دنيا جي سڀ کان وڏي آئي فون فيڪٽري ٻاهر مزدورن جو احتجاج
چين جي شهر زينگزو ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي آئي فون فيڪٽري جي ٻاهران سوين مزدور ڪمپني پاران مبينا معاهدي ۾ تبديلي جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب آءِ فون فيڪٽري ٻاهران سوين ملازمن جي ڪمپني جي مبينه ڪانٽريڪٽ ۾ تبديلين خلاف احتجاج ۽ مخالف ڌر جي قوتن سان جهيڙي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن. مزدورن جو چوڻ هو ته ڪمپني پاران مليل سبسڊي بابت ڪانٽريڪٽ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ کين قرنطينه دوران کاڌو به نه ڏنو پيو وڃي. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ ڏٺو ويو ته ملازم پنهنجن حقن جي تحفظ لاءِ نعريبازي ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته سندن احتجاج جاري رهندو.

