿيڻون آهن، ان جو فيصلو اتحادي پارٽيون ڪنديون، ڪنهن جٿي کي طاقت جي بنياد تي اهو فيصلو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، قانون هٿ ۾ کڻڻ وارن کي قانون موجب منهن ڏينداسين. گڏيل بيان ۾ اتحادي جماعتن طرفان آصف علي زرداري، ن ليگ جي قائد ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف بيان ۽ الزامن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم قانون موجب آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪندو، اها مقرري پرڏيهي فنڊنگ فتن باز جي داٻي، ڌمڪي ۽ ڊڪٽيشن تي نه ٿيندي، آرمي چيف، حساس ادارن جي قيادت، آفيسرن، چيف اليڪشن ڪمشنر سميت ٻين کي نشانو بنائڻ جو مقصد ”بيلڪ ميلنگ“ آهي جيڪو قطعي طور تي سياسي رويو نه آهي، پر سازش جو حصو آهي جنهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.