پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سنڌ: بلدياتي نمائندن کي مالي اختيارن جي فراهمي خلاف درخواست نبيري وئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ميئر ۽ چيئرمينن کي ڊي ڊي او پاور ڏيڻ جي نوٽيفڪيشن خلاف دائر درخواست واپس وٺڻ تي نبيري ڇڏي. ڪراچي جي بلدياتي نمائندن کي مالي اختيارن جي فراهمي جو نوٽيفڪيشن هلندڙ مهيني جي آغاز ۾ عدالت ۾ چيلنج ڪيو ويو هو، جنهن تي ٻڌڻي ٿي، جڏهن ته عدالت درخواستگذار طرفان درخواست واپس وٺڻ تي نبيرو ڪري ڇڏيو.