72 ڪلاڪن ۾ سنڌ مان وڏي استعيفيٰ اچڻ جو امڪان
ضمني چونڊن کانپوءِ ڪراچي ۾ سياسي ماحول اڃان تائين ٿڌو نه ٿيو آهي. گرما گرمي واري ماحول ۾ ڪراچي مان وڏيون سياسي خبرون ڪجهه ڏينهن ۾ اچي سگهن ٿيون. ايم ڪيو ايم اليڪشن ٿيڻ کانپوءِ سخت اختلافن جو شڪار ٿي وئي آهي. جڏهن ته الطاف حسين جي ڪامياب بائيڪاٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اهميت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي استعيفيٰ سامهون اچڻ جو امڪان آهي. ڇو ته فاروق ستار جي ايم ڪيو ايم سان اختلافن ۾ به ڪامران ٽيسوري هو ۽ اوچتو ايم ڪيو ايم بهادر آباد جي ويجهو اچي ويو هو. الطاف حسين هڪ صحافي کي انٽرويو ۾ چيو آهي ته مان ڪامران ٽيسوري جو پهريون ڀيرو نالو فاروق ستار ۽ ايم ڪيو ايم بهادر آباد جي جهيڙي کانپوءِ ٻڌو هو ۽ ٻڌو آهي ته هو ايم ڪيو ايم بهادر آباد جو سمورو خرچ سنڀالي ٿو. ذريعن موجب پيپلزپارٽي به هن مقرري مان خوش نه آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ۾ اختلافن جون خبرون پڻ سامهون آيون آهن، هن وقت خاص ڌرين تي ڪامران ٽيسوري جي مقرري کانپوءِ پوندڙ دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ هاڻي 72 ڪلاڪن دوران سندس استعيفيٰ سامهون اچي سگهي ٿي.

